پاڪستان

ڏکڻ ايشيا ۾ ملڪ

مڪانيت: 30°N 70°E / 30°N 70°E / 30; 70

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.

اسلامي جمھوريہ پاڪستان
اسلامی جمہوریہ پاكستان (Urdu)
Islāmī Jumhūriyah Pākistān[1]
Flag مھر
Motto: Īmān, Ittiḥād, Naẓm
ايمان، اتحاد، نظم (Urdu)
"Faith, Unity, Discipline" [2]
Anthem: قومي ترانو
قومی ترانہ
"The National Anthem"[3]
Area controlled by Pakistan shown in dark green; claimed but uncontrolled region shown in light green.
Area controlled by Pakistan shown in dark green; claimed but uncontrolled region shown in light green.
Capital اسلام آباد
Largest city ڪراچي
24°51′36″N 67°00′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000
Official languages اردو[4][5][6][7][8]
انگريزي
Recognised national languages اردو
Regional languages پنجابي، سنڌي، پشتو، سرائڪي, بلوچي، ڪشميري، براھوي، شينا، بالتي، کوار، بروشسڪي، يدگھا، داميلي، ڪالاش، گوار-باتي، ڊوماڪي[9][10]
Ethnic groups (2016) 44.68% پنجابي
15.42% پشتون
14.1% سنڌي
8.38% سرائڪي
7.57% مھاجر
3.57% بلوچ
6.28% Others[11]
Religion 96.4% Islam (Official)[12]
3.6% others[11]
Demonym پاڪستان
Government وفاقي پارليامينٽري آئيني جمھوريت
 •  صدر ممنون حسين
 •  وزيراعظم شاهد خاڪان عباسي
 •  سينيٽ جو چيئرمين رضا رباني
 •  اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق
 •  چيف جسٽس ميان ثاقب نثار
Legislature پارليامينٽ
 •  Upper house سينيٽ
 •  Lower house قومي اسيمبلي
آزادي from the گڏيل بادشاھت
 •  خيال[13] 29 ڊسمبر 1930ع 
 •  ٺھراءُ 28 جنوري 1933ع 
 •  ٺھراءُ 23 March 1940 
 •  Dominion 14 آگسٽ 1947ع 
 •  اسلامي جمھوريہ 23 مارچ 1956ع 
Area
 •  Total 881,913 km2[lower-alpha 1][15] (33ھون)
307,374 sq mi
 •  Water (%) 2.86
Population
 •  2016 estimate 201,995,540[11] (6ھون)
 •  Density 244.4/km2 (56ھون)
633/sq mi
GDP (PPP) 2016 estimate
 •  Total $984.205 billion[16] (25ھون)
 •  Per capita $5,084[16] (137ھون)
GDP (nominal) 2015 estimate
 •  Total $270.961 billion[16] (43ھون)
 •  Per capita $1,427[16] (143ھون)
Gini (2013) 30.7[17]
medium
HDI (2014) سانچو:Steady 0.538[18]
low · 147ھون
Currency پاڪستاني رپيو (₨) (PKR)
Time zone PST (UTC+5b)
Drives on the left[19]
Calling code +92
Internet TLD .pk
Website
www.pakistan.gov.pk
a. See also پاڪستاني انگريزي.: 
b. See also Daylight saving time in Pakistan.

فهرست

وجود ۾ اچڻسنواريو

گڏيل هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ دوران هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽي منجهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي اختلافن کي اڀاريو ويو. نتيجي ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن مان مسلمانن کي ڪي شڪايتون پيدا ٿيون ۽ انهن مسلم ليگ نالي جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جي پلئٽفارم تان هندستان جي مسلمانن، مسلم اڪثريت وارن علائقن تي مشتمل ڌار ملڪ جو خيال پيش ڪيو. تڏهن مسلم ليگ، قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ 1940ع ۾ لاهور واري اجلاس ۾ هڪ مطالبو قراردار ذريعي منظور ڪرايو. ان کانپوءِ 1946ع ۾ ليگ ڪنوينشن دهليءَ هن قرارداد جي وضاحت لاءِ هڪ تجويز منظور ڪئي. اهي ٻئي قراردادون ”مينار پاڪستان“ لاهور تي اڪريل آهن. جنهن جو متن هيٺين ريت آهي.

مسلم ليگسنواريو

مسلمانن جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حفاظت جي سلسلي ۾ مسلم ليگ (Muslim league) هڪ وڏي پارڻي بڻجي اڀري ۽ محمد علي جناح، جنهن کي سروجني نيڊو ’سفير اتحاد‘ سڏيو آهي، سو به اڳتي هلي ڪانگريس کي ڇڏي اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.

محمد علي جناح کان گهڻو اڳ، ان قسم جي جدوجهد، سر سيد احمد جي زماني ۾ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏ آئيني سڌارن جو سلسلو به جاري هو، جنهن ڪري، آهستي آهستي مسلمانن جي الڳ حيثيت ٺهندي وئي، مسلمانن جي الڳ حيثيت جي جو سلسلو ان ميموريڊم کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو، 1 آڪٽوبر 1906ع تي مسلمانن جي هڪ وفد سر آغا خان (Sir Agha Khan) جي اڳواڻيءَ ۾، وائسراءِ هند لارڊ منٽو (Lord Mintto) کي پيش ڪيو.

1909ع ۾ منٽو مارلي سڌارن، مسلمانن جي آئيني جدوجهد جي لاءِ چڱا موقعا پيدا ڪيا.

1919ع ۾ مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن ۾، مسلمانن جي الڳ حيثيت جو اصول مڇيو ويو.

1934ع ۾ محمد علي جناح، مسلم ليگ جو مستقل صدر بڻايو ويو،

اڳتي هلي 1948ع ۾ محمد علي جناح، هندو مسلم اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ’چوڏهن نڪات‘ پيش ڪيا. جناح جي ان قدم سان مسلمانن جي الڳ حيثيت لاءِ راهه هموار ٿي.

1935 ۾ گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ جي تحت صوبائي خودمختياري لاڳو ٿي. جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي، اتي کين مڪمل سياسي اقتدار حاصل رهيو، اڳتي هلي ’پاڪستان‘ جي ٺهڻ تائين پهتو.

1 اپريل 1937ع ۾ نئون قانون هند لاڳو ٿيو ۽ 36- 1937ع ۾ چونڊو ڪرايون ويون. ڪانگريس کي مدراس، يوپي، بمبئي، سي پي، بهار، اوڙيسا ۽ سرحد، ستن صوبن ۾ اڪثريت حاصل ٿي؛ پنجاب، سنڌ، بنگال ۽ آسام ۾ مسلمانن کي ڪاميابي ملي.

ڪانگريس وزارتونسنواريو

مسلم ليگ، 10 مارچ 1938ع تي، هڪ ڪاميٽي راجا سيد محمد مهدي آف پيرپور جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي، جنهن جي حوالي اهو ڪم لڳايو ويو ته هو انهن واقعن جي تحقيق ڪري، جي واقعا ڪانگريس وزارتن جي دور ۾ رونما ٿيا آهن. ان ڪاميٽيءَ جي رپورٽ پيرپور رپورٽ (Pirpur Report) جي نالي سان پڌري ٿي.

پيرپور ’رپورٽ کان پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڪوپ لينڊ جي رپورٽ پڌري ٿي، جنهن ڪانگريس حڪومتن لاءِ هيٺين رپورٽ درج ڪئي آهي:

آڪٽوبر 1937ع جي شروعات کان وٺي، سيپٽمبر 1939ع جي آخر تائين، ڪانگريسي صوبن ۾، 57 زبردست فساد ٿيا. انهن مان بهار ۾ 15، يو پي ۾ 14، سي پيءَ ۾ 11، مدراس ۾ 8، بمبئيءَ ۾ 7، اوڙيسا ۾ 1 ۽ سرحد ۾ 1، انهن فسادن ۾ قتل ٿيلن جو اندازو 17000 هزار هو!“

اهو فسادن جو سلسلو هلندو رهيو. 1944ع ۾ محمد علي جناح، علي ڳڙه ۾ هڪ تقرير ۾ تقرير ڪئي.

پشاور ۾ 27 نومبر 1945ع تي جناح مزيد وضاحت ڪندي فرمايو: ”اسان ٻنهي قومن ۾، صرف مذهب جو فرق ناهي؛ اسان جو ڪلچر، هڪ ٻئي کان جدا آهي؛ اسان جو دين، اسان کي هڪ جداگانه قانون حيات ٿو ڏئي، جو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان ان نصب العين تي زندگي گذارڻ گهرون ٿا.“ [20]

جون 1945ع ۾، فرنٽيئر مسلم اسٽوڊنٽس جي نالي پنهنجي پيغام ۾ محمد علي جناح فرمايو: ”پاڪستان مان اسان جو مطلب اهو ناهي ته اسان غير ملڪي حڪومت کان آزادي ٿا گهرون، پر ان مان اها مراد آهي ته اسان جو ’اسلامي نطريه حيات‘ هجي، جنهن جي حفاظت ضروري آهي. اسان کي رڳو پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻي ناهي، پر قابل به ٿيڻو آهي، جيئن اسان ان جي حفاظت به ڪري سگهون ۽ اسلامي تصورن ۽ اصولن تي زندگي به گذاري سگهون.“

ان حوالي سان، جواهر لال نهرو اعلان ڪيو ته: ”هندوستان ۾ رڳو ٻه قومون آهن، هڪ انگريز ٻي ڪانگريس!“

جنهن جي جواب ۾ جناح چيو ته ”بيشڪ! ٽين قوت به آهي، جيڪا آهي مسلمان!

1946ع ۾، برطانيه مان هڪ وزارتي مشن آئي، جنهن هندو مسلم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر مسلمانن ان کي رد ڪري ڇڏيو. ان جي رد عمل طور بمبئيءَ ۾ مسلم ڪائونسل ’راست اقدام‘ جو اعلان ڪيو.

16 - آگسٽ 1946ع تي ڪلڪتي ۾ وڏا فساد ٿيا، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي ويا، ان کان پوءِ بمبئي، ڳڙه مڪتيشر، ڪوئٽا ۽ الهه آباد ۾ فساد ٿيا. نواکلي ۽ بهار ۾ خونريز واقعا ٿيا، هزارين شهري ماريا ويا، ڪروڙن جي جائداد ساڙي وئي. محمد علي جناح اعلان ڪيو ته: ”پاڪستان هاڻي مسلمانن لاءِ زندگيءَ جو هڪ لازمي شرط بنجي چڪو آهي، ان کي دنيا جي ڪا به طاقت ٽاري نه ٿي سگهي!“ [21]


پاڪستان جو ٺهراءُ/ قرارداد لاهورسنواريو

(آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ منظور ٿيل: 22 کان 24 مارچ 1940ع).

  • (1) آئيني مسئلي تي آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ مجلس عامله جي هن پيش قدميءَ جي تائيد ۽ توثيق ڪندي، جيڪا 27 آگسٽ، 17- 18 سيپٽمبر، 22 آڪٽوبر 1939ع ۽ 3 فيبروري 1940ع جي قراردادن مان واضح ٿئي ٿي. آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس پر زور طريقي سان اهو دهرائي ٿو ته، اهو وفاقي منصوبو، جنهن جو اظهار گورنمنيٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ ڪيو ويو آهي. بلڪل غير موزون، هن ملڪ جي خاص حالتن جي پيش نظر ناقابل عمل ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ مڪمل طور ناقابل قبول آهي.
  • (2) هن اجلاس جي اها حتمي راءِ آهي ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي جيڪو اعلان وائسراءِ، حڪومت جي طرفان ڪيو هو، اهو ان حد تائين ته اطمينان بخش آهي، جو جنهن ملڪ ۽ منصوبي تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ٻڌل آهي. ان تي هندستان جي مختلف جماعتن، مفادن ۽ فرقن جي مشوري سان ٻيهر غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي، پر هندستان جا مسلمان ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندا، جيستائين پوري آئيني منصوبي تي ٻيهر نئين سر غور نه ڪيو ويندو ۽ ڪو به نئون منصوبو انهن جي رضامندي ۽ منظوري سان مرتب نه ڪيو ويندو.
  • (3) طئي ٿيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هيءَ منظور شده راءِ آهي، ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ قابل عمل ۽ مسلمانن لاءِ قابل قبول نه هوندو، جيستائين اهو هيٺ ڄاڻايل بنيادي اصولن تي وضع نه ڪيو وندو، يعني جاگرافيائي طور ويجهڙائي وارن علائقن جي حد بندي اهڙي خطي ۾ ڪئي وڃي، جو جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مثلاً: هندستان جا اتر اولهندي ۽ اڀرندي وارا حصا. انهن جي تشڪيل اهڙي ته آزاد رياستن جي صورت ۾ ڪئي وڃي، جو اهي خود مختيار ۽ مقتدر هجن.

گڏوگڏ انهن ويجهڙائي وارن علائقن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ مؤثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، انهن جي ٻين اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان شامل ڪيو وڃي.

وڌيڪ هيءُ اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته اها انهن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪري، جنهن جي مدد سان ذڪر ڪيل علائقن کي پورا اختيار حاصل ٿي وڃن، جيئن: دفاع، پرڏيهي مامرا، مواصلات، محصولات ۽ ٻيا مامرا جيڪي ضروري سمجهيا وڃن.

ان کان پوءِ 1946ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان ”قرارداد“ ۾ تبديلي آڻي، ”آزاد ۽ خود مختيار رياستن“ جي جاءِ تي ”هڪ رياست (State)“ جو لفظ ڪم آندو ويو.

1946ع واري دهلي قرارداد: قرارداد پاڪستان جي وڌيڪ تشريح هن ليگ ڪنوينشن جي هڪ قرارداد ۾ مرڪزي ۽ صوبائي قانون ساز مجلس جي چونڊيل ميمبرن گڏيل راءِ سان ڪئي، جيڪا قائداعظم جي صدارت ۾ 9 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ٻين مامرن مان صرف هي نڪتو واضح ڪيو ويو ته: ’هندستان جي اتر اڀرندي ۾ بنگال ۽ آسام ۽ اتر الهندي ۾ پنجاب، صوبو سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان، يعني مسلم اڪثريت وارا علائقا آهن، اتي واحد ۽ خود مختيار مملڪت جي تشڪيل ڪئي وڃي ۽ ان امر جو واضح اعلان ڪيو وڃي ته پاڪستان جو قيام بنا دير عمل ۾ آندو وڃي.

پهرئين قراردادسنواريو

ان کان پوءِ پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان پهرين اپريل 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ پاس ڪيو هو. انگريز دؤر ختم ٿيڻ سان هندستان کي ٻن آزاد ملڪن: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهايو ويو. پاڪستان جي حصي ۾ برطانوي هند جا اتر الهندي وارا پرڳڻا آيا، جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي، جهڙوڪ: اولهندو پنجاب، سنڌ، بهاولپور رياست، خيرپور رياست، بلوچستان ۽ سرحد صوبو (هاڻوڪو خيبر پختونخوا) ۽ اُن جون رياستون آيون. اوڀر بنگال وارو حصو به پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو ”مشرقي پاڪستان“ سڏيو ويو. پاڪستان جي اڀرندي حصي ۾ اوڀر بنگال ۽ سلهٽ جو ضلعو شامل ٿيا. ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڪو فيصلو نه ڪيو ويو. ڪاٺياواڙ جي ڪجهه رياستن جهڙوڪ: جهوناڳڙهه، ماناوادر ۽ مانگرول جو پاڪستان سان ظاهري الحاق ڪيو هو، پر عملي طرح ٿي نه سگهيو. حيدرآباد دکن پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو هو، پر اها رياست ڀارت سان ئي رهي.

ايراضي ۽ حدونسنواريو

شروع ۾ پاڪستان پنجن صوبن ۽ ڪجهه رياستن تي مشتمل هو، پر 1954ع ۾ الهندي حصي جي سمورن صوبن ۽ رياستن کي ملائي ”وَن يونٽ“ ٺاهيو ويو ۽ ملڪ جو الهندو حصو ”مغربي يا اولهه پاڪستان“ سڏيو ويو ۽ بنگال کي ”مشرقي يا اوڀر پاڪستان“ سڏيو ويو. مغربي پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان جي حدن ۾ ايندڙ رياستون شامل هيون. پاڪستان جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڀارت جو هڪ هزار ميلن تي محيط ملڪ هو. اوڀر پاڪستان جي اتر، اولهه توڙي اوڀر ۾ ڀارت، ۽ ڏکڻ ۾ بنگال جو اپسمنڊ هو. اولهه پاڪستان جي حدن جي اتر اوڀر ۾ ڀارت آهي. ان وقت پاڪستان جي ڪل ايراضي 363529 چورس ميل هئي. اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي 90 سيڪڙو زمين سنوت واري هئي، جنهن کي ”گنگا واديءَ واري زمين“ چيو ويندو آهي. هن واديءَ ۾ ٽي مکيه درياهه آهن: گنگا (پدما)، برهمپترا (جمنا) ۽ مينگهنا. ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ چٽگام جون پهاڙيون آهن، جيڪي آسام جي جبلن ۽ برما جي پهاڙن جون شاخون آهن. انهن پهاڙين جي لهواري حصي ۾ تمام گهڻي برسات پوندي آهي. هن علائقي جي مشهور ندي ’ڪرنافلي‘ آهي.

پاڪستان سان اوڀر بنگال جي شرڪت 24 سال رهي، ان بعد پاڪ- ڀارت جنگ جي نتيجي ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي ”بنگلاديش“ جي نالي سان نئون ملڪ وجود ۾ آيو. هن ملڪ کي قديم تاريخي پسمنظر اڳ ئي هو. پاڪستان کان بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا، جن ۾ پهريون وڏو سبب هڪ هزار ميلن جو فاصلو هو، جنهنڪري ان علائقي جي سرحدن جي صحيح طرح سنڀال نه پئي ٿي سگهي. ٻيو سبب سياسي ادارن ۾ اڻبرابريءَ جو هو. اولهه پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو جاگيردار ۽ وڏا زميندار چونڊجي ٿي آيا، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو وچولي طبقي جا نمائندا اسيمبلين ۾ چونڊبا هئا. ان ڪري ڪنهن به معاملي تي منجهن هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڀارتي مداخلت هو، جنهن پاڪستان خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.

جاگرافي، آبھوا ۽ ماحولسنواريو

ارضياتي طور پاڪستان کي هيٺين ٽن خطن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

جابلو علائقوسنواريو

پاڪستان جي اتر ۽ اولهه ۾ جابلو علائقو آهي. هن ۾ اتر وارا جبل، هماليه جون شاخون آهن، جن جون قطارون ديوارن وانگر هڪٻئي پٺيان بيٺل آهن. انهن ۾ چترال ۽ مريءَ جا پهاڙ، ڪاغان وادي ۽ قبائلي علائقن جا پهاڙ شامل آهن. انهن جبلن مان هماليه جبل جي سراسري اوچائي 20 هزار فوٽ آهن، جنهنڪري اُن جون چوٽيون سدائين برف سان ڍڪيل رهنديون آهن، گلگت جي ويجهو نانگاپربت جي چوٽي 26 هزار فوٽ اوچي آهي، ۽ قراقرم جابلو قطار ۾ K-2 جي پهاڙي 28250 فوٽ اوچي آهي، جتي وسيع برف موجود رهندي آهي. اتر- اولهه واريءَ سرحد تي هندوڪش جبل پکڙيل آهي، جنهن جي چوٽي (تيرچ مير) 25353 فوٽ آهي. پهاڙي لڪن جهڙوڪ: بابُوسر، دره خنجراب ۽ لواري وغيره به گهڻو ڪري برف سان ڍڪيل هوندا آهن، گرمين ۾ برف ڳرڻ کان پوءِ ئي آمدرفت ٿيندي آهي.

ميداني علائقوسنواريو

پاڪستان جو تقريباً اوڀر وارو حصو ميداني آهي. ان کي سنڌو ماٿري چوندا آهن، ڇوته سنڌو درياهه ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون: ڪابل، جهلم، ستلج، راوي، بياس ۽ چناب آهن. سنڌو درياهه وارو علائقو وسيع ميدان آهي، جيڪو ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي، اُن جا ٻه حصا آهن؛

  • (الف) سنڌوءَ جو مٿيون حصو: هن حصي ۾ پنجاب ۽ بهاولپور جا علائقا شامل آهن. هتي جي زمين زرخيز آهي، ڇو ته هتي نهرن جو ڄار وڇايل آهي. بهاولپور واري خطي ۾، اوڀر طرف جيڪو حصو خشڪ آهي، ان کي ”چولستان“ چوندا آهن.
  • (ب) سنڌوءَ جو هيٺاهون ميدان: هن حصي ۾ سنڌو درياهه جو پيٽ وڌيڪ ويڪرو آهي. اُن کان سواءِ برسات جي اڻاٺ سبب ڪجهه زمين ريگستان بنجي وئي، انهيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وٽان بئراج ٺاهي، ڪيتريون ئي شاخون ڪڍيون ويون آهن.

مٿانهون پٽ: هن علائقي جا ٻه حصا آهن: (الف) پوٺوهار، جهلم درياهه جي ڪناري سان، ٻه هزار فوٽ اوچو جابلو لوڻ (سينڌي لوڻ) جو پهاڙي سلسلو الهندي طرف هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ هر هنڌ لوڻ جون ڇپون ملن ٿيون. اهو سڄو علائقو باراني آهي. ان ۾ گاسليٽ، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. ڪوهستان لوڻ، جهلم نديءَ جي الهندي ڪناري سان لڳو لڳ ڏکڻ اولهه طرف سنڌو درياهه تائين پکڙيل آهي. ان سلسلي جي اوچائي لڳ ڀڳ ست سؤ ميٽر ٿيندي. ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولهه وارن جبلن وچ ۾ پوٺوهار جو مٿانهون پٽ آهي. ان ۾ اٽڪ، راولپنڊي (خاص ڪري ڪوهه مري ۽ ڪهوٽا جا علائقا) ۽ جهلم ضلعو شامل آهن.

  • (ب) سليمان جبل ۽ کيرٿر جبل جي الهندي ۾ بلوچستان نهايت مٿانهون علائقو آهي، جنهن جي اوچائي 600 کان 900 ميٽر ٿيندي. هتي جي هوا نهايت خشڪ آهي ۽ برسات نه پوڻ ڪري سبب صوبي جي گهڻي ايراضي غيرآباد آهي. وچ ۾ لوڻ واري پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، اترئين حصي ۾ ڪروميم جا ذخيرا ملن ٿا.

آبهواسنواريو

پاڪستان پُوري پُني ڪمربند ۾ اچي ٿو. پاڪستان جو گهڻو حصو سمنڊ کان پري آهي ۽ اتر ۾ اوچا جبل اٿس. اهوئي سبب آهي، جو هتان جي آبهوا مجموعي طور خشڪ ۽ گرم آهي. گرميءَ جي موسم ۾ پاڪستان جو گرمي پد سڀ کان وڌيڪ سبي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ آهي. تازو جون 2010ع ۾ موهن جي دڙي واري علائقي۾ گرمي پد 54 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو هو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ٿيو. ان کان اڳ سبي، جيڪب آباد، سکر ۽ نوابشاهه ۾ وڌ کان وڌ 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد مختلف وقتن تي رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته سياري ۾ پاڪستان ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ برسات تمام گهٽ پوندي آهي. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سراسري 5 انچ برسات پوندي آهي. پاڪستان ۾ وڻڪار جي ايراضي هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان وڌيڪ آهي، جيڪو ملڪ جي جملي ايراضيءَ جو ساڍا 4 سيڪڙو آهي. پاڪستان جو گهڻو علائقو ويران ۽ خشڪ آهي. هتي فقط 2 سيڪڙو ٻيلا ۽ جهنگ آهن. گهڻي وڻڪار اترئين ۽ اولاهين پهاڙي علائقي ۾ آهي. اڪثر درياهي ڪنارن تي ٻيلا آهن. ميداني علائقن ۾ ٽالهي، توت، ٻٻر ۽ لئيءَ جا وڻ ٿيندا آهن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ انب، ڪيلا، زيتون، سنگتڙا ۽ مالٽا وغيره ٿيندا آهن. بلوچستان ۽ صوبي سرحد ۾ بادام، صوفن، زردالن ۽ انگورن وغيره جا باغ گهڻا آهن. جابلو ايراضيءَ ۾ جدا جدا اوچائيءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٿيندا آهن. مثال طور: ٽن هزارن فوٽن جي اندر چِنار وغيره جا وڻ ٿيندا آهن. ٽن هزارن فوٽن کان مٿي چيل ۽ ديال جا وڻ آهن. ستن هزارن فوٽن تي صنوبر جا وڻ ۽ ڏهن هزارن فوٽن تي فقط ”برج“ جا وڻ ٿيندا آهن. انهن جهنگن ۾ بي انداز ٻوٽيون ۽ گل ٿيندا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ’سوات‘ جا پهاڙ قابل ذڪر آهن.

جانور ۽ ٻوٽاسنواريو

پاڪستان ۾ قسمين قسمين جانور/ جاندار ملن ٿا، جن ۾ شينهن، برفاني چيتا (هماليه ۽ چترال ۾)، جهنگراڙ ٻلا (ريگستاني علائقن ۾)، مُشڪ ٻليون، نوريئڙا، چراخ، ڳورپٽ، بگهڙ، لومڙ، گدڙ، ڪتا، رڇ، ڀولڙا، لڌڙا، گڏهه، ٻڪريون، رڍون، مارخور (بلوچستان، چترال ۽ سوات ۾)، سرهه ۽ گڍ (سنڌ جي جابلو علائقي ۾)، هرڻ (ڪارو هرڻ سنڌ جي ريگستاني علائقي ۾)، روجهه (نيل گانءِ)، ڦاڙها، مشڪ هرڻ، سانڀر، سُوئر، ڍڳيون/ گانيون، مينهون، گهوڙا، اُٺ ۽ ٻُلهڻ (سنڌو درياهه ۾) شامل آهن.

پکي:پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن قسمن جا پکي عام جام ٿين ٿا، جن ۾: تتر، تلور، ٻٽير، چڪور، ٻَگهه، بدڪ، مرغابيون، مينا، مَور، ڪوئل، هُد هُد (ڪاٺ ڪُٽو)، طوطا، ڪبوتر، ڳيرا، ڪانوَ، جهرڪيون، ڪڪڙ، ڊيلون، نيرڳيون، آڙيون، ابابيل، سرڻيون، ڳجهون، باز، عقاب ۽ شڪرا وغيره اچي وڃن ٿا.

ريڙهيون پائيندڙ جانور: پاڪستان ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانورن ۾ واڳون، مانگر مڇ، ڪڇون، ڪرڙيون، سانڊا، گِلوئيون، مڇيون (ڪُرڙا، پلا، موراکيون ۽ پاپليٽ وغيره اچي وڃن ٿا)، سامونڊي پيداوار ۾ مرجان ۽ جهينگا قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ٻيا به هزارين جيت ۽ سُرڻا هن سرزمين جي پيداوار آهن.

ٻيلا ۽ جهنگلسنواريو

پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان به گهٽ آهي. اهو اندازو مجموعي ايراضيءَ جو ساڍا چار سيڪڙو آهي، ان مان اڌ وڻن جو ڪاٺ اڏاوتن ۽ ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو، باقي حصو بيڪار ٻوٽن ۽ ولين تي مشتمل آهي. اهوئي سبب آهي، جو ٻيلن جي پيداوار اڻ پوري آهي، انهيءَ ڪري ملڪ لاءِ عمارتي ڪاٺ ٻين ملڪن مان گهرائڻو پوندو آهي. حڪومت جي اها ئي ڪوشش آهي ته جديد طريقن سان موجوده ٻيلن کي ترقي ڏني وڃي.

معيشتسنواريو

ڏسو مک مضمون:پاڪستان جي معيشت

زراعتسنواريو

پاڪستان بنيادي طور هڪ زرعي ملڪ آهي. هتان جي مکيه پيداوار ۾: ڪڻڪ، ڪپهه، چانور، ڪمند، سڻي، تيلي ٻج، ڀاڄيون ۽ ميوا شامل آهن. زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ حڪومت زرعي سڌارا نافذ ڪيا آهن. زرعي سڌارن جو مقصد زراعت کي وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن جي هڪ هٽي کان بچائڻ، هاري ۽ زميندار جي ناتن کي سڌارڻ، ايراضيءَ جي ونڊ ورڇ جي ڪم کي سولو بنائڻ ۽ زراعت ۽ مشينريءَ جي استعمال کي ممڪن بنائڻ هوندو آهي. ان ريت هٿرادو ڀاڻ، سٺا ٻج ۽ زرعي قرض سولائي سان ڪتب آڻي سگهجن ٿا. 1958ع کان اڳ زرعي سڌارا جدا جدا صوبن ۾ محدود پيماني تي نافذ ڪيا ويا هئا. انهن کي نافذ ڪري واسطيدار صوبن جي مرضيءَ تي ڇڏيو ويو هو، جنهنڪري جنوري 1959ع ۾ مختلف صوبن ۾ اڻپورا سڌارا نافذ ڪيا ويا. انهن پٽاندڙ ڪو به ماڻهو پنج سؤ ايڪڙ نهري يا هڪ هزار ايڪڙ باراني ايراضي کان وڌيڪ زمين رکي نه پئي سگهيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اولهه پنجاب جي علائقن ۾ في ايڪڙ پيداواري يونٽن جو اندازو مقرر ڪيو ويو هو. سٺي زمين جي هڪ ايڪڙ ۾ 72 پيداواري يونٽ مڃيا ويندا هئا. ان ريت ڪو به ماڻهو 36000 پيداواري يونٽن کان وڌيڪ زمين پاڻ وٽ رکي نٿي سگهيو، البت ان ايراضي کانسواءِ هڪ زميندار وٽ 150 ايڪڙ باغن لاءِ ۽ 183 ايڪڙ ايراضيءَ تائين ورهائي سگهيو ٿي. ان ايراضيءَ کانسواءِ باقي سڄي ايراضي حڪومت وٺي، هارين ۽ حقدار آبادگارن ۾ ورهائي ڇڏي. 1972ع ۽ 1977ع جي دوران ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ زرعي آندا ويا. انهن سڌارن تحت هارين ۽کي زرعي مقصدن جي لاءِ بهتر سهولتون ۽ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شامل هئا. انهن سڌارن موجب زمين جي حد ملڪيت ۾ ڪمي ڪري هڪ فرد جي حد ملڪيت 500 نهري ايڪڙن مان گهٽائي 100 ايڪڙ ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح غير نهري ايراضيءَ جي في سيڪڙو حد ملڪيت 300 ايڪڙ ڪئي وئي. انهن سڌارن تحت هارين کي زرعي مقصدن لاءِ گهڻيون سهولتون ۽ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شامل هئا.

صنعت ۽ حرفتسنواريو

گڏيل پاڪستان سڻيءَ جو گهر هوندي، پاڪستان ۾ سڻيءَ جو هڪ به ڪارخانو موجود نه هو، جيڪي هئا سي به ننڍا ۽ معمولي درجي جا هئا. ورهاڱي کان اڳ کنڊ ٺاهڻ جا ننڍا ننڍا ڪارخانا هئا. فقط اٽي پيهڻ جون چڪيون، هڪ ٻه بسڪوٽ ٺاهڻ جا ڪارخانا، هڪ اڌ شراب ٺاهڻ ۽ بناسپتي گيهه جا ڪارخانا هئا. ورهاڱي کان پوءِ صنعتن ۾ واڌارو آيو. ملڪي ضرورت واريون شيون ٻاهران گهرائڻ بدران پاڪستان ۾ ئي ٺهڻ شروع ٿيون. ان مقصد سان ترقياتي بورڊ، پاڪستان صنعتي مالياتي ڪارپوريشن (جنهن اڳتي هلي صنعتي ترقياتي بئنڪ (I.D.B.P) جو روپ ورتو، صنعتي سرمايه ڪاري ڪارپوريشن، ٽيرف ڪميشن، ڇهن سالن واري رٿا، صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن، گهريلو هنرن جي صنعت، پهرين پنج ساله رٿا (1955ع کان 1960ع) ٻي پنج ساله رٿا (1965ع تائين)، ٽين پنج ساله رٿا (1970ع تائين)، چوٿين پنج ساله رٿا (1975ع تائين) ۽ انهن کان علاوه وقت بوقت پاڪستان ۾ سائنسي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ادارا پڻ قائم ٿيندا رهيا. هن وقت پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي صنعتون قائم آهن. جن ۾ لوهه، کنڊ، گيهه جا ڪارخانا ۽ سمال انڊسٽريز ۾ پڻ واڌارو آيو آهي. جڏهن ته اڃا به وڌيڪ پرڏيهي سيڙپ ۽ صنعتي موقعن جي ضرورت گهڻي آهي. ملڪ ۾ هن وقت فولاد جا ڪارخانا (ڏسو: پاڪستان اسٽيل ملز)، ڪپڙي جون صنعتون، کاڄرو تيل، ڪيميڪل انڊسٽري، سيمينٽ، شگر ملز، چمڙي ۽ ڪپهه جا ڪارخنا وڏي تعداد ۾ موجود آهن، پر پوءِ به عالمي سطح تي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت پيش اچي ٿي.

قدرتي وسيلاسنواريو

سڄو پاڪستان هر قسم جي کاڻين سان مالامال آهي، جهڙوڪ: ڪوئلو، سينڌو لوڻ، تيل ۽ گئس، ڪرومائيٽ، جپسم، گندرف، لوهه، سنگمرمر، سُرمو ۽ جست وغيره. توانائيءَ جو استعمال: ڪوئلي ۽ معدني تيل جي کوٽ جي صورت ۾ زراعت ۽ صنعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ بجليءَ جي سخت ضرورت پوندي آهي. پاڪستان ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جتي درياهن ۽ نهرن مان آبشارن ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مالاڪنڊ- درگئي منصوبو، پن بجلي رسول منصوبو، وارسڪ ڊئم منصوبو ۽ منگلا ڊئم کان سواءِ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي آبشار ٺاهي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي.

ڪوئلوسنواريو

توانائيءَ جي پيداوار ۾ ڪوئلو به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ لڌا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب جي مڪڙوال، بلوچستان جي خوست، مچ ۽ هرنائي واري علائقن ۽ سنڌ ۾ ٿر کان علاوه جهمپير ۽ لاکڙا ۾ به ڪوئلو ملي ٿو. پنجاب 0.257 (ارب ٽن)، بلوچستان 0.196 (ارب ٽن)، خيبر پختونخوا 0.082 (ارب ٽن)، سنڌ184.123 (ارب ٽن). سنڌ ۾ لاکڙا، ضلعي دادو ۾1.328 (ارب ٽن)، جهرڪ، جهمپير ۽ ميٽنگ، ضلعي ٺٽي ۾ 7.112 (ارب ٽن)، ضلعي بدين ۾0.16 (ارب ٽن) ۽ ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ 175.505 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن.

ٿر جو ڪوئلو:1988ع ۾ برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ (ODA) اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ ٿهاريي هاليپوٽا ۾ ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڪامياب ٿي. 1989ع ۾ هڪ تنظيم ‘GSP/ UGS’ ڇاڇري جي ڀرسان سازدا طرفان کوٽايل پاڻيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو ۽ ٻڌايو ته ٿر واري رڻ پٽ ۾ ڪوئلي جو وسيع ذخيرو موجود آهي. فيبروري 1992ع ۾ ٿر ۾ ڪوئلي جي موجودگيءَ لاءِ ڊرلنگ وسيلي چار سوراخ ڪيا ويا. هن وقت تائين ٿر ۾ 9100 چورس ڪلوميٽرن کان مٿي ايراضيءَ ۾ 224 ڊرل سوراخ ڪيا ويا آهن ۽ مجموعي طور ٿر مان 175 ارب ٽن ڪوئلي ملڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن سان دنيا ۾ ڪوئلي جي پيداوار وارن ملڪن ۾ پاڪستان ستون نمبر وڏو ملڪ شمار ٿيندو. ٿر ۾ ڪوئلي جي ايراضيءَ جو وچور هن ريت آهي:

  • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو سنڌ جي اوڀرندي طرف ٿر واري رڻ پٽ ۾ آهي ۽ اهو علائقو ويڪرائي ڦاڪ 24030’ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7003’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي واري ايراضيءَ جي پکيڙ اٽڪل 9100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. (اها ايراضي ٿر جي ڪل ايراضي 22000 چورس ڪلوميٽرن مان آهي) ۽ اها (اتر- ڏکڻ) طرف 140 ڪلوميٽر ۽ (اوڀرندي- اولهندي) طرف 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي.
  • ڪوئلي جي هن ذخيري جي حساب سان ڪوئلي جي پيداوارن وارن وڏن 12 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ستون نمبر بيهي ٿو.
  • ٿر جي ڪوئلي جو معيار لگنئيٽ A کان B آهي، جيڪو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي.

ٻارڻ ۽ معدنياتسنواريو

پاڪستان جي قيام وقت ڪوئلو، ڪچو لوهه ۽ ٻي معدنيات ڀارت جي حصي ۾ آيون. پاڪستان ۾ معدني کاڻيون نه هئڻ جي برابر هيون ۽ انهن جي پيداوار ملڪي ضرورت ۾ ناڪافي هئي. انهيءَ ڪري ٻاهران گهرائڻ ۾ گهڻو سرمايو ضايع ٿيندو هو. گذريل 25/30 سالن ۾ معدنيات جي ڳولا ۾ جيڪي قدم کنيا ويا، ان جو خاطر خواهه نتيجو نڪري رهيو آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي.

تيلسنواريو

1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ساڍا چار لک ٽن هئي، جنهن مان ملڪ جي 12 سيڪڙو ضرورت پوري ٿيندي هئي. هن خطي ۾ تيل جو پهريون کوهه 1886ع ۾ ڪُنڊل (پنجاب) ۾ کوٽيو ويو هو ۽ 1915ع ۾ پوٺوهار ۾ تيل جو ذخيرو معلوم ٿيو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ خيرپور ضلعي مان تيل نڪتو. قيام پاڪستان بعد تيل جي ڳولا جاري رهي. 1949ع ۾ چڪوال ۾ تيل ملڻ ۾ ڪاميابي ٿي، 1950ع ۾ برما آئل ڪمپنيءَ جي شراڪت سان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪمپنيءَ 1952ع ۾ سُئي جي ڳوٺ (بلوچستان) وٽ گئس ڳولي لڌي. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن جون ڪمپنيون تيل جي ڳولا ۾ مصروف آهن. سنڌ جي بدين، دادو، حيدرآباد ۽ سانگهڙ وارن علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن. اٽڪ آئل ڪمپني، راولپنڊيءَ جو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل 50 سالن ۾ ٻيو ڪارخانو 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ٽيون ڪارخانو 1966ع ۾ قائم ٿيو. ٻنهي ڪارخانن جي پيداوار 41 لک ٽن سالياني آهي. هن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيل دريافت ٿيو آهي، جتي پلانٽ لڳائي تيل جي صفائي ڪري توانائي طور ڪتب آڻجي ٿو. سنڌ ۾ خيرپور کانسواءِ دادوءَ جي جوهي تعلقي (ڀت جبل)، بدين ضلعي جي گولاڙچي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڌارو ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ جي عادلپور واري علائقن ۾ به تيل جا کوهه دريافت ٿيا آهن (وڌيڪ ڏسو: پيٽروليم). قدرتي گئس: مغربي پاڪستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان هن وقت تقريباً 82 ارب مڪعب فوٽ گئس سالياني نڪري ٿي. ان جو 47 سيڪڙو ڪيميائي ڀاڻ جي تياريءَ ۾ ڪچي مال طور استعمال ٿيندو آهي ۽ 48 سيڪڙو گئس گهرو استعمال ۾ ايندي آهي. گئس جو وڏو ذخيرو بلوچستان جي ’سُئي‘ واري علائقي ۾ آهي، جتان پاڪستان جو اڪثر حصو گئس جي سهولت ماڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڀِت جبل، قادرپور ۽ حيدرآباد مان به گئس لڌي وئي آهي.

خام لوهه/ ڪچو لوههسنواريو

اندازو آهي ته پاڪستان ۾ 40 لک ٽن کان به وڌيڪ لوهه جا ذخيرا آهن. لوهه جو گهڻو ذخيرو مڪڙوال ۽ ڪالاباغ واري علائقي ۾ آهي. ان کان سواءِ هزارا ۽ چترال ۾ به کاڻيون موجود آهن. چاغي (بلوچستان) ۾ به اعليٰ قسم جو لوهه مليو آهي. معدنيات جي لحاظ کان بلوچستان شاهوڪار خطو آهي.

لوڻسنواريو

پاڪستان ۾ نهايت ئي اعليٰ قسم جو لوڻ ملي ٿو. سمنڊ جي پاڻيءَ مان به لوڻ ٺاهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جابلو لوڻ جون 6 کاڻيون آهن، جن مان کيوڙا (ضلعي جهلم) جي سڀ کان وڏي کاڻ مشهور آهي. معدني پيداوار جي انهن کاڻين ۽ ذخيرن کان سواءِ ٻيون به قيمتي کاڻيون آهن. مثال طور جپسم، ڪرومائيٽ، سنگمرمر، چُن جو پٿر، چيني مٽي ۽ شيشي ٺاهڻ لاءِ واري وغيره.

پاڻيسنواريو

پاڪستان ۾ 19 ڪروڙ 90 لک ايڪڙ ايراضيءَ مان فقط 6 ڪروڙ 60 لک ايڪڙ زمين اهڙي آهي، جيڪا پاڻي جي سهوليت هجڻ تي آبادي ڪري سگهجي ٿي. هن وقت تائين فقط اڍائي ڪروڙ ايڪڙ ايراضي واهن ذريعي آباد ٿيندي آهي. پهرين ۽ ٻي پنج ساله منصوبي ۾ ڪن رٿائن جي شروعات ٿي، مثلاً: سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج، وارسڪ ڊئم، جناح بئراج، چشمه بئراج، گڊو بئراج، تونسه بئراج ۽ راول ڊئم وغيره. ٽئين پنج ساله منصوبي ۾ هيٺيان ڪم مڪمل ڪيا ويا. ڪوهاٽ جي ويجهو 116 فوٽ اوچو، 2200 فوٽ ڊگهو بند تعمير ڪيو ويو، جيڪو ٽنڊا ڊئم جي نالي سان مشهور آهي. جنوبي وزيرستان ۾ گومل درياهه تي بند ٻڌي ضلعي ديري اسماعيل خان جي هڪ لک 15 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي وئي آهي ۽ 83 هزار ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم هلندڙ آهي. سنڌ طاس معاهدي (1960ع) هيٺ ٻه وڏي ۾ وڏا بند تعمير ٿيا: انهن مان جهلم درياهه تي منگلا ڊئم 1968ع ۾ تعمير ٿيو. هن ڍنڍ ۾ ساڍا 55 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. هن ڊئم جو ٻيو مقصد بجلي پيدا ڪرڻ آهي. هن وقت منگلا پاور هائوس مان ٻه لک ڪلو واٽ بجلي مهيا ٿئي ٿي. منگلا ڊيم سان گڏ ترمو، سڌنائي، ميلسي، ميلسي ڀلوال ۽ بلوڪي- قادرآباد رابطي جون نهرون به مڪمل ٿيون.

سنڌ طاس معاهدي جو ٻيو وڏو منصوبو تربيلا ڊئم آهي. هن ڊئم ۾ سنڌو درياهه جو هڪ ڪروڙ 11 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش رکيل آهي. پاڪستان جو گهڻو حصو ٻارهوئي وهندڙ واهن تي آباد ٿيندو آهي. سنڌو درياهه جو ميداني علائقو پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب بندوبست نه هئڻ سبب سم ۽ ڪلر ۾ وڪوڙيل آهي. پنجاب جي 50 لک ايڪڙن کي سخت نقصان پهتو آهي. سم ۽ ڪلر کان نجات ڏيارڻ لاءِ واپڊا هڪ وسيع رٿا جوڙي پنجاب ۾ 1800 ٽيوب ويل لڳايا هئا. ٻئي پنج ساله منصوبي تحت 1966ع ۾ وڌيڪ 1400 ٽيوب ويل هنيا ويا. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ساڍا چار سؤ ميل سم ناليون کوٽيون ويون، جن ۾ سم جو پاڻي سمنڊ تائين پهچايو ويو. خيرپور اسڪيم هيٺ سم هيٺ آيل زمين ۾ ٽيوب ويل لڳائي زمين کي سم کان آجو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور اسڪيم هيٺ 126 ڊگهيون ناليون کوٽي، سم کي پاڻيءَ جي ڍنڍن ڍورن ۾ نيڪال ڪيو ويو. ماضيءَ ۾ نواز ليگ ۽ ٻين حڪومتن ڪالاباغ واري هنڌ ”ڪالاباغ ڊئم“ ٺاهڻ تي زور ڏنو، سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ٺهندڙ ڊئم تي سنڌ سميت خيبر پختونخوا واسين به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جو موقف آهي ته ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ سان سنڌ کي پهچندڙ پاڻي ۾ گهڻي گهٽتائي اچي ويندي ۽ سنڌ جون زمينون غيرآباد ٿينديون ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌَڪ رسندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هن وقت به پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب پريشانيءَ واري صورتحال آهي. ڪيترو عرصو ان ڊئم جي خلاف احتجاج ڪيا ويا، تازو پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ سان ئي ان تڪراري ڊئم جي منصوبي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي تائيد سنڌ سميت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان اسيمبلي به ڪئي.

عوام، آبادي ۽ ٻوليونسنواريو

تاريخ جي دور کان اڳ ئي پاڪستان ۽ هندستان ۾ اترالهندي حصي جون سرحدون پار ڪري، مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻهو هتي اچي آباد ٿيندا رهيا آهن. اهي لڏي آيل گهڻو ڪري وچ ايشيا ۽ مغربي ايشيا کان آيا هئا. هتي اصلوڪا رهاڪو، سنڌو واديءَ جا معمار آهن. دراوڙ ۽ ٻيا انهن جي نسل مان آهن. هتي ٻاهرين ماڻهن جي آمد جو سلسلو به جاري رهيو آهي، جنهنڪري هڪٻئي جي پٺيان آريا، يوناني، ايراني، عرب، ترڪ، منگول، ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين قومن جا ماڻهو آيا ۽ ڪيترا هتي آباد ٿيا ۽ ڪي ڦري لٽي واپس هليا ويا. آهستي آهستي سڱابندين جي ڪري سندن نسل گاڏڙ ٿي ويو. بهرحال اڄ به پاڪستان جي رهواسين جو وڏو تعداد انهيءَ نسل سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي هند آريائي نسل چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي قلات واري علائقي ۾ دراوڙي نسل (بروهي) جا ماڻهو اڄ به موجود آهن. بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ گهڻو ڪري ترڪن ۽ ايرانين، يعني آرين جي ٻن شاخن جو ميلاپ چيو وڃِ ٿو، جن جي ابن ڏاڏن بابت هڪ خيال آهي ته اهي عربستان کان آيا هئا ۽ نسل جي لحاظ کان سامي نسل جا آهن. پاڪستان، مسلم اڪثريت وارو علائقو آهي، هتي ٻين مذهبن وارا ماڻهو به رهن ٿا، جن مان هندو ڌرم جي اڪثريت ۾ آهي. هندن جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. پاڪستان ۾ عيسائي به ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. پارسي مذهب جا ماڻهو به آباد آهن، ليڪن سندن تعداد ٿورو آهي. مذهبي لحاظ کان پاڪستان ۾ رهندڙن جي آدمشماري هيٺينءَ طرح آهي:

  • مسلمان 89 سيڪڙو،
  • هندو 10 سيڪڙو،
  • عيسائي، ٻڌ، پارسي ۽ ٻيا مذهب هڪ سيڪڙو.

ٻوليونسنواريو

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجن ٿيون. پاڪستان جي اصلوڪن رهاڪن جون مکيه ٻوليون سنڌي، پنجابي، سرائڪي (ڌني، شاهه پوري، پوٺوهاري، هندڪو)، پشتو، بلوچي ۽ براهوي آهي. ان کان سواءِ ڀارت مان لڏي آيل ماڻهن جي ٻولي اردوءَ سان گڏ گجراتي، ڪڇي، ميواتي، مارواڙي، رانگڙي، ميمڻي ٻوليون به هتي ڳالهايون وڃن ٿيون، ليڪن اردو رابطي جي زبان ۽ قومي ٻولي بنائي وئي آهي. اردوءَ کي انگريزيءَ جي جاءِ وٺڻ ۾ ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي آهي ۽ اڃا تائين انگريزي، سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ صوبن جا رهاڪو پنهنجي ٻولين کي ”قومي ٻوليون“ سڏين ٿا. پاڪستان ۾ جدا جدا ٻولين ڳالهائيندڙن جو تعداد هيٺينءَ طرح آهي:

First languages of Pakistan[22]
Punjabi
  
48%
Sindhi
  
12%
Saraiki
  
10%
Pashto
  
8%
Urdu
  
8%
Balochi
  
3%
Others
  
11%
  • پنجابي 44.17 سيڪڙو
  • سنڌي 14.12 سيڪڙو
  • پشتو 15.44 سيڪڙو
  • سرائڪي 10.42 سيڪڙو
  • اردو 7.59 سيڪڙو
  • بلوچي 3.59 سيڪڙو
  • براهوي 96 .0 سيڪڙو
  • فارسي 80 . 0 سيڪڙو
  • ٻيون ٻوليون 2.91 سيڪڙو، جيڪي ڪشمير، گلگت ۽ لداخ وغيره ۾ ڳالهائيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: ڪشميري، هندڪو، بلتي، کوار، شينا، شورسيني، پشاچي، توروالي وغيره.

ٻولين جي هن شرح ۽ ڳالهائيندڙن جي انگ تي مقامي قومن کي گهڻائي اختلاف آهن، ڇاڪاڻ ته سرڪاري طرح 1998ع کان پوءِ ڪا به باضابطه آدم شماري نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڊيموگرافڪس پروفائيل 2010 ۽ وڪيپيڊيا 2008 جي انگن اکرن ۾ به ڪافي فرق آهي. انگريزي پاڪستان جي دفتري زبان طور استعمال ٿئي ٿي ۽ اردوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ شامل قومن تي مشتمل صوبن جا رهواسي- سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي وغيره پنهنجين ٻولين کي ’قومي ٻوليون‘ (National Languages) تسليم ڪن ٿا ۽ سندن ابتدا کان وٺي اها گهُر آهي ته سندن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار نه ڏئي، ساڻن زيادتي ڪئي وئي آهي. هن وقت ته سنڌ اسيمبليءَ کان وٺي پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ تائين صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليون/ پاڪستاني ٻوليون تسليم ڪرڻ جا آواز بلند ٿي رهيا آهن. سنڌي زبان سنڌ جي اردوءَ سان گڏ سرڪاري زبان آهي، پر سنڌ واسين کي اعتراض آهي ته سنڌي، سنڌ جي واحد سرڪاري ۽ دفتري زبان هئڻ گهرجي، ڇو ته اردو زبان کي پاڪستان ۾ قومي زبان حيثيت حاصل هئڻ ڪري ان جي حيثيت کي ڪو به نقصان رسڻ جو انديشو نه آهي.

پاڪستان جي بنيادي زبانن بابت ڪجهه ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي:

  • (1) پنجابي: هيءَ پنجاب صوبي جي ٻولي آهي. پنجابي ٻوليءَ جا مختلف لهجا لاهور، سيالڪوٽ، گجرانوالا ۽ شيخو پوره ضلعن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. وارث شاهه، بلهي شاهه ۽ سلطان باهُو، پنجابي زبان جا وڏا شاعر آهن.
  • (2) پشتو: هيءَ خيبر پختونخوا صوبي جي ٻولي آهي، جيڪا هن صوبي سان گڏ بلوچستان ۾ به وڏي تعداد ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پشتو جا به ڪيترائي لهجا آهن (ڏسو: پشتو زبان). رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ، پشتوءَ جا وڏا شاعر آهن.
  • (3) سنڌي: سنڌي، سنڌ جي قومي ٻولي آهي، جيڪا سنڌ ۾ تعليمي ۽ دفتري زبان به آهي. سنڌي، سنڌ کان سواءِ بلوچستان جي وڏي حصي، پنجاب جي سرائيڪي پَٽي، هندستان جي راجسٿان، ڪڇ ۽ گجرات کان سواءِ ٻين ڪيترن حصن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جو قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح نه رڳو سنڌ، پر دنيا جي شاعرن ۾ مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ سچل سرمست، سامي، روحل، بيدل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، طالب الموليٰ، نياز همايوني، تنوير عباسي، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ ٻيا شمار ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڻ ڇپجي رهيا آهن.

  • (4) سرائيڪي: پاڪستان جي آباديءَ جو 10.42 سيڪڙو سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهن، هيءَ ٻولي پنجاب جي ملتان، ساهيوال، اوڪاڙا، خانيوال، جهنگ، گوجرانوالا، فيصل آباد، چنيوٽ ۽ ٻين شهرن کان سواءِ سنڌ ۾ به وڏي پئماني تي ڳالهائي وڃي ٿي. خواجا غلام فريد سرائيڪيءَ جو اهم وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.
  • (5) بلوچي: بلوچي اڪثريت سان بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. بلوچيءَ جي اهم لهجن ۾ سرحدي رڪشاڻي، قلاتي، کاراني، مڪراني، جدگالي وغيره لهجا آهن. مست توڪلي ۽ بالاچ، بلوچيءَ جا اهم شاعر ٿي گذريا آهن.
  • (6) براهوي (Brahvi): انگريز لسانيات جي ماهرن براهوي ٻوليءَ کي دراوڙي ٻوليءَ جي شاخ ڪوٺيو آهي، پر جديد تحقيق ان ڳالهه کي رد ڪندي اهو خيال ڏيکاريو آهي ته شايد هن ٻوليءَ جو تعلق مهرڳڙهه ۾ رهندڙ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي ڪنهن ٻوليءَ سان هجي. مينگل مشهور براهوي قبيلو آهن. سنڌي ٻولي جي ليکڪ ۽ ڪالم نگار حليم بروهي جي خيال ۾ اصلوڪي سنڌي ٻولي اصل بروهي ئي آهي.
  • (7) هندڪو (Hindko): هندڪو، قديم انڊو-آرين ٻوليءَ مان نڪتل هڪ شاخ آهي، جيڪا خيبر پختونخوا، پشـاور، پنجاب، مانسهره، آزاد ڪشمير،

ايبٽ آباد ۽ هزاره جا اٽڪل 40 لک (4 ملين) ماڻهو ڳالهائين ٿا. هيءَ ٻولي سنڌي ۽ سرائيڪيءَ سان ويجهو لاڳاپو رکي ٿي.

مذهبسنواريو

پاڪستان ۾ آباديءَ جو ڳچ حصو مسلمانن جو آهي، جڏهن ته هتي وڏي تعداد ۾ هندو ۽ ٿوري تعداد ۾ عيسائي، سک، پارسي ۽ ڪجهه ٻين مذهبن جا ماڻهو به آباد آهن.

بنيادي ڍانچوسنواريو

جوهري توانائي ۽ بجليسنواريو

جوهري توانائيءَ جي دريافت انساني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. ”پاڪستان انرجي ڪائونسل“ جي نالي سان هڪ ادارو جوهري توانائيءَ جي پُر امن استعمال جي انهي مقصد سان قائم ٿيو هو. ٻئي سال هن اداري جو نالو ”ائٽامڪ انرجي ڪميشن“ ۾ بدلايو ويو. هيءُ ادارو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: پهريون تحقيقاتي ۽ ترقياتي مرڪز، ۽ ٻيو جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو عملي مرڪز. پهرئين مرڪز جو ذيلي ادارو آهي ”جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي“ اسلام آباد. هتي ڊسمبر 1965ع ۾ پنج ميگاواٽ جو هڪ جوهري ري ائڪٽر لڳايو ويو ۽ ان ۾ جوهري طبعيات، جوهري ڳاڻيٽي، جوهري ڪيميا، طبي طبعيات ۽ برقيات تي ڪم ٿي رهيو آهي. ٻيو جوهري توانائيءَ جو مرڪز لاهور ۾ آهي، جيڪو 1961ع ۾ قائم ٿيو. ٽيون جوهري توانائيءَ جو زرعي تحقيقاتي مرڪز ٽنڊي ڄام ۾ 1965ع ۾ قائم ٿيو، چوٿون مرڪز ميڊيڪل ريڊيو آئسوٽوپ ٽنڊوڄام آهي. هن وقت پاڪستاني سائنسدانن جي ڪامياب تجربن جي بدولت، پاڪستان هن وقت دنيا جي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي حڪومت ۾ سائنسدانن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائڻ جو خواب نيٺ تڪميل تي پهتو. ويجهي ماضيءَ ۾ مئي 1998ع ڌاري پهريون ائٽمي تجربو ڪيو ويو.

ان کانسواءِ ٻيا ننڍا ننڍا تحقيقي مرڪز ڪراچيءَ، ڄامشوري، ملتان، لاهور ۽ پشاور ۾ کوليا ويا آهن. جوهري توانائيءَ سان بجلي پيدا ڪرڻ جو مرڪز ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 137 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو آهي. پاڪستان ۾ ائٽم کي ٽوڙڻ جو پهريون تجربو نيلور واري هنڌ 1965ع ۾ ڪيو ويو. انرجي ڪميشن، اعليٰ توانائيءَ جا طبعياتي مسئلن تي به تحقيق ۾ مصروف آهي. اهو ڪم ٻين الاقوامي معيار جو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام (تڏهوڪي مشير سائنسي امور) ۽ ڊاڪٽر. آءِ. ايڇ عثماني (صدر ائٽامڪ انرجي ڪميشن) سرگرم رهيا. جوهري توانائيءَ لاءِ ڳري پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي. قدرتي گئس مان مصنوعي ڀاڻ تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانن مان تيار ٿيل پاڻي حاصل ڪرڻ جو ڪم ورتو ويو آهي. ائٽمي توانائيءَ جي باري ۾ پاڪستان، روس سان ”پاڻي“ وٺڻ جو معاهدو ڪيو آهي.

بجليسنواريو

بجليءَ جي پيداوار کي مناسب ۽ صحيح طريقي سان پهچائڻ لاءِ اُتر ۽ ڏکڻ جي حصن ۾ ورهايو ويو آهي. اترئين حصي ۾ پنجاب، صوبو سرحد ۽ بهاولپور شامل آهن. انهن سڀني کي هڪڙي ”گرڊ“ (Grid) ۾ ملايو ويو، جنهن ۾ وارسڪ، مالاڪنڊ، درگئي، ڪرم ڳڙهي، رسول، شادي وال، چيچوڪي مليان، گوجرانوالا ۽ رينالا جو هائيڊل بجلي گهر، لائلپور، ساهيوال ۽ ملتان جا اسٽيم بجلي گهر ۽ لائلپور جو ڊيزل بجلي گهر، ڏاکڻي اترين سنڌ، ڪوئيٽا ۽ قلات جي علائقن تي مشتمل آهي. پاڪستان جا اهم بجلي گهر هيٺيان آهن:

  • (1) ملتان بجلي گهر
  • (2) موبائل گئس ٽربائن، شاهدره لاهور،
  • (3) ڪويئٽا ٿرمل پاور اسٽيشن
  • (4) ڄامشورو ٿرمل پاور اسٽيشن
  • (5) سکر ٿرمل پاور پراجيڪٽ
  • (6) لائلپور اسٽيم پاور اسٽيشن
  • (7) گوجرانوالا هائيڊل اسٽيشن
  • (8) شادي وال هائيڊل اسٽيشن
  • (9) چيچوڪي مليان هائيڊل اسٽيشن
  • (10) وارسڪ پاور اسٽيشن
  • (11) ڄامشورو بجلي گهر
  • (12) لاکڙا پاور هائوس
  • (13) ڪوٽ ادو
  • (14) حب ۽ ٻيا ڪيترائي پاور هائوس ڪم ڪري رهيا آهن.


سياحتسنواريو

پاڪستان جي سرزمين جو حسن ۽ هتي جي رهواسين جو اخلاق سڄيءَ دنيا جي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث آهي. تنهنڪري هتي سياحت لاءِ ايندڙ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. 1965ع ۾ سياحت کاتي، سياحن کي سهوليتون ڏيڻ لاءِ رٿا تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ هيٺيون ننڍيون رٿائون عمل ۾ آنديون ويون:

  • (1) ملڪ جي جدا جدا حصن، جهڙوڪ گلگت، هزارا، چترال، ڪالام ۽ ناران ۾ ريسٽ هائوسن جي تعمير ۽ آمد ورفت جون سهوليتون مهيا ڪرڻ.
  • (2) ڪوهه پيمائي، برف ۾ رانديون، مڇيءَ جو شڪار، وغيره.
  • (3) سياحت کي ترقي ڏيڻ لاءِ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ معلومات جا سينٽر کوليا ويا آهن، وڏن شهرن جي هوائي اڏن تي اطلاعات کاتي پاران هوٽلون کوليون ويون آهن.

ٻين ملڪن ۾ نمائش لاءِ سياحت کاتو، پاڪستان بابت رنگين فلمون به تيار ڪندو آهي. 1966ع کي ”سياحت جو سال“ ڪري ملهايو ويو هو. پاڪستان لوازان جي بين الاقوامي ميلي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پنج لک ماڻهن پاڪستاني اسٽال ڏٺو، ان کان سواءِ پراگ جي نمائش ۾ پاڪستان جا خوبصورت منظر ۽ وڏيون وڏيون تصويرون موڪليون ويون، جيڪي سياحن لاءِ پُرڪشش هيون. جنوري 1967ع ۾ ”نئچرل جاگرافڪ مخزن“ ۾، ”پاڪستان اسٽوري“ جي عنوان سان هڪ باتصوير طويل مقالو شايع ڪيو ۽ نئشنل جاگرفڪ سوسائٽيءَ، واشنگٽن ۾ پاڪستاني نوادارات تي هڪ نمائش جو انتظام ڪيو. ڊسمبر 1967ع ۾ جهنگلي جانورن جي تحفظ لاءِ عالمي تنظيم جي هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ هتي جي جهنگلي جانورن تي هڪ مختصر فلم تيار ڪئي. سياحت کاتي جي درخواست تي لاڙڪاڻي ايڪسپريس جو ’موهن جو دڙو ايڪسپريس‘ نالو رکيو ويو.

پاڪستان جي سرزمين قسمين قسمين نظارن جو ڏيک ڏيندڙ آهي. هتي اوچا جبل به آهن، زرخيز ميدان به آهن، رڻ پٽ به آهن ته گهاٽا ٻيلا به آهن. گهاٽي آباديءَ وارا شهر به آهن ته آثار قديمه جا دڙا، ڀڙا، ڪوٽ ۽ قلعا به آهن. سياحت جي لحاظ کان هيٺ ڄاڻايل ==ماڳ ۽ مڪان== پاڪستان ۾ هي ذڪر جوڳا ماڳ ۽ مڪان آهن: ڪراچي، ڀنڀور، ٺٽو، مڪلي، حيدرآباد، خيرپور، سکر، روهڙي، اروڙ، ڪوٽ ڏيجي، موهن جو دڙو، سيوهڻ، ڪوئيٽا، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، هڙپا، ٽئڪسيلا، پشاور، مانسهره، بالاڪوٽ، شهباز ڳڙهي، مري، نٿيا گلي، ڪاغان وادي، سوات وادي، پشاور، گلگت ۽ هنزا ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ مڪان.

سنڌ جي ثقافت کاتي به سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو سنڌ ۾ موجود آرڪيالاجيڪل ماڳن کي وفاق کان سنڌ جي تحويل ۾ آڻارائي پنهنجي ذميوارين ۾ آندو آهي، ان کان سواءِ سنڌ حڪومت جي مدد سان گورک هِل تي تعميراتي ڪم ۽ رهائشي سهولتين جو ڪم به تيزيءَ سان هلندڙ آهي.

آمدرفت جا ذريعاسنواريو

ملڪ ۾ آمدورفت جا 5 مکيه ذريعا آهن: ريلوي، هاءِ وي، موٽر وي، سمنڊ، درياهه ۽ هوائي رستا.

ريلوي:

روڊ رستا:مسافرن ۽ سامان، ٻنهي جي آمدورفت ۽ باربرداريءَ لاءِ ريلوي کان پوءِ وڏو ذريعو روڊ ۽ پڪا رستا آهن، جيڪي ريلوي کان وڌيڪ آرامده آهن. ڳوٺن کان مارڪيٽن تائين زرعي پيداوار، ڪارخانن تائين خام مال ۽ سڀني شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچڻ ۾ روڊ رستا ئي بهتر ذريعو آهن. هر پنج سالا رٿا ۾ گهڻو ڪري اوليت روڊن ۽ رستن کي ڏني پئي وئي. 1967ع جي آخر ۾ پاڪستان ۾ رستن جي ڊيگهه ٻه هزار ميل ٿي وئي. پاڪستان جي قديم ترين سڙڪ ”گرانڊ ٽرنڪ روڊ“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا سورهين صدي عيسويءَ ۾ شيرشاهه سوريءَ ٺهرائي هئي. ورهاڱي وقت پاڪستان ۾ رستن جي ڪل ڊيگهه 13781 ميل هئي. انهن ۾ گهڻا رستا پنجاب ۽ سرحد صوبن ۾ هئا. 1949ع ۾ هڪڙو سينٽرل روڊ فنڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جو 85 سيڪڙو پُلين جي تعمير ۽ 15 سيڪڙو تحقيقي ڪمن تي صرف ڪيو ويو، جن ۾ سپرهاءِ وي، نئشنل هاءِ وي ۽ موٽروي وغيره جا منصوبا شامل آهن. هن وقت ملڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇائڻ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مصروف عمل آهي.

بندرگاهه:ملڪ جي ورهاڱي وقت پاڪستان جو اڪيلو بندر ڪراچي هو. ان جي لنگر گاهه ۽ ورڪشاپ وغيره لاءِ 2474 ايڪڙ زمين مختصر ڪئي وئي هئي. سڄي بندر جوانتظام ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وٽ آهي. هڪ اعليٰ بندرگاهه ۾ جيڪي سهوليتون موجود هئڻ گهرجن، سي سڀ هتي موجود آهن. موجوده وقت ۾ پاڪستان جي سامونڊي ڪناري سان مڪاني طور مڇي مارڻ لاءِ ڪم ايندر مياڻيون ۽ ننڍڙا بندر به سڌاري وڌائي وڏن بندرگاهن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته جيئن ڪراچي بندرگاهن تان جهازن جي آمدورفت تان بار گهٽجي. مثال طور گوادر، سون مياڻي، قاسم بندر ۽ ڪيٽي بندر وغيره.

ثقافت ۽ معاشروسنواريو

نشرياتسنواريو

هن وقت پاڪستان ۾ 33 ريڊيو اسٽيشنون ۽ 29 ايف. ايم اسٽيشنون آهن، جيڪي: لاهور، پشاور، ڪراچي، راولپنڊي، اسلام آباد، ملتان، آزاد ڪشمير، خيرپور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، لاڙڪاڻي، مٺي، نوابشاهه، خضدار، گلگت ۽ اسڪردو ۾ آهن، جن ۾ 20 ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ نجي ايم. ايف چينل به وڏي تعداد ۾ نشريات ڏئي رهيا آهن. ٽيليويزن: پاڪستان ۾ ٽيليويزن اسٽيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو 1964ع ۾ ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ جپان جي نوپن اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ سان معاهدو ڪيو ويو ۽ تجرباتي طور ننڍي پيماني تي ٻه ٽيليويزن اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 26 نومبر 1964ع تي لاهور ۾ هڪڙو يونٽ قائم ڪيو ويو. فيبروري 1965ع ۾ پنجن ڪروڙن رپين جي لاڳت سان ٽيليويزن ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اڌ رقم حڪومت طرفان ۽ اڌ رقم جپان ۽ برطانيا جي ڪمپنيءَ مهيا ڪئي. 1967ع ۾ ڪراچي ٽيليويزن اسٽيشن ڪم شروع ڪيو. جنوري 1967ع ۾ راولپنڊي- اسلام آباد ۾ به هڪ اسٽيشن قائم ڪئي ويئي. ملڪ ۾ لکين ٽيليويزن سيٽ اچي ويا. نين ڪمپنين، درآمد لائسنس ذريعي سيٽ تيار ڪرڻ شروع ڪيا. هن وقت ريڊيو وانگر ٽيليويزن ڪمرشل سروس شروع آهي. پاڪستان جي سرڪاري ٽي. وي ڪارپوريشن جو نالو پي. ٽي. وي آهي، جڏهن ته هينئر هڪ اندازي موجب چاليهه کن نجي چئنل پڻ نشريات ڏئي رهيا آهن، تن ۾ تفريحي ۽ نيوز چينل شامل آهن. انهن ۾ سنڌي چئنل ڪي. ٽي. اين، سنڌ ٽي. وي، ڪشش ٽي. وي، مهراڻ ٽي. وي، آواز ٽي. وي، ڌرتي ٽي. وي به شامل آهن.

رهائشي رٿائون ۽ اڏاوتونسنواريو

شهري ضرورت جي تڪميل لاءِ ٽائون ڪاميٽيون ۽ ميونسپالٽيون ته ملڪ ۾ شروع کان ئي موجود هيون، پر اها ذميداري روز روز ايتري وڌندي وئي جو وڏن شهرن ۾ ”امپروومينٽ ٽرسٽ“ قائم ڪيا ويا. حڪومت طرفان پي. ڊبليو. ڊي ۽ رٿابنديءَ واري کاتي، شهرن ۾ اڏاوت جي سلسلي ۾ ذميداريون پنهنجي ذمي ڪيون. گاديءَ واري شهر جي تعمير جو ڪم ڪئپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي سپرد هو. اهڙيءَ طرح ريلوي، ٽپال، آبپاشي وغيره جي کاتن، پنهنجن ملازمن لاءِ خود گهر اڏائڻ جو سلسلو جاري ڪيو.


سماجي بهبودپاڪستان هڪ فلاحي مملڪت آهي. 1955ع ۽ 1962ع جي آئين ۾ حڪومت جو فرض قرار ڏنو ويو آهي ته هو مذهب، ملت، رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ هر شهريءَ جي معيارِ زندگيءَ کي ترقي ڏئي، دولت جي ارتڪاز (هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ) کي روڪي، ملڪ جي سڀني طبقن جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪري. هر شخص لاءِ کاڌو، ڪپڙا، گهر، علاج ۽ تعليم جون بنيادي ضرورتون مهيا ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جسماني نقص يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري روزي ڪمائي نه سگهندا هجن، انهن جي ڪفالت ڪري. 1947ع جي ورهاڱي وقت وسيع پيماني تي لڏپلاڻ ٿي، جنهن کي حڪومت سنڀالي نه سگهي. ڪي ماڻهو پنهنجي ڪوشش سان ته ڪي ماڻهو تعليم، صحت عامه، عدالت، زراعت ۽ امداد باهمي ۽ عوامي انجمنن ذريعي روزگار سان لڳا. پر انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جي اڳيان بي انتها تڪليفون هيون. سماجي بهبود جو ڪم محنت جي وزارت جي حوالي هو. هن وقت سماجي ڀلائيءَ جو الڳ کاتو ۽ وزير مقرر ڪيل آهي. پهرئين پنج ساله منصوبي (1955ع) ۾ جن ٽن مسئلن طرف خاص ڌيان ڏنو ويو، سي هئا: سماجي منصوبه بندي، سماجي تحقيقات ۽ سماجي ڪم. 1961ع ۾ ”سوشل ويلفيئر ايجنسيز آرڊيننس“ جاري ڪيو ويو ته جيئن نجي ادارن ۾ ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪيو وڃي. گداگري وڏي لعنت آهي. اسلام ان کي سختيءَ سان روڪيو آهي. ليڪن ان لاءِ ضروري آهي ته بي پهچ ماڻهن جي حفاظت ۽ امداد جو بندوبست ڪيو وڃي. افلاس، جهالت، عصمت فروشي، گداگري، بيروزگاريءَ، ٻوڏ ۽ طوفان مان پيدا ٿيل خرابين جي ڪري ملڪ ۾ ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿي رهيون آهن. جن کي دور ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪڙي ڪميشن به مقرر ڪئي آهي. رٽائرڊ فوجين ۽ پٺتي پيلن جي بهبوديءَ لاءِ به حڪومت ڪي شعبا قائم ڪري ڇڏيا آهن. تنهن هوندي به سماجي بهبود جي سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي. مختلف قدرتي آفتن جهڙوڪ: 2005ع واري زلزلي جي صورت ۾ پاڙيسري ملڪ پڻ مدد لاءِ فلاحي ڪم ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستان به مختلف وقتن تي ٻين ملڪن جي مدد ڪندو رهي ٿو.

رانديونسنواريو

قيام پاڪستان کان اڳ سڄي ملڪ ۾ راندين لاءِ انجمنون ۽ ڪلب موجود هئا، جن کي پوءِ منظم ڪري ’اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ‘ قائم ڪيو ويو. هاڪي، پاڪستان جي قومي راند آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ جو شمار پاڪستان جي پسنديده راندين ۾ ٿئي ٿو. پاڪستاني ٽيم دنيا جي ڪرڪيٽ راند ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. ڪيترائي رانديگر عالمي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. 1992ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جو عالمي ڪپ کٽيو هو، جڏهن ته تازو 2010ع ۾ ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پڻ پاڪستان جي سوڀ ٿي. چيو وڃي ٿو ته ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو آغاز به ڪراچيءَ (پاڪستان) کان ٿيو، هن وقت ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچون پوري دنيا ۾ پسند ڪيون وڃن ٿيون. هاڪيءَ کي به قومي راندين جو درجو حاصل آهي. گذريل پنجاهه سالن ۾ پاڪسـتان جي هاڪي ٽيم اولمپڪ گرائونڊ ۾ پـاڻ مڃـائي چڪي آهي. اسڪـوائـش بـه دنـيــا جـي مشـهـور رانـد آهي. پاڪستاني رانديگر هن وقت تائين سڄيءَ دنيا ۾ چئمپين آهن. فوٽ بال ۽ ٽينس رانديون به پاڪستان ۾ هلنديون آهن. ديسي راندين ۾ پنجاب جي ڪُـشتي، سـنـڌ ۽ بـلـوچسـتان جي مـلـهه ۽ ڪوڏي ڪـوڏي قـومي راندين ۾ شامل آهن. سنڌ ۽ پنجاب جون ٽيمون ”ڪوڏي ڪوڏي“ يا ڪٻڊيءَ جي مقابلن ۾ هڪٻئي جي سامهون هونديون آهن. گهوڙن جي ريس، ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ ٿيندي آهي، ان لاءِ خاص ميدان آهن. ريس ۾ کٽيندڙ گهوڙي کي قائداعظم گولڊ ڪپ ۽ هزارين رپيا ڏنا ويندا آهن. گهوڙن جي ٻي راند ”پولو“ آهي، جيڪا فقط گلگت ۾ کيڏي ويندي آهي. گولف به پاڪستان جي دل پسند راندين ۾ شمار ٿئي ٿي. جڏهن ته فٽبال جا به ڪيترائي بهترين رانديگر ملڪ ۾ موجود آهن.

حڪومت ۽ سياستسنواريو

پرڏيهي پاليسيسنواريو

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي نڪتو اهو رهيو آهي ته سڀ قومون برابر آهن ۽ هر قوم کي آزاد رهڻ جو حق حاصل آهي. پاڪستان سدائين دنيا جي هر محڪوم ملڪ، خاص ڪري يورپي استحصال جي شڪار ٿيل ايشيائي ملڪن جي حق خود اختياريءَ ۽ آزاديءَ جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ان کان سواءِ اسلامي ملڪن سان پاڪستانين جو دلي ڳانڍاپو رهيو آهي، ان جي جهلڪ به ملڪ جي خارجه پاليسيءَ ۾ نظر ايندي. قائداعظم پاڪستان جي قيام وقت چيو هو ته: اسين دنيا جي سڀني ملڪن سان دوستيءَ جا خواهشمند آهيون ۽ ڪنهن ملڪ سان دشمني رکڻ نٿا چاهيون. هڪڙو ڀارت اهڙو ملڪ آهي، جنهن سان خوشگوار تعلقات قائم نه ٿي سگهيا آهن، ان جو سبب ڪشمير، بنگلاديش جي قيام ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جهڙا مسئلا آهن، جيڪي صلح جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، پر عالمي مبصرن موجب اهي مسئلا جامع ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

پاڪستان جا تعلقسنواريو

پاڪستان جا پنهنجي دوست ملڪن سان بهترين لاڳاپا رهيا آهن. چين سان 1963ع ۾ باقاعدي تجارتي معاهدو ٿيو. 1965ع ۾ چين، پاڪستان کي ڇهن ڪروڙ ڊالرن جي مدد ڏني، جن مان ٽئڪسيلا ۾ وڏين هيوي مشينن ٺاهڻ جو هڪ وڏو ڪارخانو قائم ڪيو ويو. مشهور تاريخي ”شاهراهه ريشم“ کي ٻيهر کولڻ جو معاهدو ٿيو. جون 1968ع ۾ چين جي تعاون سان هٿيارن ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو ويو. چين سان دوستيءَ تي پاڪستان کي فخر رهيو آهي ۽ اها دوستي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪوششن سان قائم ٿي ۽ اڄ به قائم آهي. چين هن وقت به واپاري توڙي دفاعي سامان جي مد ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو رهي ٿو.

چين کان پوءِ روس به هڪ طاقتور ملڪ آهي، جنهن جو شمار پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1948ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي تعلقات قائم ٿيا. شروع ۾ پاڪستان پوري طرح يورپي بلاڪ ۾ شامل هو، تنهنڪري سياسي تعلقات ۾ ڪو واڌارو نه آيو. روس ”سينٽو“ ۽ ”سيٽو“ ۾ پاڪستان جي شموليت تي ناراض هو ۽ پاڪستان کي شڪايت هئي ته روس پختونستان جي مسئلي ۽ ڪشمير جي مسئلي ۾ اجائي مداخلت پئي ڪئي. بهرحال ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري ناتا قائم رهيا آهن. مارچ 1961ع ۾ روس پاڪستان کي تيل جي ڳولا ۾ فني امداد کان سواءِ 3 ڪروڙ ڊالر قرض ڏنو. ان کان سواءِ اسٽيل مل لڳائڻ لاءِ پاڪستان کي مالي ۽ فني امداد ڏني، هن وقت اها اسٽيل مل ايشيا جي وڏي فولادِي مِل آهي. ان کان سواءِ روس ۽ پاڪستان کي ڪيترين ئي رٿائن ۾ مالي ۽ فني مدد ڏيندو رهيو آهي.

افغانستان، جيڪو ڪيتري عرصي کان غير مستحڪم ۽ طالبانن جي ڪري تڪراري ملڪ رهيو آهي. هي واحد ملڪ هو، جنهن پاڪستان جي اقوام متحده ۾ ميمبرشپ جي مخالفت ڪئي هئي، پر پاڪستان، افغانستان ڏانهن دوستاڻو رويو جاري رکيو. 1963ع ۾ شهنشاهه ايران جي ڪوششن سان لاڳاپا بهتر ٿيا. اتي هلندڙ تشدد جي طالبانن جي ڪاررواين جي پر تشدد واقعن تي پاڪستان کي به ڳڻتي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته طالبانن جا ڪجهه گروپ پاڪستان ۾ به ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، پر جنرل پرويز مشرف، آمريڪا جي حمايت سان افغانستان ۾ پر تشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪئي. ان سميت تازو چونڊيل صدر آصف علي زرداري پڻ افغانستان جو دورو ڪري، ڪرزئي حڪومت سان لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.

عرب ملڪن جي حقن جي حفاظت ۾ پاڪستان، [گڏيل قومون|گڏيل قومن]] ۽ ٻين عالمي اجلاسن ۾ جنهن تسلسل سان آواز بلند ڪيو آهي، اهو اسلامي دوستيءَ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. پاڪستان کي لبيا، مراڪش ۽ الجزائر جي آزاديءَ لاءِ اقوام متحده ۾ عربن جو وڪيل سمجهيو ويو. پاڪستان نه رڳو اسرائيل جي سخت مخالفت ڪئي، پر اڄ ڏينهن تائين ان کي تسليم به نه ڪيو آهي. هن وقت شام، يمن، اردن، ايران، سعودي عرب، ڪويت، سوڊان، لبيا، تيونس، مراڪش ۽ الجزائر سان پاڪستان جا انتهائي خوشگوار لاڳاپا آهن. اوڀر ۾ انڊونيشيا سان پاڪستان جا ويجها واسطا آهن. وڏن عالمي مسئلن ۾، فلسطين، قبرص، ڪوريا ۽ ويٽنام جي جنگ بابت پاڪستان جو طرز عمل هميشه حق ۽ انصاف جي حمايت ۾ رهيو آهي. تنهن کان سواءِ عراق جي نئين سِر تعمير لاءِ پڻ پاڪستان نيڪ تمنائون رکي ٿو، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي نِندا به ڪري ٿو. تازو ايران- پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي تي صحيحون به ڪيون ويون آهن. دنيا جي سُپر پاور آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا شروع کان وٺي بهتر رهيا آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوري حڪومتن جي حمايت ڪندو رهيو آهي، پر فوجي حڪمرانن کي به مختلف وقتن تي آمريڪا جي حمايت حاصل رهي آهي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري واقعن (2001ع) کان پوءِ جڏهن آمريڪا طالبانن ۽ القائده خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، ته کيس پاڪستان جي مدد جي ضرورت پيش آئي ۽ تڏهوڪي آرمي چيف ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف، سندس ها ۾ ها ملائي، سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ جڏهن انتهاپسندن جون ڪارروايون پاڪستان جي اترين علائقن سميت وڏن شهرن: پشاور، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي وغيره ۾ وڌي ويون، ته دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ آمريڪا، پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ اهو تعاون اڄ تائين جاري آهي.ان کان سواءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ 2005ع ۾ آيل زلزلي توڙي 2010ع واري وڏيءَ ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين واري آزمائشي صورتحال ۾ ٻين ملڪن سان گڏ آمريڪا پڻ مالي مدد ڪئي.

پاڪستان 1947ع کان وٺي گڏيل قومن ۽ ’ڪامن ويلٿ گيمز فيڊريشن‘ جو ميمبر آهي. ان کان سوآءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي سهڪاري تنظيم ’سارڪ‘ (SAARC) جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. سارڪ جا اجلاس ڊسمبر 1988ع ۽ جنوري 2004ع ۾ اسلام آباد (پاڪستان) ۾ ٿيا. پاڪستان طرفان محمد نعيم الحسن، جنوري 1996ع کان ڊسمبر 1998ع تائين، سارڪ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

انتظامي ڀاڱاسنواريو

هن وقت پاڪستان چئن صوبن: سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه (اڳوڻي سرحد) تي مشتمل آهي. آزاد ڪشمير پاڪستان جي پاڙيسري رياست آهي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي سالن کان راءِ شماريءَ جي منتظر آهي. جڏهن ته 2009ع ۾ اترين علائقي گلگت کي صوبي جهڙي حيثيت ڏئي، ’گلگت- بلتستان‘ جو نالو ڏئي، قمر الزمان ڪائرا کي اتان جو پهريون گورنر مقرر ڪري اتي چونڊون ڪرايون ويون ۽ ، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ ان پارٽي جي ئي چونڊيل اميدوار سيد مهدي شاهه کي گلگت- بلتستان جو پهريون وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ گـورنـر ڊاڪٽر شمع خالد جي وفات کان پوءِ فيبروري 2011ع ۾ پيــر ڪرم علي شاهه کي گلگت- بلتستان جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.

حوالاسنواريو

  1. James Minahan (23 December 2009). The Complete Guide to National Symbols and Emblems [2 Volumes]. ABC-CLIO. p. 141. ISBN 978-0-313-34497-8. 
  2. "The State Emblem". Ministry of Information and Broadcasting, Government of Pakistan.. Archived on 1 July 2007. خطا error: حوالا ساچن جي استعمال دوران If you specify |archivedate=, you must also specify |archiveurl= . https://web.archive.org/web/20070701023430/http://www.infopak.gov.pk/Eemblem.aspx. Retrieved 18 December 2013. 
  3. "National Symbols and Things of Pakistan". Government of Pakistan. Archived on 13 April 2014. خطا error: حوالا ساچن جي استعمال دوران If you specify |archivedate=, you must also specify |archiveurl= . https://web.archive.org/web/20140413153310/http://www.pakistan.gov.pk/gop/index.php?q=aHR0cDovLzE5Mi4xNjguNzAuMTM2L2dvcC8uL2ZybURldGFpbHMuYXNweD9vcHQ9bWlzY2xpbmtzJmlkPTQx. Retrieved 27 May 2014. 
  4. "SC orders immediate implementation of Urdu as official language". The Express Tribune. 7 September 2015. http://tribune.com.pk/story/952913/sc-orders-implementation-of-urdu-as-official-language/. Retrieved 8 September 2015. 
  5. "Pakistan to replace English with Urdu as official language". The Express Tribune. 29 July 2015. http://tribune.com.pk/story/928480/pakistan-to-replace-english-with-urdu-as-official-language/. Retrieved 8 September 2015. 
  6. "PM approves implementation of Urdu language in govt departments – Pakistan – Dunya News". dunyanews.tv. http://dunyanews.tv/index.php/en/Pakistan/288574-PM-approves-implementation-of-Urdu-language-in-gov. 
  7. Irfan Haider. "PM, president to deliver speeches in Urdu on foreign trips, SC told". dawn.com. http://www.dawn.com/news/1193624. 
  8. "Govt. submits plan to Supreme Court to promote Urdu as official language". The News Teller. http://www.thenewsteller.com/pakistan/govt-submits-plan-to-supreme-court-to-promote-urdu-as-official-language/19569/. 
  9. "Population by Mother Tongue". Population Census Organization, Government of Pakistan. Archived on 12 September 2011. خطا error: حوالا ساچن جي استعمال دوران If you specify |archivedate=, you must also specify |archiveurl= . https://web.archive.org/web/20110912021653/http://www.census.gov.pk/MotherTongue.htm. Retrieved 28 December 2011. 
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named state.gov
  11. 11.0 11.1 11.2 "Pakistan" The World Factbook — Central Intelligence Agency.
  12. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Article_2
  13. Ehsan Rashid (1977). "THE CONCEPT OF PAKISTAN IN THE LIGHT OF IQBAL's ADDRESS AT ALLAHABAD". Iqbal Memorial Talks. http://www.allamaiqbal.com/publications/journals/review/oct83/2.htm. Retrieved 5 March 2014.  Ehsan Rashid explains how concept of Pakistan and Iqbal's Allahabad address are interlinked.
  14. "Pakistan statistics". Geohive. http://www.geohive.com/cntry/pakistan.aspx. Retrieved 20 April 2013. 
  15. "Where is Pakistan?". worldatlas.com. http://www.worldatlas.com/as/pk/where-is-pakistan.html. 
  16. 16.0 16.1 16.2 16.3 "Pakistan". International Monetary Fund. http://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2015/02/weodata/weorept.aspx?pr.x=78&pr.y=18&sy=2014&ey=2020&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=564&s=NGDP_RPCH%2CNGDPD%2CNGDPDPC%2CPPPGDP%2CPPPPC&grp=0&a=. Retrieved 15 January 2017. 
  17. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. http://data.worldbank.org/indicator/SI.POV.GINI?end=2013&locations=PK&start=1987&view=chart. Retrieved 28 February 2017. 
  18. "2015 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2015. http://hdr.undp.org/sites/default/files/hdr_2015_statistical_annex.pdf. Retrieved 17 December 2015. 
  19. Miguel Loureiro (28 July 2005). "Driving—the good, the bad and the ugly". Daily Times (Pakistan). Archived from the original on 10 January 2012. https://web.archive.org/web/20120110085150/http://www.dailytimes.com.pk/default.asp?page=story_28-7-2005_pg3_5. Retrieved 6 February 2014. 
  20. 27 تقرير: نومبر 1945ع، ايڊورڊز ڪاليج پشاور
  21. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Specialized/Book2/Book_page6.html
  22. "Uncommon tongue: Pakistan's confusing move to Urdu". BBC News. http://www.bbc.com/news/world-asia-34215293. Retrieved 7 February 2016. 

خارجي ڳنڍڻاسنواريو

سانچو:Z148

Government
General information

سانچو:Pakistan topics سانچو:List of districts of Pakistan


حوالي جي چڪ: <ref> tags exist for a group named "lower-alpha", but no corresponding <references group="lower-alpha"/> tag was found, or a closing </ref> is missing