آصف علي زرداري
آصف علي زرداري | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
(اردو ۾: آصف علی زرداری) | |||||||
معلومات شخصيت | |||||||
ڄم | 26 جُولاءِ 1955 (69 سال)[1][2] نوابشاهه | ||||||
شھريت | پاڪستان | ||||||
جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي | ||||||
زال | بينظير ڀٽو | ||||||
ٻار | بلاول ڀٽو زرداري ،بختاور ڀٽو زرداري | ||||||
ڪٽنب | زرداری خاندان | ||||||
مناصب | |||||||
پاڪستان جو صدر | |||||||
عهدو جو مدت 9 سيپٽمبر 2008 – 9 سيپٽمبر 2013 | |||||||
|
|||||||
پاڪستان جو صدر | |||||||
عهدو سنڀاليو 10 مارچ 2024 | |||||||
|
|||||||
عملي زندگي | |||||||
پيشو | سياستدان [3] | ||||||
مادري ٻولي | اردو | ||||||
ڪم جي ٻولي | اردو [4] | ||||||
اعزازات | |||||||
ويب سائٽ | |||||||
IMDB تي صفحو | |||||||
ترميم |
آصف زرداري (انگريزي ٻولي: Asif Ali Zardari) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو گھر وارو ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان نوابشاهه هاڻي) بينظيرآباد ( ضلعي جي زميندار ۽ سياستدان حاڪم علي زرداري جو فرزند آهي [5]. آصف علي زرداري جو اصل نالو سجاول آهي . جيڪو سندس پڙ ڏاڏي جو هو. سندس والده بلقيس خانم خانبهادر حسن علي آفندي جي پوٽي هئي . آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955ع تي نوابشاه لڳ ڳوٺ مير خان زرداريءَ )بلاول جا قبا( ۾ ڄائو . هن ابتدائي تعليم مريم اسڪول نوابشاهه ۽ سينٽ پيٽرڪس اسڪول، ڪراچي مان حاصل ڪئي . ان بعد پيٽارو ڪاليج مان 1974ع ۾ انٽر پاس ڪيائين . هن جنهن کانپوءِ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ بزنس مان ڊپلوما ڪيائين . هن 1968ع ۾ هڪ اردو فلم ) منزل دور نهين( ۾ چائلڊ اسٽآر طور اداڪاري به ڪئي . ماضي ۾ گھوڙي سواريءَ جو شوقين رهيو آهي ۽ سندس پولو ٽيم زرداري فور جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي . 1980ع کانپوءِ هنسياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1987ع جوسال آصف زرداري لاءِ سڀ کان وڌيڪ فيصلائتو سال ثابت ٿيو . جڏهن سندسويڳي ماءُ ٽمي بخاري ۽ بيگم نصرت ڀٽو بينظير جو رشتو آصف زرداري سان طئه ڪيو . 18 ڊسمبر 1987ع تي سندس شاديyمحترمه بينظير بٽو سان ڪراچي ۾ ٿي . نومبر 1988ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو}}پاڪستان{{جي وزيراعظم ٿي ته ان وقت جيتوڻيڪ آصف زرداري کي رسمي طور حڪومت ۾ ڪو عهدو نه هو پر هن وزيراعظم هائوس جا وڻ وسايا ۽ سندس سياسي زندگي جي شروعات ٿي. ۽ مٿس دوست نوزي جا الزام لڳا مٿس 1990ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ وڌو ويو پهرئين دور ۾ کيس ٻن سالن کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو . 1993ع جي چونڊن ۾ هي نوابشاه مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ بلخ شير مزاري جي نگران ڪابينا ۾ وزير رهيو . بينظير ڀٽو جي ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم ٿيڻ واري ٻئي دور ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ماحوليات ۽ سيڙپڪار جو وزير ٿيو. آصف علي زرداري تي سنگين الزام لڳا جن جي بنياد تي 6 نومبر 1986ع تي ان وقت جي صدر فاروق احمد لغاري بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي . ۽ آصف زرداري کي ٻيهر جيل وڌو ويو 1997ع کان 1999ع تائين سينيٽ ۾ ميمبر ٿي رهيو 1990 کان 2004 وارا 14 سال آصف زرداري لاءِ زندگي جا وڌيڪ ڏکيا سال گذريا 1996ع ۾ مرتضي ڀٽو قتل ڪيس ۾ سندس نالو شامل ڪيوويو.
آصف علي زرداري جو نالو پاڪستان ۾ ڪرپشن جي ڪري به مشهور آهي. مٿس مالي ڪرپشن جا اڻڳڻت الزام آهن. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ آصف علي زرداري کي مسٽر ٽين پرسينٽ چيو ويندو هو، جو مبينه طور هو ادارن جي سربراهن کان ڏھ سيڪڙو ڪميشن وصول ڪندو هو.
2008 کان 2013 تائين پيپلز پارٽي پاڪستان جي مرڪزي حڪومت سنڀالي. ان دوران ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽٽي ويا ۽ پارٽي جا وزير توڙي مشير اربين روپين جا مالڪ بڻجي ويا.
2015 ۾ ڪراچيءَ ۾ رينجرز آپريشن دؤران مبينه طور ظاهر ٿيو ته ڪراچي جي پاڻي ٽينڪر مافيا، جيڪا سرڪاري پاڻي چوري ڪري غير قانوني طور وڪڻندي آهي، ڏهاڙي ڏھ ڪروڙ روپيا ڪميشن بلاول هاؤس ۾ پهچائي ٿي.
پڻ ڏسو
سنواريووڪيميڊيا العام ۾ آصف علي زرداري سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- ↑ Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/zardari-asif-ali — subject named as: Asif Ali Zardari — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000026852 — subject named as: Asif Ali Zardari — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ IdRef ID: https://www.idref.fr/145100367 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 مَئي 2020 — عنوان : Identifiants et Référentiels — ناشر: Agence bibliographique de l'enseignement supérieur
- ↑ آصف علي زرداري : (Sindhianaسنڌيانا)