پاڪستان جو قومي ترانو

قومي ترانو (انگريزي: National anthem) پاڪستان جو قومي ترانو آهي، هن جي ڌن احمد جي چاڳلا 1949ع ۾ ترتيب ڏني. جڏهن ته تراني جي شاعري حفيظ جالندري جي آهي، جيڪا هن 1952ع تي ڪئي. آگسٽ 1954ع تي سرڪاري طور هن تراني کي پاڪستان جي قومي تراني طور اپنايو ويو. ساڳي سال 11 مشهور فنڪارن، احمد رشدي، ڪوڪب جهان، رشيده بيگم، نجم آرا، نسيمه شاهين، زوار حسين، اختر عباس، غلام دستگير، انور ظهير ۽ اختر واسي علي جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.[1]

قومي ترانو
English: Nation Anthem of Pakistan
قومي ترانو

 پاڪستان جو قومي ترانو
ٻول حفيظ جالنڌري, جون 1952ع
ڌن احمد جي چاڳلا, 21 آگسٽ 1949
اختيار ڪيو ويو 13 آگسٽ 1954
ترڪ موجوده
ٻڌو
قومي تراني جي ڌن

پاڪستان جي قومي تراني جي پھرين ڌن تيار ٿي ھئي بعد ۾ ان ڌن سان مطابقت ۾ مختلف شاعرن کان ٽي سال بعد لکايو ويو جن مان حفيظ جالنڌري وارو لکيل موجوده ترانو پاڪ سرزمين شادباد منظور ڪيو ويو. تراني جي ڌن سنڌ جي ھڪ موسيقار احمد غلام علي ڇاڳلا تيار ڪئي جيڪا 21 آگسٽ 1949ع تي پاڪستان جي حڪومت منظور ڪئي. پاڪ سرزمين شادباد جي ان ڌن سان بھترين مطابقت ٿيڻ بعد گورنر جنرل ملڪ غلام محمد 4 آگسٽ 1954ع تي احمد جي ڇاڳلا جي ڌن ۽ ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي پاڪ سرزمين شادباد کي پاڪستان جو قومي ترانو ڪري منظور ڪيو[2]. 13 آگسٽ 1954ع تي اھو ترانو پھريون دفعو ريڊيو پاڪستان تي نشر ڪيو ويو[2]

تراني جي شاعري، پاڪستان جي اردو شاعر حفيظ جالندري 1952ع تي ڪئي، تراني جي شاعري فارسي ٻولي سان ملندڙ جلندڙ آهي، ان ڪري ترانو فارسي توڙي اردو ڄاڻيندڙ ماڻهو آساني سان سمجهي سگھن ٿا.[3] تراني ۾ سواءَ هڪ اردو لفظ ”ڪا“ جي سمورا لفظ فارسي ٻولي جا آهن.[4][5]

سنڌي
انگريزي
پاڪ سرزمین شاد باد
ڪشور حسين شاد باد
تو نشان عزم عالي شان
ارض پاڪستان!
مرڪز یقین شاد باد
پاڪ سرزمین ڪا نظام
قوت اخوت عوام
قوم ، ملڪ ، سلطنت
پائندہ تابندہ باد
شاد باد منزل مراد
پرچم ستارہ و هلال
رهبر ترقي و ڪمال
ترجمان ماضي شان حال
جان استقبال!
سایۂ خدائي ذوالجلال
Blessed be the Sacred Land
Happy and bounteous realm
Symbol of high resolve
Land of Pakistan
Blessed be thou, Citadel of Faith
The Order of this Sacred Land
Is the might of the Brotherhood of the People
May the nation, the country, and the state
Shine in glory everlasting
Blessed be the goal of our ambition
This Flag of the Crescent and Star
Leads the way to progress and perfection
Interpreter of our past, glory of our present
Inspiration of our future
Symbol of the Almighty's protection
  • 1947ع – 14 آگسٽ تي پاڪستان وجود ۾ آيو.
  • 1949 – پاڪستان جي تراني لاءِ احمد جي چاڳلا ڌن ترتيب ڏني، ڌن جو دورانيو 80 سيڪنڊ هو.
  • 1952 – 723 ترانن مان حفيظ جالندري جي لکيل تراني کي قومي تراني طور چونڊيو ويو.
  • 1954 – قومي تراني کي سرڪاري حيثيت ڏني وئي ۽ ريڊيو پاڪستان تان 13 آگسٽ جي جاري ڪيو ويو.
  • 1955 – 11 مشهور فنڪارن، احمد رشدي، ڪوڪب جهان، رشيده بيگم، نجم آرا، نسيمه شاهين، زوار حسين، اختر عباس، غلام دستگير، انور ظهير ۽ اختر واسي علي جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
  • 1996برقي گٽار ۾ پهرين دفعي پاڪستان جي موسيقي جي بينڊ جنون پاران انقلاب ايلبم ۾ شايع ڪيو ويو.[6]

تنازعو

سنواريو
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڪستان جو ترانو

پاڪستان جو ترانو دعوا آهي ته پهريون قومي ترانو هو، جيڪو 14 آگسٽ 1947ع تي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته محمد علي جناح جي درخواست تي جگن ناٿ آزاد اهو ترانو لکيو، پر اهڙي دعوا جي ڪا تاريخي سچائي ثابت نه ٿي آهي. ڄاڻيل تراني کي ڪڏهن پاڪستان جي سرڪاري قومي تراني طور نه اپنايو ويو ۽ پهريون قومي ترانو سرڪاري طور 1950ع ۾ جاري ڪيو ويو.

  1. "Death Anniversary of Ahmed Rushdi". Duniya News. حاصل ڪيل 1 September 2016. 
  2. 2.0 2.1 [Pakistan Milestone, Chronology: March 1940 to August 2010; By Professor Muhammad Yusuf; 1st edition, 2011 ]
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named infopak1
  4. Alex Vatanka. Iran and Pakistan: Security, Diplomacy and American Influence. I.B.Tauris. p. 14. ISBN 9780857739155. 
  5. [1], The National Anthem of Pakistan
  6. "Pakistan creates new anthem record". The Express Tribune. 2011-08-12. http://tribune.com.pk/story/231080/karachi-creates-new-anthem-record. Retrieved 2012-01-01.