ڪڻڪ (انگريزي :Wheat؛ اردو: گندم) سڄي دنيا ۾ پوکيو ويندڙ فصل آهي. هي گاه جي خاندان سان تعلق رکي ٿي. هڪ اندازي جي موجب 2007ع ۾ سڄي دنيا ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 607 ملين ٽن هئي. هي مڪئي ۽ چانورن کان بعد دنيا جو ٽيون وڏيو فصل آهي. ڪڻڪ جي فصل جو ٻج خوراڪ جي لاء استعمال ٿيندو آهي ۽ ان کي پيهي اٽو تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن مان ماني، ڊبل روٽي، ڪش، پاسته، بسڪٽ،ڪيڪ، نوڊل وغيره تيار ٿيندا آهن ڪڻڪ جو ٻج جي خمير مان نشاستو،بيئر، شراب ۽ ٻارڻ به تيار ڪيو ويندو آهي. ڪڻڪ جي ٻوٽن جو استعمال پالتو جانورن جي چاري طور بہ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ڪڻڪ
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Triticeae
Genus: Triticum
L.
Species

References:
  Serial No. 42236 ITIS 2002-09-22

ٿريشر لاء تيار خسڪ ڪڻڪ.

ڪڻڪ جي پوک تاريخ جي زماني کان گهڻو آڳاٽي آهي[1] قديم سنڌي ٻوليءَ۾ ڪڻڪ ’ڪيڪيه‘ چوندا هئا. ڪافي ثبوت مليا آھن تہ دنيا ۾ پهريائين پهريائين ڪڻڪ سنڌ ۾ پيدا ٿي.مستر ’انگرڪي‘ ڪڻڪ جا داڻا، داشور جي پرئمڊ ۾، هڪ سير ۾ ڏٺا. ۽ ان جي تاريخ 3359 قبل مسيح قائم ڪئي. چيني ماڻهو، ڪڻڪ کي بهشتي سوغات سڏيندا آهن ۽ اها ڪڻڪ هو پاڻ وٽ (2700 سو سال) قبل مسيح کان پوکيندا هئا. جيئن اسين شتانا (Shatana ) پوکيندا آهيون تيئن هو جڏهن پجانا (Pajana) پوکيندا آهن تڏهن ان ۾ ڪڻڪ بہ وجهندا آهن. اهو رواج هنن ۾ ’شين ننگ‘ يا ’چن نانگ‘ شهنشاھ کان شروع ٿيو. ٻيا چار انءَ آهن. چانور، سور گم، سيتارنا (ايکئليڪا) ۽ سوءَ. باقي اها تصديق نہ ٿي سگهي آهي تہ ملڪ تي نالو پوک تان پيو يا پوک تي ملڪ تان پيو. پر مان بہ وسهان ٿو ته ملڪ تي ئي نالو پوک تان پيو هوندو، ڇو تہ اڄ تائين بہ جنهن ديش جو ’ڪيڪيہ‘ نالو هو تنهن ۾ ڪڻڪ ساري ملڪ ۾ سڀني کان سٺي ۽ گهڻي انداز ۾ پيدا ٿي ٿئي.[2] غلام رباني آگرو لکي ٿو تہ اڳي اسان وٽ ڪڻڪ جون ٻه مکيه ديسي جنسون هونديون هيون: هڪ ڪَهڻي ۽ ٻي ٺوڙهي. ڪهڻيءَ جي ماني ڏاڍي نرم، پر، ٺوڙهيءَ جي مانيءَ ۾ اهو ساءُ ڪونه هو. تڏهن به ٺوڙهي زور وٺي وئي، ڇو ته انهيءَ جي پوک مان حقدار ۽ هاريءَ ٻنهي کي مالي فائدو گهڻو ٿيندو هو. آهستي آهستي ڪهڻي تہ غائب ٿي وئي، پر، ٺوڙهيءَ جو به نالو نشان ڪونه رهيو. پوءِ ته ڪيئي نيون ولائتي جنسون آيون، جن جا نالائي عجيب آهن: مثلاً سوناريڪا. آگرو صاحب کي ھڪ ھاري ٻڌايو ھو تہ:

”ڪهڻيءَ ۽ ٺوڙهيءَ کان بہ اڳي ڪڻڪ جي هڪ ديسي جنس هوندي هئي، جنهن کي ”ڪونج“ ڪوٺيندا هئا. ڪونج جي ماني صبح جو پچائي رک، ته سانجهيءَ تائين جهڙي پٽ پٽيهــر. مجال آهي جو سندس سواد ۾ ڪو فرق اچي!“ ؛”لهندي هئي ٿوري. ٻيون رواجي جنسون جام لهنديون هيون، سو، خلق انهن ڏي ڪاهي پئي. ڪونج آهستي آهستي ائين ختم ٿي ويئي، جو نالي ڪاڻ به ڪانه بچي. هاڻي ته ماڻهن کان اهو نالو ئي وسري ويو آهي.“[3]
  1. Origin of Cultivated Plants. Page 345
  2. منو تولارام گدواڻي- سنڌيت؛ رسالو: مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  3. ڪتاب جو نالو: ماڻُهو شهر ڀنڀور جا، ترتيب ۽ ترجمو: غلام رباني آگرو، ايڊيشن: پهريون 2012ع ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، حيدرآباد.