چنيوٽ(انگريزي: Chiniot ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو چناب ندي جي ڪناري تي واقع ھڪ شھر جيڪو ساڳي نالي سان ھڪ ضلعي جو صدر مقام پڻ آهي. ھي شھر ڪاٺ جي ھنر ۽ فرنيچرسازي جي صنعت جي ڪري مشھور آھي. ھي شھر عمارت سازي، سھڻين مسجدن ۽ عمر حيات محل جي ڪري بہ مشھور آھي.شھر فيصل آباد جي اتر ۾ 38 ڪلوميٽرن تي واقع آهي. ھي شھر 10 چورس ڪلوميٽر جي ايراضي ۾ سمنڊ جي سطح کان 587 فٽن جي اوچائيءَ تي واقع آهي. احمدين جو ربوا سٽي پڻ ھن شھر ويجھو واقع آهي.

Chiniot
چنيوٽ
شھر
گھڙيالي چڪر مٿان کان هيٺ: شاھ برھان جي مزار،. چنيوٽ جي شاھي مسجد جو ان عمر حيات محلدروني ۽ ٻاھريون ڏيک،
گھڙيالي چڪر مٿان کان هيٺ: شاھ برھان جي مزار،. چنيوٽ جي شاھي مسجد جو ان عمر حيات محلدروني ۽ ٻاھريون ڏيک،
ميونسپل ڪميٽي چنيوٽ
ميونسپل ڪميٽي جو نشان
Chiniot is located in Pakistan
Chiniot
Chiniot
Chiniot is located in Asia
Chiniot
Chiniot
پاڪستان ۾ چنيوٽ جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 31°43′10″N 72°59′3″E / 31.71944°N 72.98417°E / 31.71944; 72.98417مڪانيت: 31°43′10″N 72°59′3″E / 31.71944°N 72.98417°E / 31.71944; 72.98417
ملڪ  Pakistan
صوبو پنجاب، پاڪستان&nbsp پنجاب، پاڪستان
ضلعو چنيوٽ ضلعو
تحصيل چنيوٽ تحصيل
حڪومت [1]
 • قسم ميونسپل ڪميٽي
 • چيئرمين محمد خالد
 • وائيس چيئرمين حاجي محمد ذاھد
بلندي 179 ميل (587 ft)
آبادي (2012)[2]
 • ڪل 477,781

تاريخ سنواريو

مغلن جي دؤر ۾ ھي شھر لاھور صوبي جو حصو ھيو. ان دور ۾ جڏھن شاھجھان جي وقت 1640 کان 1656 جي عرصي ۾ نواب سعدالله خان ٿهيم گورنر ھيو ته ھي شھر پنھنجي عروج تي پھتو. ان دور ۾ چنيوٽ جي شاھي مسجد تعمير ٿي. ھتان جي ڪاريگرن تاج محل ۽ وزير خان مسجد جي سينگارڻ وارو ڪم پڻ ڪيو [3]مغلن کان پوءِ ھي شھر پھريون سيال حاڪمن ۽ پوء سکن جي حڪمراني هيٺ رھيو.1849 کان برٽش راڄ ۾ آيو.1862 ۾ ھن شھر کي ميونسپلٽي جو درجو مليو 1875 ۾ ھن شھر جي آبادي 11999 رڪارڊ ڪئي وئي. برطانوي دور ۾ آبپاشي نظام ذريعي ڪئنالن جو ڄار وڇايو ويو جنھن سان ھن شھر جي چوڌاري نئين آبادين جو بنياد پيو. ھتان جو مشھور عمر حيات محل ڪلڪتي جي ھڪ واپاري 1923 کان 1935 جي عرصي ۾ تعمير ڪرايو.[4]

حوالا سنواريو