ڏکڻ وزيرستان پاڪستان جو ھڪ قبائلي علائقو آھي جنھن کي ڏکڻ وزيرستان ايجنسي به چيو ويندو آھي. ھن جو صدرمقام وانا آھي. محسود قبيلو ھتان جو سڀ کان وڏو قبيلو آھي. ان کان علاوه وزير قبيلو به اھم آھي۔ 1895ع تائين ھي علائقو ڊيرا اسماعيل خان ۽ بنون جو ڊپٽي ڪمشنر ڪنٽرول ڪندو ھو۔ 1893ع ۾ افغانستان جو امير ھڪ معاھدي جي تحت ھنن علائقن جي دعوي تان دستبردار ٿي ويو۔

ددفاٽا جو ضلعي نقشو

ھاڻوڪي حالت سنواريو

2003 جي فوجي آپريشن کان اڳ ھي پرسڪون علائقو ھوندو ھيو پر فوجي آپريشن ۽ مختلف وقتن ٿيندڙ ڊرون حملن جي سبب ھتي امن ۽ امان جي صورتحال نھايت خراب رھي آھي. چيو ويندو آھي ته تحريڪ طالبان پاڪستان ھن علائقي ۾ جنم ورتو. پاڪستان جون اڪثر پابندي مڙھيل تنظيمن جو ھي علائقو مرڪز رھيو آھي. آڪٽوبر 2009 ۾ پاڪ فوج ھتي مبينہ دھشت گردن جي خلاف آپريشن راھ نجات شروع ڪئي.

پڻ ڏسو سنواريو