سروجني نيڊو
سروجيني نائيڊو( 3 فيبروري 1879 - 2 مارچ 1949) هڪ هندستاني سياسي ڪارڪن ۽ شاعره هئي. هوءَ شهري حقن ، عورتن جي آزادي ، ۽ سامراج مخالف خيالن جي حامي هئي، هوءَ نوآبادياتي حڪمراني کان هندستان کي آزادي ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ شامل هئي. شاعره جي حيثيت ۾ کيس بلبل هند جو خطاب مليل هو .سروجني نائيڊو 13 فيبروري 1879 ع تي حيدرآباد ۾ هڪ برهمڻ بنگالي خاندان ۾ ڄائي. هن جو پيءُ اگور ناٿ چٽوپاڌيائي ، هڪ سائنسدان ۽ تعليمدان هو.سروجني نائيڊو چنائي ، لنڊن ۽ ڪيمبرج ۾ تعليم ورتي. انگلينڊ ۾ رهڻ دوران هن عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حقدار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو. هوءَ هندستان کي برطانوي راڄ کان آزادي ڏيارڻ لاءِ انڊين نيشنل ڪانگريس جي تحريڪ ڏانهن متوجه ٿي. هوءَ هندستاني قومپرست تحريڪ جو حصو بڻجي وئي ۽ مهاتما گانڌي ۽ سندس سوراج جي خيالن جي پيروڪار بڻجي وئي. هوءَ 1925 ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي صدر چونڊي وئي ۽ بعد ۾ 1947 ۾ گڏيل صوبن جي گورنر بڻجي وئي ، هندستان جي تسلط ۾ گورنر جي عهدي تي فائز ٿيڻ واري هوءَ پهرين خاتون هئي.سروجني نائيڊو جي والده هڪ بنگالي شاعره هئي. سروجني پنهنجي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ وڏي هئي. سندس هڪ ڀاءُ ويريندرناٿ چٽوپاڌيائي هڪ انقلابي هو. سندس ٻيو ڀاءُ هريندر ناٿ هڪ شاعر، ناٽڪ نويس ۽ اداڪار هو.سروجني جو مشهور نظم حيدرآباد جي بازار ۾ آهي. جيڪو 1912ع ۾ ڇپيو. هن محمد علي جناح :اتحاد جو هڪ سفير نالي ڪتاب پڻ لکيو.هن جي شادي هڪ فزيشن گوونداراجولو نائيڊو سان ٿي، جنهن مان کيس پنج ٻار ڄاوا.هوءَ 2 مارچ 1949 ع تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وئي.[1]
- ↑ "Sarojini Naidu" (en ۾). Wikipedia. 2020-04-13. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Sarojini_Naidu&oldid=950798833.