انڊين نيشنل ڪانگريس

انڊيا (ڀارت) جي وڏي سياسي جماعت (پارٽِي)

انڊين نيشنل ڪانگريس (انگريزي ٻولي: Indian National Congress) هندستان جي هڪ سياسي پارٽي، جنهن کي انڊين نيشنل ڪانگريس (INC) چيو ويندو آهي. ان جو بنياد ڊسمبر 1885ع ۾ مختلف رهنمائن، ايلن اوڪٽوين هيوم، دادا ڀائي نوروز جي، ڊنشا واچا، وميش چندر بينرجي، سريندرناٿ بينرجي، من موهن گهوش ۽ وليم ويڊربرن وڌو. هيءَ پارٽي پنهنجي قيام کان وٺي هندستان جي آزاديءَ لاءِ سرگرم رهي. موهن داس ڪرمچند گانڌي، جواهر لعل نهرو، ولڀ ڀائي پٽيل، سڀاش چندر بوس، راجندر پرشاد، خان عبدالغفار خان، ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد علي جوهر ۽ محمد علي جناح جهڙيون شخصيتن جو هن پارٽيءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار رهيو آهي.

برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس، هندستاني/ ڀارتي سياست تي وڏي عرصي تائين راڄ ڪيو آهي. ڀارت جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو به هن پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. اندرا گانڌي ۽ راجيو گانڌي جي شهرت، سندن موت کان پوءِ به ڪانگريس پارٽيءَ کي ڀارت ۾ منظم رکيو ۽ ڀارت جي اقتدار تي هن پارٽيءَ جو بدستور اثر رهيو آهي. هيءَ هندستان جي واحد پارٽي آهي، جنهن 1999ع، 2004ع ۽ 2009ع جي چونڊن ۾ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. ڪانگريس سان لاڳاپيل ڀارتي وزيراعظمن ۾: جواهرلعل نهرو، گلزاري لعل نندا، لعل بهادر شاستري، اندرا گانڌي، راجيو گانڌي، نرسمهارائو ۽ من موهن سنگهه شامل آهن. هن وقت ڪانگريس پارٽيءَ جي سربراهه/ چيئرپرسن راجيو گانڌيءَ جي اٽالين گهر واري سونيا گانڌي آهي.[1]

ڀارت جي مشهور سياسي جماعت، جيڪا 1885ع ۾ قائم ٿي، ان جو بنيادي مقصد هندستان کي آئيني ذريعن سان نو آبادياتي حق ڏيارڻ هو. 1917ع ۾ انتهاپسند عنصرن، مهاتما گانڌيءَ جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ اعتدال پسند سياستدانن ۽ سڀني کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪانگريس ۾ اڪثريت راءِ حاصل ڪري انگريزن کان سوراج جو مطالبو ڪيو. ان دور ۾ ڪانگريس جو خاص هٿيار اهنسا ۽ سول نافرماني هئا، جن کي پهريون ڀيرو 1919ع ۾ وسيع پئماني تي استعمال ڪيو ويو. ٻي مهاڀاري جنگ (1939ع) دوران ڪانگريس، سول نافرمانيءَ ۽ ڀڃ ڊاهه جي تحريڪ هلائي، ان سان گڏ ڀارت مان انگريزن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ’هندستان ڇڏيو‘ (Quit India) جو نعرو هنيو. نتيجي طور ڪانگريس جا گهڻا اڳواڻ گرفتار ٿيا ۽ 1942ع کان 1945ع تائين هن جماعت کي غيرقانوني قرار ڏئي، ان تي پابندي وڌي وئي. انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جا سنڌ ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، اين.آر. ملڪاڻي ۽ ٻيا سنڌي اڳواڻ سرگرم رهيا.

ان کان پوءِ واري زماني ۾ جڏهن انگريز حڪومت سان ٻيو ڀيرو ڳالهيون ٿيون ته ان وقت هندستان جا مسلمان ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ جي پليٽ فارم تي متحد ٿي چڪا هئا، تنهنڪري ڪانگريس کي مسلم ليگ جي مطالبي موجب مسلمانن لاءِ جدا اسلامي رياست جو مطالبو تسليم ڪرڻو پيو. 14-15 آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ هندستان ۾ ٻه جدا جدا آزاد رياستون ’پاڪستان‘ ۽ ’ڀارت‘ جي نالن سان وجود ۾ آيون ۽ ڪانگريس ڀارت ۾ حڪمران پارٽي ٿي.
مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ هن جماعت کي جنتا پارٽيءَ جي مقابلي ۾ سخت شڪست آئي. اهڙيءَ طرح ڀارت ۾ ڪانگريس جي ٽيهن سالن جي مسلسل حڪومت جو خاتمو ٿي ويو، پر 1980ع جي چونڊن ۾ هيءَ جماعت ٻيهر اقتدار ۾ آئي. ڏهن سالن کان پوءِ ٻيهر سندس اقتدار جو خاتمو آيو. ان بعد اها پارٽي ڀارت ۾ مخالف ڌر جي وڏي پارٽي ٿي اُڀري، ان کان پوءِ هڪ ڀيرو وري ڪانگريس پارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ هن وقت ڀارت ۾ ڪانگريس جي سربراهه سونيا گانڌي آهي. هن وقت ڀارت ڪانگريس جي حڪومت آهي ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل من موهن سنگهه ان جو وزير اعظم آهي.[2]

حوالا سنواريو