ملتان(انگريزي: Multan) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو ھڪ شھر جيڪو درياء چناب جي ڪناري تي واقع آھي. ھي شھر ملتان ڊويزن ۽ ملتان ضلعي جو صدر مقام پڻ آهي ۽ آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جو ستون نمبر وڏو شهر آهي [4][5] ھي شھر ڏکڻ پنجاب جو سڀ کان وڏو معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آھي. قديم دؤر ۾ ھتي سج جي ديوتا جو مندر ھوندو ھو. ان مندر واري شھر جو سڪندراعظم بہ محاصرو ڪيو ھو.[6] يارھين ۽ ٻارھين صدي ۾ ھي شھر اوليائن جو مرڪز بڻجي ويو جنھن ڪري ھن شھر تي اوليائن جي شھر جو نالو پئجي ويو. سنڌ ۾ سومرن جي دور (1353ع-1050ع) ۾ سنڌ ۾ شامل هو.ھڪ روايت مطابق ملتان تي مالي (مالهي) قبيلي پٺيان نالو پيو. اول ماليتان سڏبو هو پر پوءِ بدلجي ملتان پڻجي ويو.[7]

ملتان
مُلتان
شھر
گھڙيالي ڪانٽي وانگر مٿان کان ھيٺ ڏسو:13صدي جي بھاءالدين زڪريا جي مزار،شاھي عيدگاھ واري مسجد، ملتان جو گھنٽا گھر، چوڏھين صدي جي شاھ رڪن عالم جي مزار، شمس الدين سبزواري جي مزار ، نيري سرن وارو شاھ گرديز جو مقبرو
گھڙيالي ڪانٽي وانگر مٿان کان ھيٺ ڏسو:13صدي جي بھاءالدين زڪريا جي مزار،شاھي عيدگاھ واري مسجد، ملتان جو گھنٽا گھر، چوڏھين صدي جي شاھ رڪن عالم جي مزار، شمس الدين سبزواري جي مزار ، نيري سرن وارو شاھ گرديز جو مقبرو
عرفيت: اوليائن جو شھر
ملتان is located in Punjab, Pakistan
ملتان
ملتان
ملتان is located in Pakistan
ملتان
ملتان
ملتان جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 30°11′52″N 71°28′11″E / 30.19778°N 71.46972°E / 30.19778; 71.46972مڪانيت: 30°11′52″N 71°28′11″E / 30.19778°N 71.46972°E / 30.19778; 71.46972
ملڪ  پاڪستان
صوبو سانچو:Country data پنجاب
ضلعو ملتان
مڪاني اختيار وارا ٽائون 6
يونين ڪاؤنسلون 4
حڪومت [2][3]
 •  ميئر چوڌري نويد آرائين پاڪستان مسلم ليگ (ن)
 • ڊپٽي ميئر * منور احسان قريشي
  • سعيد احمد
پکيڙ
 • ڪل 51 ميل2 (133 ڪ.م2)
بلند ترین  پیمائش 423 ft ft (129 m ميل)
آبادي (2017)
 • ڪل 1,871,843[1]

ملتان جي تاريخ سنواريو

عربن جو دؤر سنواريو

رحيمداد خان مولائي شيدائي مطابق: ملتان اڳ منصوره جي ماتحت هو، بعد ۾ هجري 3 صديءَ جي وچ ڌاري، آزاد رياست جي صورت اختيار ڪيائين. ملتان جي اسماعيلي عرب اميرن ماتحت هڪ ڳوٺ هئا ۽ شهر جي مندر بيت اللذهب مان هئي جي اميرن کي گهڻي آمدني هئي. جڏهن ڪو هندو راجا شهر تي ڪاهه ڪرڻ جو ارادو ڪندو هو ته، عرب امير بتخاني کي ڊاهڻ جي ڌمڪي ڏيندا هئا. غازي محمد بن قاسم هت جيڪا مسجد تعمير ڪرائي هئي، جا اموي يادگار هئي، ان کي جعلم بن شيبان بند ڪرائي ڇڏيو هو. بتخانو، جومحمد بن قاسم جي ڏينهن کان موجود هو، تنهن کي جعلم ڪيرائي هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن فاطمي خطبو جاري ڪيو هو. قنوج ۽ ديپالپور به هن رياست اندر هئا.[8] جيئن اندلس ۾ عربن جي باهمي جنگين ڪري ڪجهه وت المراطين ۽ الموحدين حڪومتون ڪيون هيون، تيئن سنڌ تي به ڪجهه وقت پوئين زماني ۾ هبارين، بنو ڪنده ۽ بنو منبه وارن حڪومتون ڪيون.[9]

حوالا سنواريو

  1. "PROVISIONAL SUMMARY RESULTS OF 6TH POPULATION AND HOUSING CENSUS-2017". pbs.gov.pk. حاصل ڪيل 24 November 2017. 
  2. "Archived copy". وقت 14 April 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-09-17. 
  3. Area reference آرڪائيو ڪيا ويا 14 April 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Density reference آرڪائيو ڪيا ويا 26 September 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. statpak.gov.pk
  4. "POPULATION OF MAJOR CITIES CENSUS - 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-01-03. 
  5. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files//tables/POPULATION%20SIZE%20AND%20GROWTH%20OF%20MAJOR%20CITIES.pdf
  6. Bury, John Bagnell (2015). A History of Greece. Cambridge University Press. p. 810. ISBN 9781108082204. 
  7. https://www.google.com/#q=Multan
  8. تقويم البلدان: ابو الفدا، ص-350، پئرس.
  9. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي