پاڪستان اسٽيل ملز

پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن،[1][2] پاڪستان جو قومي فولادي ڪارخانو آهي، جيڪو ’ڪراچي اسٽيل پراجيڪٽ‘ جي نالي سان آگسٽ 1968ع ۾ پبلڪ سيڪٽر تحت شروع ڪيو ويو ۽ پوءِ ان کي ڪمپنيز ائڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪيو ويو. هنجي پيڙهه جو پٿر 30 ڊسمبر 1973ع تي ان وقت جي وزيراعظم (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي رکيو.[3]

Pakistan Steel Mills Corporation Pvt. Ltd.
مقامي نالو پاکستان سٹیل ملز
قسم State-owned enterprise
صنعت Steel
پيشرو Karachi Steel Projects
خدمتي علائقو Pakistan
مالڪ Government of Pakistan
ملازم 9,350 (2020)
ويب سائٽ www.paksteel.com.pk

1969ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي اڏاوت لاءِ فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو. 1971ع ۾ پاڪستان ۽ USSR وچ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي اڏاوت دوران فني ۽ مالي تعاون بابت معاهدو ٿيو.[4]

ان کان اڳ هيڏي وڏي پراجيڪٽ تي ڪم نه ٿيو هو، تنهن ڪري اعليٰ ماهرن کان مدد ورتي وئي. هي ڪارخانو ڪراچيءَ جي اوڀر طرف 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پپريءَ (بن قاسم) وٽ 18600 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پلانٽ جي پکيڙ 10،390 ايڪڙ آهي. هن وقت پاڪستان اسٽيل مل پاڪستان جي مڙني صنعتي ڪمپنين کان وڌيڪ اپت ڏيندڙ ڪارخانو آهي، جيڪو ساليانو 3 ملين ٽن اسٽيل پراڊڪٽ ڏيندو آهي.[5][6] [7] [8]

حوالا سنواريو

  1. "PAKISTAN STEEL MILLS CORPORATION (PVT.) LIMITED". OpenCorporates. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  2. "Pakistan Steel Mills Corporation (PVT) LTD.: Private Company Information". Bloomberg. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  4. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  5. Karachi Stock Exchange. (29 April 2009). "Pakistan Steel Mill production capacity to enhance up to 5M Tons". Karachi Stock Exchange. http://stockexchangepakistan.info/pakistan-steel-mill-production-capacity-to-enhance-up-to-5m-tons/. 
  6. Khan, A.A. "Pakistan Steel" (PDF). Pakistan Stee Mills. Pakistan Stee Mill Directorate for Public Relations and Human Resources. حاصل ڪيل 4 June 2012. 
  7. Kiani, Khaleeq. "Pakistan Steel in dire straits; liability Rs110bn." DAWN Media Group, 19 September 2011.
  8. Khan, Israr (12 April 2012). "Pakistan Steel Mills denied Rs9bn bailout package". The News international. http://www.thenews.com.pk/Todays-News-3-102456-Pakistan-Steel-Mills-denied-Rs9bn-bailout-package.