ڪڇي لهجو
ڪڇي لھجو (Kachhi Dilect) ڪڇ لفظ جي معنيٰ آهي ڪنڌي يا ڪنارو. ڪڇ اپ ٻيٽ آهي، جنھن کي ٽنهي پاسن کان سمنڊ آهي. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪڇ، ڀڄ ۽ گجرات جا حصا سنڌ جي اثر هيٺ رهيا آهن؛ اتي جيڪا ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي، اها سنڌيءَ جي تمام ويجهي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ننڍو لھجو (sub dialect) چئي سگهجي ٿي. ڪيترين ئي ڳالھين ۾ ڪڇڪي لاڙي لھجي سان مشابھت رکي ٿي. مثال طور: ڪڇي بہ لاڙين وانگر پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍيو ڇڏين. ”ا“ هو. اچارن کي سسائين ٿا، ”ھ“ جو اچار ڪيترن لفظن مان ڪڍي ڇڏين ٿا. هي عام طور تي ”اين“ جو ڊگهو اچار گڏين ٿا، مثال طور: جانورَ جناورين، ڏينھَن ، ڏينھين، مثال طور هي ”يہ“ جو اچار بہ بدلائي گڏين ٿا. آءٌ ڪرو ڪريان“ يعني مان ڇا ڪريان. ’او-ان ۽ پنڊ‘ ضمير ڪم آڻين ٿا. ڪڇي ٻوليءَ ۾ ڏنائنس کي چون ڏنيس، ڪھڙو کي ڪيرو، کائڻ کي کيئڻ، جبل کي ڏونگر، بابو کي ٻابو، زال کي ٻائي يا ٻايڙي. اتان ۽ جتان بدران ائان، جئان چون ٿا يعني وچ وارو ”ت“ اکر ڪڍي ڇڏين ٿا. تنھن ۽ ڪنھن بدران چون ”تين ۽ ڪين“ ڪيترن لفظن جي وچ مان ”ر“ ۽ ”ڙ“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن. مثال طور ڳئون چارڻ بدران چون ڳئون چايڻ. ڪڇي لوڪ گيتن ۾ هو جمالو بہ شامل آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ عام آهي. ڪڇي ’هو جمالي‘ جو ڪجهہ نمونو هيٺ ڏجي ٿو[1]:
- اسين ماڙو ڪڇ جا – هو جمالو
- مٺا ماڙو ڪڇ جا- هو جمالو
- ڪارا ڏونگر ڪڇ جا – هو جمالو
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.