ڪتو

ھڪ پالتو جانور

ڪتو (انگريزي ٻولي: Dog 🐕) هڪ پالتو جانور آهي. ڪتي جي مادي کي ڪُتِي چيو ويندو آهي. هن جانور کي انسان جو وفادار سمجهيو ويندو آهي. ڪتو سڀ کان اول انسان جو ساٿي بڻيو[1]. شايد ان زماني کان بہ اڳ جڏھن موجوده ھندوستان سمنڊ مان اڃان نڪتو ئي ڪونہ ھيو يا جڏهن دنيا جو نقشو ھاڻوڪي نقشي کان بلڪل مختلف ھو، تڏھن کان وٺي انسان ڪتي کي پاليندو آيو آهي.انسان ھن کي شڪار لاء ۽ چوپائي مال جي حفاظت لاءِ استعمال ڪيو.[2] ڪتو ھڪ سڌريل بگھڙ آهي.ڊارون جي خيال موجب مختلف قسمن جا ڪتا بگھڙن جي مختلف ذاتين جو اولاد آهن، جن کي جدا جدا ڀاڱن ۾ ۽ جدا جدا وقتن تي پالي، گھريلو بڻايو ويو.اڄ گھريلو ڪتي جون گھٽ ۾ گھٽ 175 جدا جدا ذاتيون ملي سگھن ٿيون. جيئن انسان جي جدا جدا ذاتين جي وچ ۾ ذھني ۽ تهذيبي فرق آهي، ساڳئي طرح ڪتي جي جدا جدا ذاتين ۾ بہ ايئن آهي. ڪولي ڪتا جن کي ريڍار ڪتا پڻ چئبو آهي، ۽ سينٽ برنارڊ ڪتا چيريندڙ ڦاڙيندڙن جانورن جي سڀني ذاتين کان وڌيڪ سڌريل ۽ سمجھو ھوندا آھن.[2] اسڪيمو ڪتا وري پنھنجي مائٽ بگھڙ کان ٿوروئي مختلف آهن.ھنن جي شڪل شبيھ ۽ جھنگلي طبع بلڪل بگھڙن جھڙي ئي آهي.بگھڙن وانگر سندن ڪن ھميشہ کڙا رھندا آھن ۽ انھن جا آواز عام ڪتن واري ڀونڪ وانگر نہ پر ھوبھو بگھڙن جي اوناڙ وانگر آھن.جھنگل ڪتا عام طور تي اوناڙ ڪندا آهن.پر گھريلو ڪتا ڀونڪندا آهن.[3]. اسڪاٽ لينڊ جي ماٿرين ، جتي رڍون عام جام پالجن ٿيون، اتي ڪولي ڪتا نھايت ڪمائتا ثابت ٿيا آهن ھو رڍن جي ھر نموني سنڀال ڪن ٿا. سينٽ برنارڊ ڪتا وڏا ۽ سھڻ آھن.بلڊاگ به ڪتي جو قسم آھي تنھن جون ڏاٺون تمام ٿلھيون ۽ مضبوط ھونديون آھن.پيري يا ڳولو ڪتا ايترا آڳاٽا ناھن آھي اٽڪل 150 يا 200 سال اڳ وجود ۾ آيل ٿا ڏسجن.[4] سنڌ ۾ به ڪن وڏيرن، زميندارن۽ پيرن وٽ ڪتن جون لوڌيون ٻڌل ھونديون آھن . ڪي پيري، ڪي نوسي، ڪي ڳولو، ڪي لوڌي، ڪي ٻھڙا.[5] ڪتي جو سمورو خاندان گوشت کائيندڙ جانورن جي نسل مان آهي.سندن خاندان ۾ بگھڙ، لومڙ، گدڙ اچي وڃن ٿا.ھو سڀ ٻين جانورن جي گوشت ۽ خون تي پلجن ٿا پر گھريلو ڪتا مانيءَ تي ئي گذران ڪن ٿا.پر انھن کي بہ جيڪڏهن ھڏو ھٿ اچي تہ ان کي پيا لڪائيندا ۽ چٽيندا آھن ۽ ڏاڍي مزي سان ڪرٽيندا۽ کائيندا آهن. پالتو ٿيڻ کان پوءِ ڪتي جي طبع ۾ تمام گھڻو فرق اچي ويو آهي.سندس خاندان جا ٻيا فرد نھايت خوفناڪ، ڊوھا ۽ شڪي آھن پر گھريلو ڪتو وفادار ۽ پيار ڏانھن مائل جانور ٿي پيو آهي.[6]

پالتو ڪتو
Temporal range: پويون پليئسٽوسين – اڃان تائين ھلندڙ
(لڳ ڀڳ موجوده دؤر کان سال 14,700 اڳ کان وٺي)
ڪتن جا نسل
پالتو
سائنسي درجا بندي
نسل: ڪينس
جنس: لوپس
ذيلي جنس: فيميلريس
هم معنيٰ

ڪينس فيميلريس ڪارل لينيوئس, 1758

ڪتي جو شڪلي فرق ڏيکاريندڙ تصويرون
ڪتو

ڪتو ڪڏھن بگھڙ جي ذيلي جنس طور سڏيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ھڪ علحده جنس طور سڃاتو وڃي ٿو. الڳ جنس ۾ بہ ھن جي ارتقا بگھڙ نما ڪينڊس مان سمجھي وڃي ٿي[7][8]. موجوده بگھڙ انھن بگھڙن جي ويجھو وارا نہ ھيا جن کي انسان پالتو بڻائي ڪتي جو نالو ڏنو[1].1758 ۾ سويڊين جي ماھر نباتات ۽ حيوانات ڪارل لينيوئس سسٽما نيچراء جو ڏھون ڇاپو شايع ڪرايو جنھن ۾ ھن جنسن جا ٻہ لفظي نالا مرتب ڪيا ان م ھن ڪتي جي جنس لاء ڪينس جو لفظ استعمال ڪيو جيڪو لاطيني ٻولي ۾ ڪتي لاء استعمال ٿيندو ھو [9]

ڪتي بابت انساني رويا سنواريو

ڪتو بگھڙ جي خاندان مان آھي ۽ پھريون جانور آهي جي گھريلو ٿيو[10]. آثار قديم وارين شھادتن مطابق اھو سڀ کان اول وچ اوڀر ۾ ڏھ ھزار سال قبل مسيح ۾ گھريلو جانور ٿيو[10]. ان جي باوجود ان جي لاءِ اتي گڏيل ورتاء ملي ٿو. وچ اوڀر جي مسلمانن، عيسائين ۽ يھودين جي معاشرن ۾ اڪثر ھنڌن تي ڪتو ھڪ گار سمجھيو وڃي ٿو. ان باوجود ڪتو ان معاشرن ۾ ھڪ ڪارائتو جانور سمجھيو ويندو آھي جيڪو سندن ملڪيت ۽ مال جو نگھبان ھوندو آھي[10].

اسلامي معاشري ۾ ڪتي لاء رويا سنواريو

قرآن ۾ سورة نمبر 7 آيت نمبر 176 ۾ ڪافرن جي تشبيھ ڪتي سان ڪيل آھي[10]. حديث ۾ نماز دورن سجدي ۾ پنھنجون ٻانھون زمين تي ڪتي وانگر رکڻ کان منع ڪئي وئي آهي[10]. کوڙ فقيھن مطابق سوئر وانگر ڪتو بي ھڪ ناپاڪ يا نجس جانور آهي ۽ ان کي ڇھڻ يا ان جي گگ لڳڻ سان نماز نہ ٿيندي آهي[10]. مسجد ۽ عبادت گاھ م ڪتي جي موجودگي بي حرمتي قرار ڏئي وئي آهي. ان ناپاڪي کي اتان ھٽائي يا ان ھنڌ کي پاڻي سان ڌوئي ختم ڪري سگھجي ٿي. ڪتي جي ناپاڪ ھجڻ جا اسلامي شريعت ۾ کوڙ سبب بيان ڪيا ويا آهن. حديث ۾ آيل آهي ته جنھن گھر ۾ ڪتو ھوندو آھي اتي ملائڪ نہ ايندا آهن[10]. ان جي باوجود اسلام ۾ ڪتي سان ھمدردي جو ذڪر پڻ آھي. ھڪ حديث ۾ حضرت محمد ﷺ ۾ ڪجهه روايتن مطابق ھڪ مرد ۽ ڪن روايتن مطابق ھڪ عورت جو ذڪر ڪندي فرمايو تہ ان ھڪ اڃايل ڪتي کي پاڻي پياريو تہ خدا ان کان راضي ٿي ويو ۽ ان جي لاء جنت ۾ داخلا جي بشارت ٿي[10]. ھڪ حديث مطابق پاڻ سڳورن ڪارن ڪتن کي مديني ۾ مارڻ جو حڪم ڏنو پر پوء ايئن چئي روڪيو تہ"ڪارو ڪتو بہ خدا جي مخلوق مان ھڪ آھي ۽ ان جي تخليق جو بہ ڪو چڱو مقصد ھوندو تنھن ڪري ان جي ان نسل جو خاتمو فطرت ۾ ڪانہ ڪا ڪمي ڪري ڇڏيندو"[10]. قرآن جي سورة نمبر 5 ۽ آيت نمبر 4 مطابق ڪتي کي شڪار ۾ مدد لاء استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان کي مال جي ڌڻ جي حفاظت لاءِ بہ رکي سگھجي ٿو پر ان کي گھر ۾ بطور پالتو جانور نہ ٿو رکي سگھجي[10]. وچ اوڀر ۾ ڪتي جي ھڪ جنس سالوڪي پوري عربستان ۾ سيھڙ ۽ ھرڻ جي شڪار جي مھارت رکندڙ آهي[10]. اسلام ۾ ڪجهه اھڙا بہ فقيھ آھن جن ڪتي کي ناپاڪ جانورن ۾ شامل نہ ڪيو آھي[10]. مسلمان مفسرن مطابق قرآن 18 سورة جي 9 کان 26 آيتن ۾ قتمير (Qitmir) نالي ھڪ ڪتي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو اصحاب ڪھف سان غار ۾ گڏ ھيو. ڪجهه مفسرن جي خيال مطابق قتمير ڪتو انھن جو محافظ ۽ وفادار ھجڻ جي ڪري جنت ۾ داخل ٿيندو[10]. مشھور شاعر ۽ صوفي بزرگ جلال الدين رومي (وفات:1273) مطابق قتمير۽ ٻيا ڪتا خدا جي پنھنجي مخلوق سان محبت کي پنھنجي اندر م محسوس ڪندا آهن[10].

طب سنواريو

ڪتي کي عربي ۾ ڪلب، فارسي ۾ سگ، ھندي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتا، ايت، سلوق ۽ شش پستان چوندا آهن. ان جي گوشت جي تاثير گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي. ڪتي جو کير سلهه، جلندر، ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. جگر کي تقويت ڏئي ٿو، هن جو جگر پچائي ڇتي ڪتي جي کاڌل کي کارائجي ته ان لاءِ مفيد آهي. هن جا هڏا ۽ زبان ساڙي خاڪ ڪري ٻورو ڪري بادفرنگ جي ڦٽن ۽ ناسور تي لڳائجي ته فائدو ڪندو..[11]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Journal of Archaeological Science Volume 68, April 2016, Pages 1-4 Focus A wolf in dog's clothing: Initial dog domestication and Pleistocene wolf variation (پيري لارسن)- [1]
  2. 2.0 2.1 {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو:13}
  3. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو:14}
  4. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 15 ۽ 16}
  5. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو 16}
  6. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 18}
  7. Young, Julie K.; Olson, Kirk A.; Reading, Richard P.; Amgalanbaatar, Sukh; Berger, Joel (1 February 2011). "Is Wildlife Going to the Dogs? Impacts of Feral and Free-roaming Dogs on Wildlife Populations" (en ۾). BioScience 61 (2): 125–132. doi:10.1525/bio.2011.61.2.7. ISSN 0006-3568. Bibcode1985BioSc..35..499W. https://academic.oup.com/bioscience/article/61/2/125/242696. 
  8. J., Daniels, Thomas; Marc, Bekoff (1989). "Population and Social Biology of Free-Ranging Dogs, Canis familiaris" (en ۾). Ecology. http://animalstudiesrepository.org/acwp_ehlm/18/. 
  9. Harper, Douglas. "canine". Online Etymology Dictionary. 
  10. 10.00 10.01 10.02 10.03 10.04 10.05 10.06 10.07 10.08 10.09 10.10 10.11 10.12 10.13 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 201,202
  11. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو