ڪوئيٽا
ڪوئيٽا صوبي بلوچستان ۽ ضلعي ڪوئيٽا جو گاديء جو ھنڌ آھي۔ ھي صوبي بلوچستان جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن کي ميون جو ڳڙھ بہ چيو ويندو آھي۔ ھي 1,680 ميٽر (5,510 فٽ ) جي سطح سمنڊ کان اوچائي تي وسي ٿو۔ اھڙي طرح ھي پاڪستان جو اوچائي تي وسندڙ اڪيلو اھم شھر آھي۔ 896,090 ماڻھن جي آبادي ھن کي بلوچستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ پاڪستان جو ھڪ اھم شھر بڻائي ٿي۔
-ڪوئٽيا- -ڪوتہ- -ڪويتہ- -ڪوئيٽہ- | ||||||
---|---|---|---|---|---|---|
ميٽروپولس | ||||||
| ||||||
ڀانڃ: Pashto: ڪواتہ جو قلعو | ||||||
عرفيت: لٽل لنڊنانگريزن جو زلزلي کا اڳ تعريف ۾ ڏنل نالو. | ||||||
ايشيا، پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ ڪوئٽه جو مقام | ||||||
جاگرافي بيهڪ: 30°11′N 67°00′E / 30.183°N 67.000°Eمڪانيت: 30°11′N 67°00′E / 30.183°N 67.000°E | ||||||
ملڪ | پاڪستان | |||||
صوبو | بلوچستان | |||||
ضلعو | ڪوئيٽا | |||||
ضلعو قائم ٿيو | 1876 | |||||
حڪومت | ||||||
• قسم | ميونسپل ڪارپوريشن | |||||
• ڪوئيٽا جو ميئر | ڊاڪٽر ڪليم الله خان [1] | |||||
• ڊپٽي ميئر | يونس بلوچ | |||||
پکيڙ | ||||||
• ڪل | ٢٬٦٥٦ ڪ.م٢ (١٬٠٢٥ ميل٢) | |||||
بلندي | ١,٦٨٠ ميل (٥,٥١٠ ft) | |||||
آبادي (2017)[2] | ||||||
• ڪل | ١,٠٠١,٢٠٥ |
ڪوئيٽا ڊيورنڊ ليڪ کان ڏکڻ پاسي اترين بلوچستان ۾ بولان گلي سان وسي ٿو۔
نالوسنواريو
ڪوئيٽا جو نالو پنجابي / سنسڪرت لفظ ڪوٽ تان ٺھيو آھي جنھن جو مطلب آھي قلعو۔ سيالڪوٽ، مٺڻ ڪوٽ ملندڙ لفظ آھن۔
تاريخسنواريو
ڪوئيٽا ھڪ پراڻي نگري آھي۔ ھي چئن اوچن جبلن سان گھريل آھي۔ چلتن، زرغون ۽ مھردار ھن جا جبل آھن۔ لکتن ۾ پھريون دفعو ھن جو نالو ڇھين صدي ۾ آيو جڏھن ھي ايران جي ساساني سلطنت جو حصو ھئي۔ بنواميه جي وقت ھي مسلمانن جي ھٿ لڳي۔ ھي شھر مغل سلطنت جو بہ حصو رھيو۔ 1839 ۾ پھرين انگريز افغان جنگ ۾ انگريزن ھن شھر کي ھٿ ڪري ورتو۔ 1876 ۾ سلطنت برطانيہ جو حصو بڻجي ويو۔ 31 مئي 1935 تي ھتي ھڪ وڏو زلزلو آيو جنھن ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو تہ 30 کان 60 ھزار تائين ماڻھو مري ويا ۽ شھر جو وڏو حصو تباھ ٿي ويو وچ۔ ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جو رستو ھجڻ جي سبب ھي شھر اڳتي وڌڻ لڳو۔ 1947 ۾ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ھي شھر بلوچستان جي گادي جو ھنڌ آھي.
تصويرونسنواريو
حوالاسنواريو
وڪيميڊيا العام ۾ ڪوئيٽا سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |