ٽنڊو ڄام
حيدرآباد، پاڪستان ۾ واھڻ
ٽنڊو ڄام اردو: ٹنڈو جام، (انگريزي: Tando Jam) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي حيدرآباد جو هڪ شهر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هي شهر حيدرآباد جي اوڀر ۾ تقريبن ويھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ اچي ٿو. ھي شھر اين-120 شاھراھ تي واقع آھي. ھن شھر جا مشھور پاڙن ۾ لياقت ٽائون، پٺاڻ ڪالوني، مير ڪالوني، کڏ پاڙو، بسم الله گارڊن، غريب آباد ڪالوني ۽ ائٽامڪ انرجي سينٽر ڪالوني، شاھ لطيف ھائوسنگ ڪالوني، المدينه سوسائٽي ڪالوني، مير پردہ ڪالوني، ڄام گھر ڪالوني وغيره شامل آهن. شھر ۾ ريلوي اسٽيشن پڻ آھي. محبوب ٽائون پڻ آهي.
ٽنڊوڄام | |
---|---|
شھر | |
ٽنڊوڄام | |
جاگرافي بيهڪ: 25°25′40.21″N 68°31′40.40″E / 25.4278361°N 68.5278889°E | |
ملڪ | حيدرآباد ضلعو |
تعلقو | حيدرآباد (ٻھراڙي) تعلقو |
ميونسپل ڪارپوريشن | ٽنڊوڄام |
بلند ترین پیمائش | 23 ميل (75 ft) |
آبادي | |
• ڪل | ~50,000 |
تعليمي ادارا
سنواريوھتي جي تعليمي ادارن ۾
- سنڌ زرعي يونيورسٽي سنڌ جي ھڪ وڏي درسگاهه آھي جتي ايٽمي توانائي جو مرڪز ۽ فئڪلٽي آف اينيمل ھسبنڊري، زرعي انجنيئرنگ وارو ورڪشاپ پڻ آهي.
- شھر ۾ ڊگري ڪاليج ۽ ھاء اسڪول پڻ آھن جن ۾ عيسائين جو مشينري اسڪول پڻ شامل آهي جنھن جو نالو سينٽ پال ھاء اسڪول آھي. ھتي سنڌ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊمي پڻ واقع آهي.
عبادت گاھون
سنواريوشھر ۾ مختلف مسلڪن وارين مسجدن ۾
- ٽالپر مسجد،
- اولياء جامعه مسجد،
- قادري مسجد،
- مدينہ جامعه مسجد
- حسيني مسجد شامل آهن.
شھر ۾ ھڪ ڪليسا پڻ موجود آهي جنھن جو نالو سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ چرچ آھي.