ناٽيڪل ميل

فاصلي جو يونٽ (1,852 ميٽر)

سانچو:Infobox Unit

Historical definition – 1 nautical mile
Visual comparison of a kilometre, statute mile, and nautical mile

ناٽيڪل ميل زمين جي عام ميل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. هڪ ناٽيڪل ميل دراصل هڪ ”منٽ“ آهي. جيڪو حسابن يا جاگرافيءَ جو شاگرد تہ چڱيءَ ريت سمجهي ٿو، پر هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته هر گول دائري کي 360 ڊگريون ٿين. ان جو مثال ائين سمجهي سگهجي ٿو تہ جيڪڏهن هڪ گدري جون 360 هڪ جيڏيون ڦارون هجن (جيڪو ڪم آهي تہ ڏکيو پر سمجهو تہ ڪا اهڙي وڏي شيءِ آهي، جنهن جون سولائي سان ڪري سگهجن) تہ هر ڦار جي وچ واري ٻاهرين ويڪر هڪ ڊگري مفاصلو ٿيو. هاڻي ان کي وري سٺ حصن ۾ ورهائجي تہ هر حصي جي ويڪر هڪ منٽ ٿيو. ڌرتي بہ هڪ گدري مثل آهي، جنهن جو (360x60) يعني 21600 ڦارون ڪجن تہ هڪ ڦار جي ٻاهرين وچ واري (يعني خط استوا واري حصي جي) ويڪر هڪ منٽ ٿي ۽ اهو مفاصلو يعني هڪ منٽ دراصل هڪ ناٽيڪل ميل ٿيو. ٻين لفظن ۾ خط استوا (Equator) وٽ ڌرتيءَ جو گهيريو ايڪويھ هزار ڇھ سئو ناٽيڪل ميل آهي. پر ان ساڳي گهيري تي جيڪڏهن ڪار هلي تہ ان جو ميٽر 25000 کن ميل رڪارڊ ڪندو. يعني ناٽيڪل ميل Statue (زمين تي ماپڻ واري) ميل کان وڏو ٿيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-20