خضدار
خضدار انگريزي (Khuzdar) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو شهر آهي جيڪو ڪوشڪ ندي جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. ڏکڻ بلوچستان (جھلوان يا جھالاوان) جو اهم ۽ تاريخي شهر ۽ ضلعو پڻ آهي. هت سنڌي، بواهوي ۽ بلوچي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هن شهر ۾ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن به آهي. تعليمي حوالي سان هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ انجينيئرنگ يونورسٽي پڻ آهي. هن شهر گنجان آبادي وارو شهر پڻجي ويو آهي. هن جي موسم وڍ، ڪوئٽه ۽ قلات جي ڀيٽ ۾ گرم آهي. هت مختلف موات جا باغ پڻ آهن. خضدار اهم شاهراھ وسيلي ڪراچي ۽ ڪوئٽه سان ڳنڍيل آهي.[1]
Khuzdar خضدار | |
---|---|
شھر | |
Khuzdar city | |
جاگرافي بيهڪ: 27°48′N 66°37′E / 27.800°N 66.617°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
بلندي | 1,237 ميل (4,058 ft) |
تاريخ
سنواريوھينري پاٽينجر جو 1810 ۾ سفر
سنواريوشهر ننڍڙو آهي، منجهس پنجن سوَن کان وڌيڪ گهر ڪونه آهن. اهو جبلن جي وچ ۾ هڪ ماٿريءَ ۾ ٺهيل آهي ۽ چوڌاري ننڍو مٽيءَ جو ڪوٽ اڏيل اٿس. ڪوٽ جي اندر ٻه- ٽي باغيچا آهن، جن ۾ موسم تي انگور، انجير، شڪربالا ۽ باداميون، صوف وغيره پيدا ٿيندا آهن. جڏهن اسان اتي هئاسين، تڏهن وڻن ۾ پن ڪونه هئا ۽ تهه سيارو هو. گرميءَ جي موسم ۾ قنبراڻيءَ قوم جو سردار ۽ قلات جي حاڪم محمود خان جو سالو مير مراد علي، خوزدار ۾ رهندو آهي. هو ان وقت ڪڇ گنداوا. ويل هو، پر سندس نائب جو هڪ بيحال ٻڍو ماڻهو هو، سو اسان سان ملڻ آيو، چيائين ته معاف ڪجو جو ڪالهه شام جو اوهان سان ملي نه سگهيس، منهنجي طبيعت ناساز هئي. اسان چيس ته اسان مير صاحب لاءِ لس جي ڄام جو خط آندو آهي، پر اسان کي ساڻس گڏجڻ جي اميد هئي، تنهنڪري خط پاڻ وٽ رکيوسين. خوزدار جا رهاڪو اڪثر ملتان ۾ شڪارپور جا هندو آهن، انهن جي شهر ۾ ايتري هلندي آهي جو شهر جي دروازي جون ڪنجيون روز رات جو مکيه برهمڻ جي حوالي ڪيون وينديون آهن، اتي برهمڻن جي نُک جا ڪيترا ماڻهو رهندا آهن. اهي ڪالي ماتا جي مندر ۾، جو هنن اتي ٺهرايو آهي خدمت ڪندا آهن. هو بدچلن ۽ بدڪار ماڻهو آهن، ۽ اسان جي هوندي سمورو وقت تماڪ پيئندا، ڀنگ کائيندا ۽ باهه تي ويٺا هوندا هئا، انهن اوَگڻن ڪري، هو ضعيف ۽ قبل از وقت ٻڍا نظر ايندا هئا. انهن برهمڻن جي ڪري بازار هميشه ڀرپور هوندي آهي. انهن ٻه چرخيون به ٺهرايون آهن جي هڪ نهر جي زور تي هلنديون آهن، جا ماٿر مان وهي ٿي.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ Khuzdar - Wikipedia
- ↑ ڪتاب:سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر؛ ليکڪ: ھينري پاٽينجر؛ايڊيشن: 1993؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو