ڪراچي

پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ سنڌ صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي,[8][9] وڏن شهرن جي لسٽ [10][11]

ڪراچي
کراچی
پاڪستان جو ميٽروپولس
Karachi Port Trust (KPT) Head Office Building Karachi.jpg
Nagan Ch Karachi.jpgMazar -eQuaid Karachi.jpeg
Statue Of Noble in Mohatta Palace, Karachi (cropped).jpgKPT HQ.jpg
Mohatta Palace Renovated.JPG
عرفيت: روشنين جو شھر
شھر قائد
ڪراچي is located in سنڌ
ڪراچي
ڪراچي
ڪراچي is located in Pakistan
ڪراچي
ڪراچي
ڪراچي is located in Asia
ڪراچي
ڪراچي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
متناسقات: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000مڪانيت: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ سنڌ
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن 2011
سٽي ڪائونسل سٽي ڪمپليڪس، گلشن اقبال ٽاؤن، ڪراچي
ڪراچيء جا ضلعا [2]
حڪومت [3]
 • قسم ميٽروپوليٽن شهر
 • ميئر خالي
 • ڊپٽي ميئر خالي
پکيڙ[4]
 • ڪل ٣٬٧٨٠ ڪ.م٢ (١٬٤٦٠ ميل٢)
بلندي ٨ ميل (٢٦ ft)
آبادي (2017 پاڪستان جي آدمشماري، 2017)[5]
 • ڪل ١٤,٩١٠,٣٥٢[1] (provisional)
ڪراڇي لوڪيٽر، سنڌ پاڪستان

تفصيلي تعارفسنواريو

ڪراچي 52´ 24° اتر ۽ 03´ 67° اوڀر تي واقع آهي. ھن جو شمار بيٽا ورلڊ سٽي ۾ ٿئي ٿو. [12][13]شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي ۽ مالياتي مرڪز آھي [14] ء پاڪستان جو ڪاسموپوليٽن شھر آھي. [15] ڪراچي دنيا جو ٻارهون وڏو شھر آھي[16]۔ ڪراچي پاڪستان جي صوبي سنڌ جو گادي جو ھنڌ آھي۔ ڪراچي شهر عربي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ ۽ ھوائي اڏو بہ ڪراچي ۾ قائم آھي۔ ڪراچي 1947ع کان 1960ع تائين پاڪستان جي گاديء جو ھنڌ بہ رھيو. ڪراچي شھر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر هن خطي جو هڪ اهم بندر پڻ آهي.

هاڻوڪي ڪراچي جي جڳهه تي واقع قديم ماهي گيرن جي بستين مان هڪ جو نالو ڪولاچي جو ڳوٺ هيو. انگريزن اڻويهين صدي ۾ هن شهر جي تعمير و ترقي جا بنيادَ وڌا. 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي جي وقت ڪراچی کي نيئن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ چونڊيو ويو. ان ڪارڻ شهر ۾ لکين مهاجر اچي آباد ٿيا. پاڪستان جي گاديء جو هنڌ ۽ بين الاقوامي بندرگاھ هئڻ جي ڪارڻ شهر ۾ صنعتي سرگرميون ٻين شهرن کان پهريان شروع ٿي ويون. 1959ع ۾ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد نئيو ويو پر ڪراچي جي آبادي ۽ معيشت ۾ ترقی جي رفتار گهٽ ناهي ٿي۔ . سڄي پاڪستان مان ماڻهون روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي ايندا آهن ۽ ان جي ڪارڻ هتي مختلف مذهبي، نسلي ۽ لساني گروھ آباد آهن. ڪراچي کي ان ڪري مِنِي پاڪستان يا ننڍو پاڪستان بہ چيو ويندو آهي. هن شهر ۾ مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪارڻ 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ ڪراچي لساني فسادن، تشدد ۽ دهشتگردي جو شڪار رهيو. بگڙندڙ حالتن کي سنڀالڻ جي لاء پاڪ فوج کي به ڪراچی ۾ مداخلت ڪرڻي پئي. ايڪويهين صدي ۾ تيز قومي معاشي ترقي سان گڏ و گڏ ڪراچي جي حالتن ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. ڪراچي جي امن جي صورتحال اڳي کان بهتر ٿي آهي ۽ شهر ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار ۾ سٺو واڌارو آيو آهي. ڪراچي سنڌو درياءَ جي ڪناري جي اترين حد تي آهي. شهر هڪ قدرتي بندرگاهه جي چوڌاري اڏيل آهي.

نالوسنواريو

ڪراچيءَ جو نالو مائي ڪولاچي جي نالي مان نڪتل سڏجي ٿو. ڪراچي جو نالو سڀ کان پهرين 1742 ۾ ڊچ ٻوليءَ جي ھڪ ڪاغذ ۾ ڏيکاريل آهي تہ ان ڪراچيءَ واري وسندي لڳ ھڪ واپاري جھاز ٽڪرجي تباھ ٿيو جنھن جو نالو ڊِي رِڊَرڪِرڪ ھو.[17][18]

تاريخسنواريو

 
ڪراچي جي هڪ قديم تصوير 1889ع

مائي ڪولاچي جي وسندي جو بنياد 1729 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو[19]. جتي هينئر ڪراچي آهي اتي اڳي ڪو به شھر ڪو نه هو. سمنڊ جي هڪڙي ڇاڙ ٿي آئي ۽ ڪي مهاڻن جا گهر هئا ۽ ڪي هندو واپاري هئا ۽ انهيءَ هنڌ کي ڪلاچيءَ جو ڪُنُ چوندا هئا[19]. اڳي ننڍڙو ڳوٺ هيو، جتي مهاڻا ۽ ڪي واڻيا رهندا هئا ۽ ان جو نالو ڪلاچي ھو[19] ڪلاچيءَ جو ڪُن نالو شاھ جي رسالي ۾ به آيل آهي[19]. سن ۱۱۹۹۰ (سن 1777ع) ۾ مير بجار خان حج تان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ مان لهي شهدادپور آيو، جتي مير رهندا هئا[19]. ميان نور محمد جي راڄ ۾ سنه ۱۱۵۵ھ يا سن 1742ع ۾، نادر شاھ بادشاھ سورت بندر ۾ ڪي جهاز ٺهرايا هئا، تن جي وٺڻ لاءِ مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي ڪراچيءَ آيو ۽ اتان ٿي ٺٽي آيو ۽ ميان نور محمد (نواب شاھ قلي خان) هن جي پيشوا ويو ۽ هن کي ٺٽي ۾ آڻي رهايائين. ٻن مهينن کان پوءِ هو هليو ويو[19]. سن ۱۲۰۷ (سن 1792ع) ۾ قلات جي خان جو ناٺي زرڪ خان ميان عبدالنبيءَ کي مدد ڏيندي ۽ ميرن سان وڙهندي مارجي ويو هو. انهيءَ جي عيوض ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪراچي ۽ ڪُورن وارو ڀاڱو قلات جي خان کي ڏيئي ڇڏيو هو[19]. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا، اهي جوکين جي ڄام جي نظر هيٺ هوندا هئا[19]. پوءِ اتي هڪڙو جهنگلي ڪوٽ ٺاهيائون، جنهن کي ڪلاچي ڪوٽ چوندا هئا ۽ قلات جي خان جي هٿ ۾ هو[19]. سنه 1795ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر اهو هٿ ڪيو ۽ اتي هڪڙو حاڪم مقرر ڪيائون ۽ اتي جي هندو واپارين مان لک ڏيڍ پيدا ٿيندو هون[19]. ورهيه ٻن کان پوءِ انهيءَ جي بچاءَ لاءِ ميرن منوڙي تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو[19]. سنه 1252هه (سنه 1836ع) ۾ انگريز سرڪار شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ لشڪر ٿي موڪليو، جو ڪراچي اچي لٿو. ميرن انهيءَ کي درياه جي رستي سنڌ مان لنگهڻ نٿي ڏنو. پر انگريز توبون هڻي منهڙي جو ڪوٽ ڀڃي زور سان ڪراچيءَ ۾ اچي لٿا ۽ پوءِ درياه جي رستي لنگهي ويا[19]. ميرن جي طرفان آغا اسماعيل شاه وڪيل ٿي ڪراچيءَ ويو ۽ سرجان ڪين سان وڃي ٺهراءُ ڪيائين ۽ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ هڪڙو عهدنامو ٿيو[19]. سن ۱۲۵۸ ھ (سن 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر پوني مان سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿي ڪراچي آيو ۽ اُتان آگبوٽ تي چڙهي حيدرآباد ۾ آيو، جتي مير نصير خان سان ملاقات ڪيائين ۽ ٻين ميرن کي به گڏيو ۽ ٻيو عهدنامو ڪيائين، جنهن موجب ڪراچي، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ سبزلڪوٽ انگريز سرڪار کي مليا[19].

 
پندرھين يا ارڙھين صديء جا چؤکنڊيء وارا قبا جيڪي ڪراچيء جي اوڀر طرف 29ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھن.

ڪراچيءَ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 3 فيبروري 1839 تي حملو ڪري منھوڙي واري مٽيءَ جي ٺھيل ڪچي قلعي کي گولي باري سان تباھ ڪيو ۽ ھن وسنديءَ تي قبضو ڪيو.

ڪراچي انگريزن جي دور ۾سنواريو

1843 ۾ ڪمپني سرڪار جي ميجر جنرل چارلس نيپيئر مياڻيءَ جي جنگ کٽي ڪراچيءَ کي سنڌ جو پھريون دفعو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. انگريزن کي هن شھر جي اھميت جو اندازو ھيو ۽ انھن 1854 ۾ ڪراچي پورٽ قائم ڪيو. بندرگاه جي قيام سان ھي شھر آمد و رفت جو وڏو مرڪز بڻيو ۽ کيس روڊن ۽ ريلوي نظام ذريعي سنڌ جي اندروني شھرن ۽ پنجاب سان ملايو ويو..[20]برطانوي سرڪار ڪراچيء پھرين اينگلو افغان جنگ جي ڪري پنھنجي فوج کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي جيڪا ھڪ فوجي گيريزن جي درجي واري ھئي. 1865 ۾ فريئر ھال ۽ ملڪہ برطانيه جي گولڊن جوبلي جي ياد ۾ ايمپريس مارڪيٽ واري عمارت ٺاھي وئي. 1878 ۾ ڪراچيءَ کي برٽش ريلوي سسٽم سان ڳنڍيو ويو.1899 ۾ ڪراچي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ وارو اوڀر جي سڀ کان وڏي بندرگاه بڻجي وئي.[21] انگريز سرڪار جي شروع ڪيل وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪري ٻاھران مختلف قومن ۽ مذھبن جي آبادي جو واڌارو ٿيندو رھيو جنھن ۾ برطانوي انگريز، پارسي، مراٺي، گوا جا عيسائي ۽ ٻيا شامل ھئا. يھودين به 1893 ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پھريون سنگاگ ٺاھيو جنھن جو نالو مگئن شالوم رکيائون.[22]ڪراچيءَ ۾ ميونسپل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جنھن جو پھريون ميئر سيٺ هرچند راءِ وشنداس 1911 ۾ بڻيو جنھن کي جديد ڪراچيءَ جو ابو سڏيندا هئا.[23]

 
فريئر ھال انگريزن جي دؤر جي ڪراچيءَ ۾ ٺھيل مشھور عمارت
 
ڪي. ايم. سي. جي مرڪزي افيس انگريزن جي دور جي انڊو-ساراسينڪ عمارت سازي جو مثالي نمونو آھي.
 
انگريزن جي دور جي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي عمارت.
 
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي مرڪزي آفيس جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺھرائي.

پاڪستان جي قيام بعدسنواريو

پاڪستان ٺھڻ وقت ڪراچي سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر هو جنهن جي آبادي 400000 لک ھئي.[15] ھي شھر انڊيا مان ايندڙ مسلمان مھاجرن جو مرڪز بڻيو. انھن جي ڪراچي ۾ آمد 1960 تائين جاري رھي. شھر ۾ ٻاھران آيل ماڻهن جي ان اضافي ڪراچيءَ جي آبادي جي انگن اکرن ۽ معيشت کي بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ کي پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو بعد ۾ 1958 ۾ گاديءَ جو هنڌ راولپنڊي منتقل ڪيو ويو.[24] پرڏيھي سفارتخانا پڻ ڪراچيءَ مان منتقل ٿي ويا.[25]1958 کان 1970 تائين ڪراچيءَ جي ون يونٽ ٺھڻ جي ڪري سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ھجڻ جي حيثيت بہ ختم ٿي وئي.[23] 1960 واري ڏھاڪي ۾ ڪراچي دنيا ۾ ھڪ رول ماڊل بڻجي ويو . ڏکڻ ڪوريا جي سيئول ڪراچي جي پنج سالن واري منصوبي کي اپنايو.[26]

جاگرافيسنواريو

 
ڪراچي جي سيارچي ذريعي ورتل تصوير

ھي شھر پاڪستان جي ڏاکڻي صوبي سنڌ جو ساحلي ڪناري تي ڪراچي بندر لڳ واقع آهي جيڪو عربي سمنڊ جو قدرتي بندر آھي. اھو پٿريلي ساحلي ميدان تي اڏيل آھي جيڪو جابلو ٽڪرين، مٿي اڀريل پٿريلي ۽ گچ واري زميني ٽڪرن سان پکڙيل آھي. جنھن جي ڪناري تي تمر جي وڻن جا پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندڙ جھڳٽا واقع آھن جيڪي ٻيلن جي روپ م سنڌوندي جي ڊيلٽا تائين پکڙيل آهن.


 
ڪراچي جي اولھ م واقع ھاڪس بي

ھي شھر انڊين زميني پليٽ ۽ عربي زمين پليٽ جي سنگم جي ويجھو واقع آهي[27] شھر منجھ ٻه ننڍڙا جابلو سلسلا: خاسا واريون ٽڪريون ۽ ملري واريون ٽڪريون ڪراچي جي اتر اولھ واري حصي م واقع آھن جيڪي نارٿ ناظم آباد ۽ اورنگي وچ ۾ آھن ۽ انھن کي الڳ ڪن ٿيون[28] ڪراچي جون ٽڪريون ساوڪ کان خالي آھن ۽ اھي کيرٿر جبل جي قطارن جو حصو آهن جن جي وڌ کان وڌ اوچائي سامونڊي سطح کان 528 ميٽرن تائين بلند آھي. ٽڪريون وچ ۾ ڪشادا ساحلي ميدان واقع آھن. ان منجھان ملير ندي ۽ لياري ندي وھندڙ آھن. لياري ندي واري جاء تي ڪولاچي نالي مھاڻن جي وسندي ھوندي ھئي[29].

انتظامي ورهاستسنواريو

 
ڪراچي جي انتظامي ورهاست

ڪراچي انتظامي طور تي 6 ضلعن ۾ ورھايل آھي:

ڪراچي جا ضلعا
# ضلعو تعلقا پکيڙ آبادي ڇانوڻيون
1 ڪراچي ايسٽ 4 ڪابہ نہ
2 ڪراچي سينٽرل 5 ڪابہ نہ
3 ڪراچي ويسٽ 5 منوڙا ڪينٽ
4 ڪراچي سائوٿ 7 ڪراچي ڪينٽ
ڪلفٽن ڪينٽ
5 ملير ضلعو 6 ملير ڪينٽ
6 ڪورنگي ضلعو 4 ڪورنگي ڪريڪ
ڪينٽ
فيصل ڪينٽ
7 ڪياماڙي ضلعو 3

ڪراچي جا تعلقاسنواريو

ڪراچي جا تعلقا يا سب ڊويزنون
ڪراچي ايسٽ ڪراچي ويسٽ ڪراچي سينٽرل ڪراچي سائوٿ ملير ضلعو ڪورنگي ضلعو
1.گلزار ھجري 1. بلديه 1.لياقت آباد 1.صدر 1.بن قاسم 1.ماڊل ڪالوني
2. گلشن اقبال 2.اورنگي 2.ناظم آباد 2.سول لائينز 2.شاھ مريد 2. ڪورنگي
3.جمشيد ڪواٽرز 3.منگھو پير 3. نارٿ ناظم آباد 3.گارڊن 3.ايئرپورٽ 3.شاھ فيصل
4. فيروز آباد 4. مومن آباد 4.گلبرگ 4.آرام باغ 4.مراد ميمڻ 4. لانڍي
5.سائيٽ 5.نيو ڪراچي 5.لياري 5.گڏاپ
6.ھاربر 6.ابراهيم حيدري
7. ماڙي پور

ڪراچي جا اڳوڻا ٽائونسنواريو

ڪراچي ۾ 2000 ناظمن واري بلدياتي قانون تحت سڀ ضلعا ۽ تعلقا ختم ڪري شھري حڪومت قائم ڪري شھر کي 18 ٽائون م ورھايو ويو. 2011 ۾ ان نظام جو خاتمو اڻي پراڻا ضلعا ء تعلقا بحال ڪيا ويا.

ڪراچي جا اڳوڻا ٽائون
نمبر ٽائون نمبر ٽائون
1 لياري ٽائون 2 صدر ٽائون
3 جمشيد ٽائون 4 گڏاپ ٽائون
5 سائيٽ ٽائون 6 ڪياماڙي ٽائون
7 شاھ فيصل ٽائون 8 ڪورنگي ٽائون
9 لانڍي ٽائون 10 بن قاسم ٽائون
11 ملير ٽائون 12 گلشن ٽائون
13 لياقت آباد ٽائون 14 نارٿ ناظم آباد ٽائون
15 گلبرگ ٽائون 16 نيو ڪراچي ٽائون
17 اورنگي ٽائون 18 بلديہ ٽائون

ڪراچي جون ديھونسنواريو

ڪراچي م 93 ديھون واقع آهن.

ڪراچي جون ديھون[30]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آبدار 2 الھ ٻنون 3 الھ ڦھائي 4 اميلاڻون
5 ٻٻراڻون 6 ٻاڪراڻ 7 بازار 8 ڀاڏ
9 بجار جي بٺي 10 ٻٽي آمري 11 ٻولھاڙي 12 بند مراد خان
13 ڇتارا 14 چوھڙ 15 درساڻو ڇنو 16 ڌاٻيجي 1
17 ڌاٻيجي 2 18 ڍانڍو 19 ڊھ 20 دوزان
21 ڊگھ روڊ 22 ڊگھ 23 گڏاپ 24 ڳاڱيارو
25 گابو پٽ 26 گھگھر 27 ڳجھڙو 28 گونڊ پاس
29 ھلڪاڻي 30 حب 31 حد رواء 32 ابراهيم حيدري
33 ڄام جو جکرو 34 جھنگ ڪنڊ 35 جھونجھار 36 جوريجي
37 ڪاري لڪي 38 ڪرمتاڻي لٽ 39 ڪاٺوڙ 40 کديجي
41 کاکڙ 42 کانٽو 43 کرکرو 44 ڪونڪر
45 ڪوٽيرڙو 46 ڪنڊ 47 لعل بکر 1 48 لعل بکر 2
49 لانڍي 50 لوسر 51 لوھارڪو لنگھ 52 لنگھيجي
53 ميھر جبل 54 مائي ڳاڙهي 55 ملھ 56 مانڊڙو
57 من 58 مواڇ 59 مھراڻ 60 مھيو
61 مٺا گھر 62 ميٽاڻ 63 ماڇڪو 64 موئيدان
65 موکي 66 منڍياري 67 نانگڻ 68 ناراٿر
69 اوڪيواري 70 اوڙنگي 71 ڦھائي 72 پپري
73 پير منگھو 74 ريڙھي صفوران 75 سنھڙو 76 شاھ مريد
76 شاھي ڇپ 77 شرابي 78 شورڪنڍي 79 شورينگ
80 سونگل 81 سونڍي 82 سورجاڻي 83 تائيسر
84 تراڙي 85 ٿڌو 86 ٿومبس 87 ٽوڙ
88 واڻ ڪنڊ 89 ٿھومينگ 90 ٿاڻو 91 [[]]
92 [[]] 93 [[]]

مردم نگاريسنواريو

ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ گھڻن نسلن، گھڻن مذھبن ۽ گھڻين ٻولين ڳالهائيندڙن جو شھر آھي[15] 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي آبادي 14,910,352 ھئي ۽ شھر جي آبادي جي سالياني واڌ جي شرح %2.49 ھئي. 1998ع جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي آبادي 93 لک ھئي[31] شھرين کي ڪراچي وارا يا ڪراچيئيٽس سڏيو ويندو آهي. اوڻويھين صدي م ھن شھر جي آبادي 1،05،000 ھئي[32]. 1947 م پاڪستان جي قيام وقت وڌي 4,00,000 ٿي چڪي ھئي[15]. جنھن بعد مھاجرن جي آمد سان شھري آبادي ۾ زبردست اضافو ٿيو[33] تيزي سان ٿيل معاشي ترقيءَ ملڪ جي ھر پاسي جي ماڻھن کي سميت ڏکڻ ايشيائي ماڻھن کي ھن شھر طرف مائل ڪيو [34]. ڪجھ سياسي گروھن ڪراچي جي 2017 جي آدمشماري کي تڪراري قرار ڏنو آهي[35][36][37] 1998 کان 2017 تائين ڪراچي جي آبادي ۾ 59.8 سيڪڙو اضافو آيو ۽ لاھور شھر ۾ اھو اضافو 75.3 سيڪڙو ھيو[38]



مذھبسنواريو

ڪراچي جي آبادي جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي مسلمانن جي آھي. باقي عيسائي، ھندو ۽ پارسي مذھب وارا آھن. مسلم آبادي جي اڪثريت سني اسلام ء ٻئي نمبر تي شيعه اسلام سان تعلقي رکندڙ آھن. باقي ۾ اسماعيلي خوجا، اھل حديث ۽ بوھري شامل آهن.

 
سينٽ پيٽرڪس ڪيٿيڊرل
 
ڪراچي ۾ ھڪ مندر

تعليمسنواريو

ڪراچي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي آھي. ان کان سواءِ ھتي سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي،

ڊي جي سائنس ڪاليجسنواريو

صحتسنواريو

 
پي او بي ٽرسٽ واري اکين جي اسپتال

موسمسنواريو

 
ڪراچي جي آبهوا


ڪراچي جي معيشتسنواريو

 
ڪراچي جي تعمير

واپارسنواريو

 
ڪياماڙي جي بوٽ بيسن ۽ ڪلاڪ ٽاور

بازارونسنواريو

 
ھڪ مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جو عام دڪان

ڪراچي پورٽسنواريو

 
نيٽي جيٽي ڀرسان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي عمارت
 
فريٽ لائينر ڪراچي جي بندر تي

ٽرانسپورٽسنواريو

ٽرامسنواريو

ٽرام ھلائڻ لاءِ 1881 ۾ جيمس اسٽريچن نالي ڪراچي ميونسپالٽي جي ھڪ انجنيئر تجويز تيار ڪئي جيڪا 1883 ۾ بمبئي حڪومت منظور ڪئي ۽ ٽرام ايڪٽ پاس ڪيو جنھن کان پوءِ ٽينڊر گھرايا ويا. لنڊن جي ايڊورڊ ميٿيو فرم جو ٽينڊر منظور ٿيو. 20 اپريل 1885 ۾ سنڌ جي ڪمشنر ھينري ارسڪن ڪراچيءَ ۾ ٽرام نظام جو افتتاح ڪيو. شروعات ۾ ٽرام کي ڪوئلي جي انجڻ تي ھلايو ويو پر مشينن جي شور سبب شھرين جي احتجاج تي انجڻيون ختم ڪري ٽرام کي گھوڙن سان ڇڪڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.1909 ۾ گھوڙن جي جاء تي پيٽرول جون انجڻيون لڳايون ويون. 30 اپريل 1975 ۾ ٽرام سسٽم ڪراچيءَ مان ختم ڪيو ويو.[39]

ھوائي آمدورفتسنواريو

 
جناح ٽرمينل ڪراچي

ريل رستي آمدورفتسنواريو

 
ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن
 
ڪينٽ اسٽيشن

سياحتسنواريو

 
بھادرآباد چوڪ تي چار مينار
 
ڪراچي جو مھاٽا پيليس ميوزيم


ھوٽلونسنواريو

 
پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل

حوالاسنواريو

  1. "PROVISIONAL SUMMARY RESULTS OF 6TH POPULATION AND HOUSING CENSUS-2017". Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 21 October 2017. 
  2. "District in Karachi". Karachi Metropolitan Corporation. حاصل ڪيل 6 May 2014. 
  3. name=autogenerated1>"Government". Karachi Metropolitan Corporation. حاصل ڪيل 6 May 2014. 
  4. "Geography & Demography". City District Government of Karachi. حاصل ڪيل 22 August 2010. [مئل ڳنڍڻو]
  5. "Ten major cities' population up by 74pc". حاصل ڪيل 21 October 2017. 
  6. "Global city GDP rankings 2008-2025". PricewaterhouseCoopers. وقت 13 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 February 2010. 
  7. "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017. 
  8. "Population size and growth of major cities" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  9. Amer, Khawaja (10 June 2013). "Population explosion: Put an embargo on industrialisation in Karachi". The Express Tribune. http://tribune.com.pk/story/614409/population-explosion-put-an-embargo-on-industrialisation-in-karachi/. Retrieved 16 June 2017. 
  10. "Population explosion: Put an embargo on industrialisation in Karachi". tribune.com.pk. 6 October 2013. http://tribune.com.pk/story/614409/population-explosion-put-an-embargo-on-industrialisation-in-karachi/. Retrieved 16 June 2017. 
  11. Brinkhoff, Thomas. "The Principal Agglomerations of the World". City Population. حاصل ڪيل 8 April 2015. 
  12. "GaWC – The World According to GaWC 2008". Lboro.ac.uk. حاصل ڪيل 14 September 2009. 
  13. "GAWC World Cities Ranking List". Diserio.com. حاصل ڪيل 14 September 2009. 
  14. "PIGJE". pigje.com.pk. حاصل ڪيل 25 February 2016. 
  15. 15.0 15.1 15.2 15.3 Inskeep, Steve (2012). Instant City: Life and Death in Karachi. Penguin Publishing Group. pp. 284. ISBN 978-0-14-312216-6. https://books.google.com/books?id=bbjaCwAAQBAJ&printsec=frontcover&dq=Instant+City:+Life+and+Death+in+Karachi&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjAtse4gIPQAhXKy4MKHWfRCFEQ6AEILDAA#v=onepage&q=Instant%20City:%20Life%20and%20Death%20in%20Karachi&f=false. Retrieved 30 October 2016. 
  16. List of cities proper by population - Wikipedia
  17. The Dutch East India Company (VOC) and Diewel-Sind (Pakistan) in the 17th and 18th centuries, Floor, W. Institute of Central & West Asian Studies, University of Karachi, 1993–1994, p. 49.
  18. "The Dutch East India Company's shipping between the Netherlands and Asia 1595–1795". حاصل ڪيل 14 June 2015. 
  19. 19.00 19.01 19.02 19.03 19.04 19.05 19.06 19.07 19.08 19.09 19.10 19.11 19.12 19.13 [قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]
  20. Blood, Peter R. (1996). Pakistan: A Country Study. DIANE Publishing. p. 96. ISBN 978-0-7881-3631-3. 
  21. [Herbert Feldman [1970]: Karachi Through a Hundred Years: The Centenary History of the Karachi Chamber of Commerce and Industry 1860–1960. 2. ed. Karachi: Oxford University Press (1960).]
  22. Askari, Sabiah, ed (2015). Studies on Karachi: Papers Presented at the Karachi Conference 2013. Cambridge Scholars Publishing. pp. 325. ISBN 978-1-4438-8450-1. 
  23. 23.0 23.1 Nadeem F. Paracha. "Visual Karachi: From Paris of Asia, to City of Lights, to Hell on Earth". dawn.com. حاصل ڪيل 10 March 2016. 
  24. Barbara A. Weightman, Dragons and Tigers: A Geography of South, East, and Southeast Asia, John Wiley & Sons, ISBN 978-1-118-13998-1 
  25. Party, Government and Freedom in the Muslim World: Three Articles Reprinted from the Encyclopaedia of Islam, 2d Ed., V. 3, Parts 49–50. Brill Archive. 1968. p. 37. 
  26. Planning Commission, The Second Five Year Plan: 1960–65, Karachi: Govt. Printing Press, 1960, p. 393
  27. "KARACHI: Karachi’s earthquake history". 
  28. "A story behind every name". The News International, Pakistan. حاصل ڪيل 14 June 2015. 
  29. "The case of Karachi, Pakistan" (PDF). University College London. حاصل ڪيل 1 June 2016. 
  30. › ...PDFWeb resultsList of Dehs in Sindh
  31. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ETT
  32. "Karachi Population 2016". World Population Review. حاصل ڪيل 25 February 2016. 
  33. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Port Qasim | About Karachi
  34. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Rowman & Littlefield
  35. "Karachiites lash out against census results on social media – Samaa TV". samaa.tv. حاصل ڪيل 24 January 2018. 
  36. "Assembly rejects initial census results". The Nation. https://nation.com.pk/03-Nov-2017/assembly-rejects-initial-census-results. 
  37. "After PPP and PSP, MQM-Pakistan rejects census 2017 results". NewsOne. 29 August 2017. https://www.newsone.tv/pakistan-news/ppp-psp-mqm-pakistan-rejects-census-2017-results-2. 
  38. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named stats
  39. { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 35}