پاڪستان جي پارليامينٽ
پاڪستاني پارليامينٽ (انگريزي: Parliament of Pakistan) (اردو: مجلس شوریٰ پاکستان — Majlis-e-Shūrā Pākistān) ھڪ وفاقي ۽ سڀ کان وڏو ملڪي ادارو آهي جيڪو ٻن ايوانن تي مشتمل آهي جن ۾ ھڪ : مٿيون ايوان جيڪو سيينيٽ آھي ۽ ٻيو: ھيٺيون ايوان جيڪو نيشنل اسيمبلي يا قومي اسيمبلي آھي. آئين جي مطابق ملڪي صدر بہ پارليامينٽ جو حصو آهي. قومي اسيمبلي جي چونڊ پنج سالن لاءِ اليڪشن ذريعي عام ماڻهن جي ووٽ ذريعي ٿيندي آهي جنھن ۾ ھڪ ماڻھو ھڪ ووٽ جو طريقو مروج آھي. ھر ميمبر اسيمبلي جي مدي ، وفات ۽ استعفیٰ تائين برقرار رھندو آھي. جيڪڏهن قومي اسيمبلي وزيراعظم جي مشوري سان وقت کان اڳ تحليل ٿئي يا ميمبر آئين تحت نا اھل قرار ڏيڻ سان بہ رڪنيت ختم ٿي ويندي آهي. پارليامينٽ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي عمارت ۾ اجلاس ڪندي آهي جتي ٻنھي ايوانن جا بحث لاءِ وڏا ھال ٺھيل آھن جتي ايوانن جون ڪاروائيون ھلنديون آھن. 1960 کان اڳ پارليامينٽ جي عمارت ڪراچي ۾ ھئي.
Parliament of Pakistan مجلس شوریٰ پاکستان Mājlis-e-Shūrā Pākistān | |
---|---|
قسم | |
قسم | بائِڪيمرل جو حصو آهي |
ايوان | سينيٽ قومي اسيمبلي |
تاريخ | |
بنياد | 5 مارچ 1956 |
ان کان اڳ | پاڪستان جي قانونساز اسيمبلي |
اڳواڻي | |
ڍانچو | |
سيٽون | 446 پارليامينٽرينس 104 سينيٽر 342 ايم اين ايز |
سينيٽ سياسي ڌڙا |
حڪومتي اتحاد (41)
مخالف ڌر (64)
|
قومي اسيمبلي سياسي ڌڙا |
حڪومتي اتحاد (177)
اعتماد ۽ رسد (6)
مخالف ڌر (159)
|
چونڊون | |
اڪيلو منتقل ٿيندڙ ووٽ | |
گڏيل رڪن اڪثريتي (فرسٽ پاسٽ دي پوسٽ نظام عام سيٽن لاءِ آھي، عورتن لاءِ 60 سيٽون رکيل آھن، جڏھن تہ اقليتن لاءِ 10 سيٽون رکيل آھن جيڪي نسبتي نمائندگي جي اصول تحت ورھايون وينديون آھن) | |
سينيٽ پويون چونڊون |
3 مارچ 2018ع |
قومي اسيمبلي پويون چونڊون |
25 جولاءِ 2018ع |
سينيٽ ايندڙ چونڊون |
6 مارچ 2021ع (متوقع) |
قومي اسيمبلي ايندڙ چونڊون |
12 آڪٽوبر 2023ع (متوقع) |
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ | |
پارليامينٽ جي عمارت اسلام آباد، پاڪستان | |
ويب سائيٽ | |
www www |