لاڙڪاڻو (Larkana) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعي لاڙڪاڻي جو ھڪ شهر اهي، جيڪو ڊويزنل، ضلعي، سب ڊويزنل ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جو صدر مقام آهي. هن کي پھرين آگسٽ 1901ع ۾ ضلعي جو درجو مليو[3] هتي جو مشهور ماڳ، موهن جو دڙو، مشهور ميوو، زيتون ۽ مشهور شخصيتون، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو آهن.

لاڙڪاڻو
پاڪستان جي ميونسيپل ڪارپوريشن
لاڙڪاڻو
مھر
ڀانڃ: لاڙڪن جو پرڳڻو
عرفيت: چانڊڪا
لاڙڪاڻو is located in سنڌ
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو is located in Pakistan
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
جاگرافي بيهڪ: 27°33′30″N 68°12′40″E / 27.55833°N 68.21111°E / 27.55833; 68.21111
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
سب ڊويزن تعلقو لاڙڪاڻو
حڪومت
 • قسم ميونسپل ڪارپوريشن
 • ميئر خير محمد شيخ
 • ڊپٽي ميئر انور علي لوھر
پکيڙ
 • ڪل 7,423 ڪ.م2 (2,866 ميل2)
بلندي 147 ميل (482 ft)
آبادي (2017)
 • ڪل 4,90,508[1] [2]

اھو پاڪستان جو سترھون وڏو شھر آھي[4] ھن شھر کي سڀ کان پھريون ڪلھوڙن جي دور م اھميت ملي.[4]

ھن شھر جو نالو لاڙڪ قبيلي جي ماڻھن تان پيو ھو. ان کان اڳ ان کي چانڊڪو پرڳڻو يا چانڊين جو پرڳڻو ۽ پوء چانڊڪا سڏيندا ھيا. آدم شاه ڪلهوڙو، ڪلهوڙن جو ڏاڏو، جو جونپور جي بزرگ ميران محمد جي گاديءَ تي ويٺو، سو چانڊڪي ۾ اچي رهيو[5]. آدم شاه جو پوٽو ميان الياس چانڊڪي جي ويجهو دفن ٿيل آهي. سنه 896ھ (سنه 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وقت مرزا شاه حسن کي مغل قنڌار کان وٺي چانڊڪيءَ ۽ ڪن ٻين شهرن تي آڻي ڪاهه ڪئي، پر ڄام نندي دريا خان جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو، جنهن مغلن کي وڃي شڪست ڏني ۽ انهيءَ لڙائي ۾ شاه حسن جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو. سنه 927ھ (سنه 1520ع) ۾ مرزا شاه بيگ جي راڄ ۾ مرزا سيوهڻ کان پوءِ چانڊڪي ۾ اچي رهيو. اتي بکر جي فساد جو ٻڌي اوڏي روانو ٿيو[5]. سنه 928ھ (سنه 1521ع) ۾: مرزا شاه بيگ بکر مان موٽي چانڊڪي ۾ آيو ۾ مير فاضل ڪوڪلتاش جي مرڻ ڪري هن جي لاش کڻائي بکر ڏي موڪليائين ۽ پاڻ به اوڏانهن ويو ۽ پوءِ اتان گجرات روانو ٿيو. سنه 998ھ (سنه 1589ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير معصوم شاه بکر وارو وٽس ويو ۽ بادشاهه کيس چانڊڪي جو پرڳڻو ۽ درٻيلو جاگير ڪري ڏنا.[6]مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ:”هي شهر ڪو گهڻو جهُونو نه آهي، ٻن سَون ورهين جو مس آهي. لاڙڪاڻو نالو لاڙڪ قوم جي ماڻهن کان پيو اٿس، جي آسپاس رهندا هئا. پر گهڻا چانڊيا ٻروچ اُتي رهندا هئا، جنهن ڪري اُنهيءَ کي چانڊوڪو پرڳڻو چوندا هئا. اُنهن جو سردار ولي محمد هو، جنهن کي انگريز سرڪار جي مدد ڪري وڏي جاگير ملي[5]. سندس پٽ غيبي خان هو. رند ۽ جمالي ۽ لغاري ۽ کوسا جاگيردار به آهن. پهرين ڪلهوڙا هتي آيا ۽ زمينون هٿ ڪيائون. پوءِ لڏي خداآباد ۾ وڃي ويٺا، جو تخت شهر ٿيو ۽ اُهو لاڙڪاڻي کان ٽيهارو ڪوهه ڏکڻ ڏي هو. پوءِ چانڊوڪي ۾ هڪڙو نائب رکيائون، جنهن جو نالو شاهه بهارو هو ۽ جنهن جي قبر اڃا اُتي آهي[5]. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي، اِنهيءَ پاسي ملڪ وڌايو، تڏهن چانڊڪو يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ۾ اچڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به زور هو، جو توبخانو اُتي رهندو هو. هڪڙو جهونو قلعو به اُتي هوندو هو، جو ڪلهوڙن جوڙايو هو، جنهن ۾ ٽالپرن جو توبخانو رهندو هو، جتي انگريز سرڪار پوءِ اسپتال، جيل ۽ چرين جي اسپتال ٺهرائي هئي، جا سن 1871ع ۾ ڪڍي گدوبندر وٽ ڪيائون[5]. مٿيون شاهه بهارو ميان نور محمد جو وزير نائب هو ۽ ڏهه هزار ماڻهو سندس هٿ ۾ هوندا هئا. سن 1199 هجريءَ (1773ع) ۾ وفات ڪيائين، جو سال سندس قبي تي لکيل آهي. اِهو قبو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو[5][7].

بمبئي سرڪار پنهنجن ٻن حڪم نامن هر هڪ نمبر 4942 (بامبي روينيو ڪوڊ 1870 جي سيڪشن 7 تحت) ۽ 4942.1 (انڊين رجسٽريشن ايڪٽ 3 آف 1877 جي سيڪشن 5 تحت) ذريعي پهرين آگسٽ 1901ع کان لاڙڪاڻو ضلعو قائم ڪيو ۽ ان لاءِ شڪارپور ۽ ڪراچي ضلعن مان هيٺيان تعلقا ڪڍي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڏنا ويا. ضلعي شڪارپور جا تعلقا، لاڙڪاڻو، قمبر، رتوديرو، لب مهرڻ (ڏوڪري)، ڪڪڙ، ميهڙ ۽ نصيرآباد. ضلعي ڪراچيءَ جا تعلقا، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ. اهي حڪم ناما بمبئي سرڪار جي چيف سيڪريٽري جي. ڊبليو. پي ميوئر مڪنزئي جي صحي سان جاري ٿيا. [8] 18 آڪٽوبر 1938ع تي قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو هو. ان موقعي تي ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جي صدر امير علي لاھوري آجياڻو ڏيندي تقرير ڪئي هئي، ان وقت نائب صدر پرتاب راءِ واسومل ھيو. [9]

جاگرافي

سنواريو

لاڙڪاڻو 24 56 00 ليٽيٽوڊ 67 11' 00 لانگيٽيوڊ تي اپر سنڌ جي اتر اولهه ۾ واقع آھي.'.[10]


لاڙڪاڻو شھر گھاڙ واھ تي واقع آهي[11]. رائس ڪينال پڻ شھر منجھان گزري ٿو. شھر جي ٻاھران دادو ڪئنال پڻ لاڙڪاڻي ضلعي مان گذري ٿو. ھي شھر ريلوي جنڪشن پڻ آھي. شھر کي ريلوي لائين ٻن حصن م ورھائي ٿي. اوڀر پاسي پراڻو شھر آھي جنھن ۾ لاھوري محلو، سول لائنز جنھن ۾ سرڪاري آفيسون ء سرڪاري رھائشگاھون واقع آهن. ريلوي پٽڙين جي اولھ طرف نئون شھر واقع آهي[11]. شھر ۾ وڏين بازارن م شاھي بازار، بندر روڊ، ريشم ڳلي، جيلس بازار، ڪينيڊي مارڪيٽ، اناج منڊي، ثريا پڌر، گجڻ پور چوڪ، ريلوي اسٽيشن روڊ، پاڪستاني چوڪ، ڀرڳڙي مارڪيٽ، گلف مارڪيٽ شامل آهن. شھر ۾ کوڙ باغ واقع آهن جن م جناح باغ، ذوالفقار باغ، شاھنواز چلڊرين پارڪ شامل آهن. ھتي جي مشھور عمارتن م ڊي سي جي آفيس، سنڌ ھاء ڪورٽ جي عمارت، اسٽيٽ لائيف انشورنس بلڊنگ، عيدگاھ مسجد، سر شاھنواز ڀٽو ميموريل لائبريري، ٿري پي چوڪ، اتاترڪ چوڪ، بينڪ اسڪوائر، سمبارا ان ھوٽل وغيره شامل آهن.

 
سَمبَارا اِن ھوٽل

لاڙڪاڻي تعلقي جي 2017 جي آدمشماري مطابق آبادي 7,38,069 ھئي جنھن مان 2,47,561 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 4,90,508 ماڻھو لاڙڪاڻي شھر ۾ رھندڙ آھن[1]. آبادي جو 99 سيڪڙو ماڻھو سنڌي ڳالھائيندڙ آھن. 90 سيڪڙو کان مٿي مسلمان آهن.

معاشرت

سنواريو

لاڙڪاڻي هڪ چوماسي وارو آبهوائي علائقو آهي. اونھاري ۾ انتهائي گرم آهي، ۽ گرميءَ جو درجو 53 ° C تي پهچي وڃي ٿو ۽ سياري -2 تائين پھچي ٿو. 26 مئي، 2010 تي درجه حرارت 53.4° C تائين پھتو هو، جيڪو لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي گرمي ھئي. 31 مئي، 1998 ع تي درجه حرارت 52.7 ۽ سي. 18 مئي 2013 ع تي لاڙڪاڻي ۾ شهر جي درجه حرارت 50 درجا سينس تائين رهيو.چوماسي يا مون سون يا سانوڻ جون برساتون جولائي ۽ ڪڏھن ڪڏھن اڳواٽ جون ۾ شروع ٿينديون آهن

لاڙڪاڻي جون لائبريريون

سنواريو

جائلس لائبرري اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾، ”جائلس“ لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر ٿي گذريو آهي . سال 1884ع ۾، سندس نالي پٺيان ”تجر باغ" ۾ هڪ وڏي لائبرري قائم ٿي، جيڪا لاڙڪاڻي شهر ۾ عمدي لائبرري سڏبي هئي. لائبرري، تجر باغ (موجوده نالو ”جناح باغ“) جي تاريخي عمارت ”تجر“ ۾ قائم ڪيل هئي. هيءَ عمارت ٽالپرن جي وزير، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي امانت طور رکيل لاش مٿان اڏائي وئي هئي. لائبرريءَ سان گڏ ريڊنگ روم به هئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي اخبارون اينديون هيون. لاڙڪاڻي واسين ۾ قومي شعور ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ هن لائبرريءَ جو اهم ڪردار رهيو آهي. ســُـلجهيل ماڻهو اخبارون ۽ رسالا پڙهي، باغ اندر بينچن تي ويهي، ملڪي صورتحال تي بحث مباحثا ڪندا هئا. لاڙڪاڻي جي ڀائيبندن به منجهانئس خوب لاڀ حاصل ڪيو . ورهاڱي کان اڳ لائبريريءَ ۾ نهايت معياري رسالا به ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ Modern Review”“ ڪلڪتو)، ”New Times“ (ڪراچي) ۽ ”ٽربيون“ (لاهور) - برصغير جون مشهور تحريڪون اُڀاريندڙ رسالا ۽ اخبارون ليکيون وينديون هيون، ۽ باقاعده ٽپال رستي هن لائبرريءَ ۾ پهچنديون هيون. شوقين ماڻهو اخبارن جي پهچڻ سان لائبرريءَ ۾ انبوهه جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندا هئا. اُنهن ڏينهن ۾ هن لائبرريءَ ۾ انگريزي، اُردو، هندي ۽ سنڌي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو. خاص ڪري انگريزيءَ جا چونڊ ڪتاب هن لائبرريءَ ۾ جمع ٿيل هئا . سال 1974ع ۾ ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ قائم ٿيڻ سان، هيءُ قديم لائبرري اُن ۾ ضم ٿي وئي.[12]

ڪينيڊي مارڪيٽ

سنواريو

1966 ۾ لاڙڪاڻي جي شاھي بازار ۾ باھ لڳي وئي ۽ ويھ پنجويھ دڪان سڙي ويا.ذوالفقار علي ڀٽي دورو ڪيو ۽ چندي لاءِ اپيل ڪئي، پاڻ به ڏنائين ، سرندي وارن کان به ورتائين ۽ سرڪار کان بہ ورتائين . ايترو فنڊ گڏ ٿي ويو جو شاھي بازار بہ ٻيھر ٺھي ويئي، دڪاندارن کي معاوضو به ملي ويو پوء به پئسا بچي پيا جنھن لاء ڀٽي صاحب جي چوڻ تي ھڪ ٽرسٽ ٺاھيو ويو، پوء بولس باغ واري ھنڌ تي جان ايف ڪينيڊي مارڪيٽ ٺاھي وئي.[13]

  1. 1.0 1.1 [ https://www.pbs.gov.pk › sindhPDFlarkana summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION ...]
  2. "Population size and growth of major cities". Pakistan Bureau of Statistics. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  4. 4.0 4.1 [ https://www.stdc.gos.pk/index.php/tours/all-locations/itemlist/category/162-larkana آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.] سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي دفتري سائٽ
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 [ امام راشدي جو مضمون"مرزا قليچ بيگ ۽ لاڙڪاڻو، رسالو مھراڻ سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو" ]
  6. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  7. {”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ٽيون ايڊييشن، 1891ع، ص: 30}
  8. Chronology | Gul Hayat Institute
  9. ماهتاب (منظور ڪوهيار) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-11 
  10. سانچو:Ci news
  11. 11.0 11.1 [ https://www.britannica.com/place/Larkana-Pakistan]
  12. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  13. يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 110

32°06′12″N 36°11′02″E / 32.1032°N 36.1840°E / 32.1032; 36.1840{{#coordinates:}}: cannot have more than one primary tag per page