نوريئڙو:(انگريزي: Squirrel ) جنھن کي اردو ۾ گلہری چوندا آھن هن ساهواري جا ڪن هنڌن تي ٻيا نالا به آهن. مشونگڙو، ڳالهڙ، کلڪڙي يا کلڪوڙي ۽ گلوري وغيرھ.

نوريئڙو
وڻ تي ميوو کائيندي
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): فنامبولس
جنس: Template:Taxonomy/فنامبولس{. پالمئروم
حياتياتي نالو
فنامبولس پالمئروم
(ڪارل لينيوئس, 1766)
نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 نوريئڙو

اسڪئرل

فنامبولس پينانٽي

جسم جي بناوٽ ۽ کاڌ ۽ خوراڪ سنواريو

هن پٽاپٽي نوريئڙي جي پٽي تي پنج ڪاريون سريون ۽ اڇيون پٽيون هونديون آهن. پيٽ اڇو ۽ پڇ ٿلهو بجر هوندو اٿس. عام طور تي وڻن تي باغن ۾ ڊوڙندو نظر ايندو آهي. هي وڻن تي رهي ميوا، ٻج، ڦريون ۽ گونچ کائيندو آهي. اُڀي وڻ تان منهن هيٺ ڪري سڌو ئي سڌو عمودي لاهي لهي چڙهي ويندو آهي. سياري ۾ اُس به سيڪيندو آهي. وڻن جي شاخن تي تيلن، ڪپھ ۽ اڳڙين سان وڏو پر جهڙو تهڙو بي ڊولوآکيرو ٺاهيندو آهي.

نسل جي واڌويجھ سنواريو

مادي ٽن کان چار ٻچا ڏيندي آهي. مادي 34 ڏينهن پيٽ سان رهندي آهي. سرءُ جي مُند ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي. 10 مهينن ۾ ٻچو بالغ ٿي ويندو آهي. نوريئڙي جي سراسري ڄمار ساڍا پنج سال هوندي آهي.

نوريئڙي جو آواز سنواريو

گيلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. سانچو:IUCN2008

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.