ڪپھ

ڪپڙي ٺاھڻ جو قدرتي ريشو

ڪپھ هڪ نازڪ ريشو آهي جيڪو ڦٽي جي شڪل ۾ ڪپھ جي ٻوٽي تي ٻجن جي چوڌاري پيدا ٿيندو آهي۔ ھي دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيدا ٿيندو آهي۔ ڪپھ جي ريشي کي روئي يا ڌاڳي جي شڪل ڏئي ڪپڙو ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي۔ ڪپھ کي انگريزي ۾ Cotton چيو ويندو آهي.

ڪپھ جي ڦٽي جيڪا چونڊجڻ لاء تيار آهي۔

پيداوار جا وڏا ملڪ

سنواريو
پهريان ڏهه ڪپهه جي پيداوار وارا ملڪ (ميٽرڪ ٽن ۾)
درجو ملڪ 2010 2011 2012
1 چين 5,970,000 6,588,950 6,840,000
2 انڊيا 5,683,000 5,984,000 5,321,000
3 آمريڪا 3,941,700 3,412,550 3,598,000
4 پاڪستان 1,869,000 2,312,000 2,215,000
5 برازيل 973,449 1,673,337 1,638,103
6 ازبڪستان 1,136,120 983,400 1,052,000
7 ترڪي 816,705 954,600 851,000
8 آسٽريليا 386,800 843,572 973,497
9 ارجنٽائن 230,000 295,000 210,000
10 ترڪمانستان 225,000 195,000 198,000
سڄي دنیا ۾ 22,714,154 24,941,738 25,955,096
ماخذ: اداره براء خوراڪ و زراعت[1]

تاريخي لحاظ کان سنڌو ماٿري ڪپھ يا وونئڻ جي فصل جو اصلي مرڪز رهي آھي ۽ اهڙيون شاهديون موئن (موهِن) جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت مليون آهن. هندو مذهب جي پراڻي ڪتاب رگ ويد ۾ اهي اهڃاڻ ملن ٿا ته سنڌي ڪپھ (Indus Cotton) جنهن کي ڪرپاسا يا ڪپھ سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ململ جي ڪپڙي جي ڌاڳي واسطي پوکي ويندي هئي. هڪ ٻئي مذهبي ڪتاب توريت ۾ آيل آهي ته ڪپھ جي ملائم ۽ عمدي ڪپڙي کي سنڌو سڏيو ويندو هو. اهو ظاهر ڪري ٿو ٿه ڪپھ جو اصلي پراڻو گهر سڌو ماٿري آهي.

جڏھن تاريخي حوالن سان اهو به چيو وڃيٿو ته حضرت عيسا کي جڏهن پنهنجي قوم صليب تي چاڙھيو پئي، تڏهن به کيس سنڌ جو ڪپڙو پاتل هو. مطلب ته قديم تاريخن مان اها ڳالھ صاف ظاهر آهي ته ڪپھ جو قديم گهر سنڌو ماٿري ئي هو.

تيرهين عيسوي صديءَ جي مشھور سياح مارڪو پولو جي لکڻين مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جو ڪپڙو اهڙو ته نفيس ۽ سنهڙو هو جو هٿ لائڻ سان ڄڻڪ محسوس ئي نه ٿيندو هو.

ارڙھين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ هڪ انگريز فوجي آفيسر پاٽنجر سنڌ جو دورو ڪندي ڄاڻايو هئو ته، سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل سڀ کان اهم آگي، جيڪو وچين ۽ ڏاکڻي سنڌ جي علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو ويندو آهي. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته وونئڻ ٻن قسمن جا پوکبا هئا. هڪڙا دائمي وڻن وانگر ۽ ٻيا مندائتا يا هڪ سال وارا وونئڻ هئا.

شروعاتي ۽ جديد دؤرن ۾ سنڌ جي ڪپھ جو واپاري ۽ صنعتي سفر جاري رهندو آيو. سنڌ جو ڪپڙو ايران ۽ ترڪيءَ ۾ مشهور هو. هتان جو ڪپڙو بصري ۽ ڪانگو جي بندرن ڏانهن به ويندو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ ٺٽو، نصرپور، درٻيلو، ۽ ڪنڊيارو ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا. 1402ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي ڇھه هزار بافتي جي ٿانن جو آرڊر ڏنو. 1436ع ۾ فريملن ايسٽ انڊيا ڪپني کي اطلاع ڏنو هو ته سڄي هندستان جو ڪپڙو سنڌ جي ڪپڙي جهڙو ناهي ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو مال (ڪپھ) ٻئي ڪنهن هنڌان ملي سگهندو، سنڌ جو ڪپڙو رنگ ۽ اوڄ ۾ ڀلو آهي.[2] [3]

نالا: ع. قطن، ف. پنبه، هه. وغيره___ روئي، برش ماطوق، طوطه ۽ سنبوق.

خاصيت: هن کي ساڙي خاڪ ڪري ترن جي تيل ۾ ملائي باهه جي سڙيل داغن تي مکجي ته فائدو ٿيندو. سخت سوڄ، بدن جي خارش تي اهو تيل لائبو ته ان لاءِ به مجرب آهي. تازو ڪپاهه حواسن لاءِ مقوي آهي. فالـج، لقوي، ڪزاز ۽ نقرس لاءِ مفيد آهي. سور وارين جاين تي ڪپهه کي گرم ڪري ٻڌجي. سرد هوا ۽ سرد مادن کان پناهه ڏئي ٿو. ڪپاهه کي ڪاڙهي انهيءَ پاڻيءَ ۾ اختناق الرحم واري عورت کي وهارجي ته فائدو ٿيندس.

  1. "Production of Cotton by countries". UN Food & Agriculture Organization. حاصل ڪيل 26 آگسٽ 2013.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. ڪپھ يا وونئڻ | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-07-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-08 
  3. سنڌ جا فصل جديد پوک ۽ پيداور، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع