استاد بخاري

سنڌي شاعر

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سيد احمد شاهه عرف ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 جنوري 1930ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو،دادو تعلقو ۽ دادو ضلعو جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو.[1][2]

استاد بخاري
Ustad Bukhari
پيدائش سيد احمد شاھ بخاري

16 جنوري 1930(1930-01-16)ع

دادو، سنڌ، برطانوي ھندستان
وفات
9 آڪٽوبر 1992 (عمر 62 سال)

ڪراچي، دادو ۾ مدفون
قلمي نالو "استاد"
ڌنڌو شاعر، استاد
قوميت پاڪستاني
شهريت پاڪستاني
تعليم ماسٽرس ڊگري سنڌي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور 1967ع
صنف جماليات
موضوع شاعري
ادبي تحريڪ ترقي پسندي
مُکيه ڪم شاعري جا مجوعا (24)
اولاد سيد آفتاب حسين شاھ، پوٽو سيد امير شاھ
ويبسائيٽ
http://ustadbukhari.blogspot.com

استاد بخاريءَ جو حسب نسب يا شجرو اچ شريف جي سيد جلال الدين شير شاھ سرخ پوش بخاري سان ملي ٿو.[2]

تعليم ۽ خدمتون

سنواريو

1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.[1]

شاعري جا مجعوعا

سنواريو

پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر هو. کيس سنڌي ادب ۽ شاعري جي خدمتن عيوض سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ حُڪومت پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس جو تمغو ڏنو ويو.[3][4] . سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران مڃتا طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جو نالو سندس نالي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو طور منسوب ڪيو ويو. [5]سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن[1] جيڪي هيٺيان آهن:

  1. ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ (1971ع)
  2. ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)
  3. ’اوتون جوتون‘ (1985ع)
  4. ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)
  5. ’سوچون، ڀڻڪا، واڪا‘ (1990ع)
  6. لهر لهر دريا‘ (1990ع)[6]
  7. ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘ (1991ع)
  8. ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘ (1992ع)
  9. ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘ (1993ع)
  10. ’جستجو لاتقنطو‘ (1993ع)
  11. ’ماندي ٿيءُ نه مارئي‘(1994ع)
  12. ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)
  13. ’ميلا ملهالا‘ (1996ع)
  14. ’وطن ۽ ويساهه‘ (1997ع)
  15. ’گلدستي ۾ گيت‘ (2007ع)
  16. ’بخاريءَ جا قطعا‘ (2008ع)،
  17. ’پير نه هٽن پوئتي‘ (2007ع)
  18. ’ڌوڙ دل تي درد جي‘ (2007ع)
  19. گهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)
  20. ’هي گجرا هي گولا‘ (1997ع)
  21. ’هڙئي هيج وطن جا‘ (1998ع)
  22. ’لهري لهري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)
  23. ’ڳائي پيو جاڳائي پيو‘ (1999ع) ۽
  24. ’تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان‘ (سرائڪي شاعري 2001ع).

استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ”اکر اکر آرسي“ عنوان سان عزيز ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.[1][7]

سنڌي زبان جو هيءُ ٻهڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. 10 آڪٽوبر 1992ع تي دادوءَ ۾ دفن ٿيو.[1]

سندس شخصيت ۽ فن تي تاج جويي جو ”قوم چوي ٿي ٻول“ نالي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس زندگيءَ ۽ فن تي ٻيو اهم ڪتاب نوجوان اديب علي دوست عاجز ”آديسي استاد“ نالي لکيو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 2005ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي نثري لکڻين، انٽرويوئن، مهاڳ وغيره تي مشتمل ڪتاب آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏئي ”سمي دريا، سمي صحرا“ عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن پاران 2007ع ۾ ڇپايو آهي. استاد بخاري جي فن ۽ شخصيت تيعزيز ڪنگراڻي جو لکيل ڪتاب "عشق عقل استاد" جوت پبليڪيشن ڪراچي پاران 2018ع ۾ ڇپيو آهي. استاد بخاريءَ جا ڪلام جهر جهنگ فنڪار ڳائين ٿا ۽ سنڌ جو بيحد مقبول شاعر آهي.[1]

استاد بخاري پروفيشنل حساب سان سورنهن سال ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. کيس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان تمغهءِ حُسن ڪارڪردگي ڏنو.[8][9]

استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، نيٺ 9 آڪٽوبر 1992ع تي استاد لاڏاڻو ڪري ويو. ڪيترائي سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي.

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو