داميلي ٻولي

ڊوميل وادي، پاڪستان ۾ ڳالھائجندڙ ھند-ايراني ٻولي

داميلي:Dameli: ھڪ داردي شاخ واري ٻولي آهي. پاڪستاني صوبي خيبرپختونخوا جي ضلعي چترال جي دوميل وادي ۾ رهندڙ پنج ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھن جي مادري ٻولي آهي. دوميل يا داميل وادي ميرخاني قلعي کان درہ آرندو ويندڙ روڊ تي چترال واري ڪنر ندي جي اوڀر پاسي دروش کان ڏھ ميلن جي فاصلي تي واقع آھي.داميلي ان واديءَ جي ڳوٺن جي عام ٻولي آهي ۽ اتي ٻيون نمبر ٻولي پشتو ڳالھائي ويندي آھي.ان کان سواءِ اتي کووار ۽ اردو پڻ ڳالھائي ويندي آھي.درجہ بندي ۾ ھن ٻوليء کي داردڪ ٻولين ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر اھا درجہ بندي لساني نه پر جاگرافيائي آھي. تاريخي طور تي انڊو ايراني سمجھيون وينديون هيون پر ھاڻي انھن کي انڊو آرين ٻولين ۾شامل ڪيو ويو آهي.[3]

داميلي
ٻولي جو وطن پاڪستان
خطو خيبرپختونخوا
ٻولي ڳالهائيندڙ
5,000 (2001)[1]
انڊو يورپين
  • انڊو ايراني
    • انڊو آرين
      • داردي ٻولين جي شاخ
        • ڪنر
          • داميلي
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-3 dml
گلوٽولوگ dame1241[2]

حوالا سنواريو

  1. داميلي at Ethnologue (18th ed., 2015)
  2. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Dameli". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/dame1241. 
  3. سانچو:Cite encyclopaedia