تنوير عباسي
معلومات شخصيت
ڄم 7 ڊسمبر 1934   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
سوڀوديرو ،خیرپور (شاهي ریاست) ،بمبئي پريزيڊينسي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 25 نومبر 1999 (65 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
اسلام آباد ،پاڪستان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن اسلام آباد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
رڪن سنڌي ادبي سنگت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي اين. جي. وي. ھاءِ اسڪول
ڏيارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج ڪراچي
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو شاعر ،طبيب   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سنڌي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
آجر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

تنوير عباسي، ڊاڪٽر سنڌ جو ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس، سندس اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن 7 ڊسمبر 1934ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي. جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين .

شاعريءَ جي شروعات

سنواريو

ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين. ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.

ادبي خڊمتون

سنواريو

تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو ، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي. تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي.[1]

وابستگيون

سنواريو

پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (11 سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا.

سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:

  • (1) رڳون ٿيون رباب (شاعري: 1958ع)
  • (2) شعر (1970ع)
  • (3 ) جي ماريا نه موت ( ويٽ نامي ناول جو ترجمو: 1973ع )
  • (4 ) ٻاراڻا ٻول ( چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع )
  • (5 ) شاه لطيف جي شاعري ( تحقيق: جلد I 1976ع )
  • (6 ) شاهه لطيف جي شاعري ( جلد ٻيو ، 1985ع )
  • (7 ) شاهه لطيف جي شاعري ( 3 جلد گڏ ، 1989ع )
  • (8 ) سج تريءَ هيٺان ( شاعري: 1977ع )[2]
  • (9 ) جديد سنڌي شاعري ( چونڊ ۽ ترتيب: 1981ع )
  • (10 ) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ( ترتيب: 1983ع )
  • (11 ) نانڪ يوسف جو ڪلام ( ترتيب: 1982ع )
  • (12 ) ڏوري ڏوري ڏيهه ( سفرنامو: 1984ع )
  • (13 ) هيءَ ڌرتي ( شاعري: 1985ع )
  • (14 ) Sachal Sarmast
  • (15 ) منهن تنين مشعل ( خاڪا: 1990ع )
  • (16 ) تنوير چئي ( شعري ڪليات:1989ع )
  • (17 ) ترورا ( ادبي مضمون ، خاڪا ، يادگيريون ، سفرنامو: 1988ع )
  • (18 ) ساجن سونهن سرت ( شاعري: 1996ع )
  • (19 ) سپني کان سهڻي ساڀيا ( تقريرون ۽ ليڪچر: 2002ع )
  • (20 ) سچل جو رسالو ( ترتيب:اڻ ڇپيل )
  • (21 ) مون کي اڳتي وڃڻو آهي ( سفرناما: 2000ع ) .

انهن کان علاو تنوير عباسيءَ سنڌي شاعري، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ويهين صديءَ جو هي هڪ ڏاهو انسان، 25 نومبر 1999ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي .

تنوير ڪارنر

سنواريو

تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي.[3]

تنوير تي ڪتاب

سنواريو

تنوير عباسيءَ بابت ( 1 ) تنوير عباسي هڪ مطالعو ( ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو )، ( 2 ) پوان شل قبول ( مرتب: اياز گل )، ( 3 ) مان تنوير آهيان ( مرتب: مشتاق ڪلهوڙو ) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ” روشن آ سانجهي “ اياز گل ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو آهي . ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.[4][5]