ڀارت جي رياست گجرات جي ٻوليءَ کي گجراتي چيو وڃي ٿو۔ گجراتي ھند آريائي ٻولي آھي۔ ھي ھند يورپي ٻولين جي گروھ جو ھڪ حصو آھي۔ جديد گجراتي ٻولي قديم گجراتی ٻوليءَ مان وجود ۾ آئي آھي، جديد راجسٿاني زبان سان ان جو ڪينڊا ڏاڍو ملندڙ جلندڙ آھي۔ پوري دُنيا جا تقريباً ڇھ ڪروڙ سٺ لک ماڻھو گجراتي ٻولي ڳالھائن ٿا۔ ھي ھندستان جي رياستِ گجرات جي سرڪاري ٻولي بہ آھي۔ ھندي ٻوليءَ وانگر ديوناگري رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي۔ ھندي رسم الخط ۾ سڀني حرفن جي مٿي تي ھڪ افقي خط ڪڍيو ويندو آھي، جيڪو گجراتي حرفن ۾ نہ ھوندو آھي۔

Gujarati
ગુજરાતી
Gujarātī
Pronunciation [ɡudʒəˈɾɑ:t̪i]
Native to India, Pakistan
Region Gujarat
Ethnicity Gujaratis
Native speakers
48.9 million (2007)[حوالو گھربل]
en:Line-handling templates
Early forms
en:Line-handling templates Gujarati alphabet (Brahmic)
Gujarati Braille
Arabic script
Devanagari (historical)
Official status
Official language in
Gujarat (India)[2]
Daman and Diu (India)
Dadra and Nagar Haveli (India)
Language codes
ISO 639-1 gu
ISO 639-2 guj
ISO 639-3 guj
Glottolog guja1252[3]
Linguasphere 59-AAF-h
Distribution of native Gujarati speakers in India

لھجا سنواريو

ڪاٺياواڙي لهجو سنواريو

ھندستان جي ڪاٺياواڙ واري علائقي ۾ گجراتي ٻوليءَ جو ھي لھجو ڳالھايو وڃي ٿو، جنھن تي سنڌيءَ جو گھڻو اثر آھي.

سنڌي ۽ ڳجراتي جا لاڳاپا سنواريو

سنڌي ٻولي ۽ گجراتيءَ جا لاڳاپا انتهائي پراڻا آهن، پر انهن لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي تڏهن آئي جڏهن سومرن جي دَور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي درميان سماجي ۽ سياسي لاڳاپا وڌيا. سمن جي حڪومت ۾ ڪڇ ۾ جڏهن سمن جي حڪومت ۾ ڪڇ ۾ جڏهن سمن جي آبادي وڌي تہ اهي قبيلا ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين پکڙجي ويا. اهڙن ناتن جي ڌڻ سان گجراتي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي محاواري ۾ داخل ٿيا تہ ٻئي طرف وري ڪي سنڌي لفظ ڪاٺياواڙ واري ويجهي علائقي گجراتيءَ ۾ شامل ٿيا.[4]

حوالا سنواريو

  1. Ernst Kausen, 2006. Die Klassifikation der indogermanischen Sprachen (Microsoft Word, 133 KB)
  2. Dwyer 1995, p. 5
  3. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Gujarati". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/guja1252. 
  4. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.