ٽنڊو محمد خان

سنڌ، پاڪستان ۾ شھر

ٽنڊو محمد خان(انگريزي: Tando Muhammad Khan) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان ۽ تعلقي ٽنڊي محمد خان جو صدر مقام ۽ ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ماضي م ھي شھر حيدرآباد ضلعي جو تعلقو ھو ۽ 2005 ۾ کيس علحده ضلعي حيثيت ڏئي ھن شھر کي نئين ضلعي جو صدر مقام بڻايو ويو. 2012 ۾ ھتي جوڊيشل ڊسٽرڪٽ جي قيام سان ھن شھر م سيشن ڪورٽ جو قيام پڻ عمل ۾ آيو

ٽنڊو محمد خان
ٽي ايم خان
شھر
انڊس ميڊيڪل ڪاليج ھاسپيٽل ٽنڊومحمدخان
ٽنڊو محمد خان is located in سنڌ
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان is located in Pakistan
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان
جاگرافي بيهڪ: 25°7′26″N 68°32′20″E / 25.12389°N 68.53889°E / 25.12389; 68.53889
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
حڪومت
 • چيئرمين ذيشان علي شاھ
بلندي 11 ميل (36 ft)
اين آء سي وي ڊي ھاسپيٽل ، ٽنڊو محمد خان ، دل جي بيمارين جو مفت علاج ڪندڙ سرڪاري ادارو

مير غلام محمد خان جي پٽ مير محمد خان جنهن کي مير فتح علي خان وڏي جاگير ڏني هئي، تنهن ٽنڊو محمد خان جو شهر تعمير ڪرايو، جو شهواڻين جي يادگار آهي. ٽالپر دؤر ۾ وڏي واپار جو مرڪز هو[1]. ھي شھر مير محمد خان شاھواڻي ٽالپر ٺھرايو جيڪو 1813 ۾ وفات ڪري ويو. برٽش دؤر ۾ ھتي اسٽنٽ ڪليڪٽر جي آفيس قائم ڪئي وئي. 1856 ۾ ھن شھر کي ميونسپلٽي جي حيثيت ملي ھئي.

ھن شھر جي معيشت زرعي جنسن جو واپار آهي. ضلعي جي اندر چار شگر ملون واقع آھن جنھن ڪري ھي شھر واپاري مرڪز پڻ آھي

جاگرافي

سنواريو

ھن شھر جي جاگرافيائي بيهڪ 25°8′N ۽ 68°32′E آهي ۽ سامونڊي سطح کان 11 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي. [2] ھي شھر ڪراچي کان 168 ڪلوميٽر حيدرآباد کان 35 ڪلوميٽر ۽ بدين کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي.

ميونسپل ڪاميٽي

سنواريو

ھن شھر جي ميونسپل ڪاميٽي ۾ 19 وارڊ آھن. وارڊ 1 ۽ 2 ۾ سومرا محلو، وارڊ 3 ۾ پير محلو، وارڊ 4 ۾ پيپلز ڪالوني، وارڊ 5 ۽ 6 ۾ پير محلو، وارڊ نمبر 7 ۽ 8 ۾ ٽالپر ڪالوني، وارڊ 9 ۾ نصيرآباد، وارڊ 10 ۾ ريواچند ڳلي، وارڊ 11 ۾ ساٽي محلو، وارڊ 12 ۾ ميمڻ محلو، وارڊ 13 ۾ خواجه محلو، وارڊ 14 ۽ 15 ۾ شوڪت ڪالوني، وارڊ 16، 17، 18 ۽ 19 ۾ مشترڪه ڪالوني. ھر وارڊ مان ھڪ جنرل ڪائونسلر ميونسپلٽي جو ميمبر چونڊجي ايندو آهي.

  1. [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. Location of Tando Muhammad Khan, Pakistan Page - Falling Rain Genomics