پارليامينٽري نظام (parliamentary system) خودمختيار رياست جي حڪومت جو جمھوري نظام ھوندو آھي جتي انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ جي تائيد سان حاصل ڪندي آھي ۽ پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندي آھي. پارليامينٽري نظام ۾ رياست جو سربراھ ۽ حڪومت جو سربراھ الڳ الڳ ھوندا آھن. اھو ھن نظام جي ۽ صدارتي نظام ۾ فرق ھوندو آھي. صدارتي نظام ۾ رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو ھوندو آھي ۽ انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ کان ناھي وٺندي. پارلياماني جمهوريت وارا ملڪ آئيني بادشاهت وارا بہ ٿيندا آهن جنھن ۾ رياست جو سربراھ بادشاھ ھوندو آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وري پارليامينٽ مان ٿيندو آهي. آئيني بادشاهت وارن ملڪن ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم، ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ جاپان شامل آهن. جتي آئيني بادشاهت ناھي اتي رياست جو سربراھ صدر ھوندو آھي. اھڙن ملڪن ۾ پاڪستان، انڊيا، جرمني، اٽلي، آئرلينڊ شامل آھن. ڪجهه پارلياماني نظام وارا ملڪ اھڙا آھن جتي رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو آهي پر اھو پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندو آھي. انھن ملڪن ۾ بوٽسوانا، ڏکڻ آفريڪا ۽ سرينام شامل آهن.
مختلف پارليامينٽري نظامن جو نقشو
دنيا جي ملڪن جو رنگن ذريعي حڪومتي نظام ڏيکاريل1
1 ھي نقشو وڪيپيڊيا جي ملڪن جي حڪوتي نظامن واري فھرست مطابق ٺھيل آھي2 ڪافي رياستون آئيني لحاظ کان ڪثيرالجماعت ريبلڪ ھجڻ باوجود آمراڻيون رياستون سڏجن ٿيون. ھن نقشي ۾ حڪومت جو ڊي جيور نمونو ڏيکاريو ويو آھي. ان م جمھوريت جو ڊي فيڪٽو درجو ناھي ڏيکاريل