سبي
سبي (انگريزي: Sibi) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ شهر آهي ۽ ضلعي جو صدر مقام آهي. هن کي ضلعي جو درجو سال 1903ع ۾ مليو. سال 1974ع ۾ ضلعو نصير آباد ۽ ضلعو ڪوهلو ۽ سال 1983ع ۾ ڊيره بگٽي ۽ 1986ع ۾ ضلعو زيارت ٺاهڻ جي لاء هن کي ورهايو ويو۔ سبي، پاڪستان جو گرم ترين علائقو آهي جتي گرمين ۾ گرمي پد 50 ڊگري کان به مٿي هليو ويندو آهي۔
سبي سِبی | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 29°33′N 67°53′E / 29.550°N 67.883°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ضلعو | سبي |
مردم شماري | 1,57,000 |
بلندي | 130 ميل (430 ft) |
آبادي (2015) | |
• ڪل | 157,000 |
[1] |
تاریخ
سنواريوسیوي (هاڻي سبي) سيويءَ ۾ مضبوط قلعو هوندو هو ۽ اهو به سنڌ جي حدن اندر هو. سال 925ھ ( 1519ع) ۾ مرزا شاه بيگ ارغون قنڌار مان سيويءَ تي ڪاهه ڪئي. اتي جو حاڪم تڏهن پير ولي برلاس هو. انهيءَ کي فتح پور ۾ شڪست ڏيئي سيويءَ ۾ رهي پيو ۽ اتي گهڻيون عمارتون ۽ باغ جهوڙايائين ۽ پوءِ موٽي قنڌار ويو. سنڌ ۾ تڏهن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين حاڪم هو. انهيءَ جي پاران دريا خان مغلن سان وڃي وڙهيو، پر ڄام نندي جي مرڻ ڪري سنڌي موٽي ٺٽي آيا ۽ مغل پرتي ويا. ٻئي سال ۾ جڏهن ڄام فيروز سنڌ جي گاديءَ تي هو، تڏهن مرزا شاه بيگ پنهنجي ڀاءُ کي سيويءَ ۾ ڇڏي پاڻ لشڪر وٺي سنڌ ڏي آيو ۽ باغبان مان لنگهي ٺٽي جي ويجهو آيو، جتي ڄام جي پاران دريا خان اچي ساڻس وڙهيو ۽ مارجي ويو. پوءِ ٺٽو ڄام فيروز کي ڏيئي شاه بيگ موٽي سيوي ۽ شال ۾ آيو. سال 930ھ (1023ع) ۾ مرزا شاهه حسن بکر مان سيويءَ ڏي ويو، جو اُتي ارغونن ۽ هزارا واريءَ قوم جو تڪرار ٿي پيو هو. اُتي تڪرار لاهي، سيويءَ جي قلعي جي ازسر نو مرمت ڪرائي، پنهنجا نائب ويهاري، موٽي بکر آيو. سال 961ھ ( 1553ع) ڌاري مرزا شاه حسن بکر تي مير شاه محمود کي مقرر ڪيو. سلطان محمود خان تڏهن سيويءَ ۾ هو. بکر ۾ فساد ٿيڻ تي ماءُ جي پيغام پهچڻ شرط سلطان محمود خان آيو ۽ بکر جو ڪوٽ هٿ ڪيائين ۽ ٻين کي هڪالي ڪڍيائين. سال 1069ھ ( 1684ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني هو، تنهن جي ميان سان جنگ لڳي، پر سگهو ئي سندن وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ميان نصير محمد دهليءَ جي بادشاه اورنگزيب عالمگير ڏي ويو. پوءِ به پني جا افغان سيويءَ ۽ شڪارپور جا حاڪم ٿيندا آيا. سال 1224ھ (1712ع) کان پوءِ جڏهن شاهزادو معزالدين سنڌ ۾ آيو، تڏهن ڪلهوڙا شاهي لشڪر سان وڙهيا ۽ ميان دين محمد گرفتار ٿيو. شاهزادي سيويءَ جي حاڪم بختاور خان کي مارائي غازي خان دودائي کي اتي مقرر ڪيو ۽ سگهوئي انهيءَ کي برطرف ڪري انهيءَ جي ڀاءُ مَلَڪ الهه بخش کي رکيائين ۽ پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان ناهرن کي؛ پر انهن مان ڪنهين ڪين خاطريءَ جهڙو بندوبست رکيو، تڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي کي خدا يار خان جو خطاب ڏيئي سيويءَ جو حاڪم ڪيائين. ميان سيويءَ تي پهرين پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي رکيو، ۽ پوءِ محمد داؤد خان کي. رحيم خان پرانڪ ۽ دولت خان پني فساد ڪيو، پر اُهي سڀيئي سزاياب ٿيا. پوءِ به گهڻن ڏينهن تائين داؤدپوٽن ۽ ڪلهوڙن سرائين جي وچ ۾ جهيڙو هليو؛ پر نيٺ ڪلهوڙا زور وٺي ويا. سال 1142ھ (1729ع) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ مراد ڪيلري گنجو، سيويءَ جو حاڪم ٿيو، جنهن اتي جي سردارن قيصر خان مگسي گنجابه يا گنداواهه واري کي ۽ ميري رند شورڻ واري کي ۽ بهرام لاشاري سيويءَ واري کي ۽ ميري بلري ڪجيءَ واري کي ۽ ٻين کي ماري مڃايو. سال 1151ھ (1738ع) ۾ جڏهن نادر شاهه سنڌ ۾ آيو، تڏهن شڪارپور دائودپوٽن کي ڏنائين ۽ سيوي افغانين کي، جيئن ڪي ورهيه اڳي هوندو هو.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ Sibi Falling Rain Genomics
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو