سنگ لاجورد
سنگ لاجورد يا لاجورد پٿر(انگريزي: Lapis lazuli) ليپس ليزيولي
ھڪ معدني پٿر جو نالو آهي جنھن جو شمار قيمتي پٿرن ۾ ٿئي ٿو. ھزارين سالن کان وٺي لاجورد بدخشان، افغانستان جي سر سنگ وارين کاڻن ۽ شورڪوگاء جي کاڻن مان ملندڙ آھي ۽ اھو دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ عمدو لاجورد آھي.[1] [2] سنڌو ماٿري جي تھذيب (3300–190 ق م) ، مھر ڳڙھ ۽ ڪوھ قاف ۽ ماريطانيا وارين تھذيبن ۾ لاجورد جي مڻين جو استعمال ٿيندو ھيو.[3] لاجورد جو استعمال ٽوٽنخامن جي نقاب (1341–1323 ق م ) ۾ پڻ ٿيل مليو آهي [4] يورپ جي وچولي دؤر جي آخر ۾ لاجورد جي يورپ ۾ برآمد جي پڻ شروعات ٿي جتي ان کي ڪٽي ان جي پائوڊر مان لاجوردي رنگ (ultramarine) ٺاھيو ويو جيڪو نيري رنگ جو ھڪ عمدو قسم ھيو ۽ ان رنگ جو استعمال جاڳرتا واري دؤر ۾ يورپ جي نامور مصورن پنھنجي فن ۾ ڪيو.
سنگ لاجورد Lapis lazuli | |
---|---|
افغانستان جو لاجورد پنھنجي اصل قدرتي حالت ۾ | |
عام ڄاڻ | |
قسم | معدني پٿر |
ڪيميائي فارمولو ( دھرائجندڙ ايڪو ) |
معدنيات جو مرڪب |
قلمي نظام | ڪو به نه، ڇوتہ لاجورد پٿر آهي |
سڃاڻپ | |
رنگ | نيرو, يا واڱڻائي جنھن ۾ ڪيلشيم جا اڇا ۽ ڊائسلفائيڊ جا پيلا چٽا ڏسجڻ ۾ ايندا آهن |
ڇڳل مٿاڇرو (معدنياتي علم) | کنھرو چنھنبن وارو |
موھ واري ماپي تحت سختي | 5–5.5 |
چمڪ | جھڪو |
اسٽريڪ ( پائوڊر جو رنگ) | ھلڪو نيرو |
مخصوص ڪشش ثقل | 2.7–2.9 |
ريفريڪٽو انڊيڪس (انعطاف نما) | 1.5 |
حوالا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ David Bomford and Ashok Roy, A Closer Look- Colour (2009), National Gallery Company, London, (ISBN 978-1-85709-442-8)
- ↑ Moorey, Peter Roger (1999). Ancient Mesopotamian Materials and Industries: the Archaeological Evidence. Eisenbrauns. pp. 86–87. ISBN 978-1-57506-042-2. https://books.google.com/?id=P_Ixuott4doC&pg=PA86&dq=Lapis+lazuli+++mines+in+the+Badakhshan#v=onepage&q=Lapis%20lazuli%20%20%20mines%20in%20the%20Badakhshan&f=false.
- ↑ سانچو:Harvcolnb
- ↑ Alessandro Bongioanni & Maria Croce