ٿر جو ڪوئلو

ڪوئلي جو کڏ -تَرو- ترائي

ٿر جو ڪوئلو(انگريزي: Thar Coal ) 1988ع ۾ برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ (ODA) اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ ٿهاريي هاليپوٽا ۾ ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڪامياب ٿي. 1989ع ۾ هڪ تنظيم ‘GSP/ UGS’ ڇاڇري جي ڀرسان سازدا طرفان کوٽايل پاڻيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو ۽ ٻڌايو تہ ٿر واري رڻ پٽ ۾ ڪوئلي جو وسيع ذخيرو موجود آهي. فيبروري 1992ع ۾ ٿر ۾ ڪوئلي جي موجودگيءَ لاءِ ڊرلنگ وسيلي چار سوراخ ڪيا ويا. هن وقت تائين ٿر ۾ 9100 چورس ڪلوميٽرن کان مٿي ايراضيءَ ۾ 224 ڊرل سوراخ ڪيا ويا آهن ۽ مجموعي طور ٿر مان 175 ارب ٽن ڪوئلي ملڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن سان دنيا ۾ ڪوئلي جي پيداوار وارن ملڪن ۾ پاڪستان ستون نمبر وڏو ملڪ شمار ٿيندو. ٿر ۾ ڪوئلي جي ايراضيءَ جو وچور هن ريت آهي:

  • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو سنڌ جي اوڀرندي طرف ٿر واري رڻ پٽ ۾ آهي ۽ اهو علائقو ويڪرائي ڦاڪ 24030’ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7003’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي واري ايراضيءَ جي پکيڙ اٽڪل 9100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. (اها ايراضي ٿر جي ڪل ايراضي 22000 چورس ڪلوميٽرن مان آهي) ۽ اها (اتر- ڏکڻ) طرف 140 ڪلوميٽر ۽ (اوڀرندي- اولهندي) طرف 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي.
  • ڪوئلي جي هن ذخيري جي حساب سان ڪوئلي جي پيداوارن وارن وڏن 12 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ستون نمبر بيهي ٿو.
  • ٿر جي ڪوئلي جو معيار لگنئيٽ A کان B آهي، جيڪو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي.

پاڪستان جي قيام وقت ڪوئلو، ڪچو لوهه ۽ ٻي معدنيات ڀارت جي حصي ۾ آيون. پاڪستان ۾ معدني کاڻيون نه هئڻ جي برابر هيون ۽ انهن جي پيداوار ملڪي ضرورت ۾ ناڪافي هئي. انهيءَ ڪري ٻاهران گهرائڻ ۾ گهڻو سرمايو ضايع ٿيندو هو.

حوالا سنواريو