بئراج ڪنهن نهر يا درياهه جي وهڪري کي ڪنهن مناسب هنڌ تي ٻڌي، دروازا وجهي پاڻيءَ جو وهڪرو موڙي، منظم شاخن ذريعي زرعي مقصدن ۽ ڪڏهن جهاز رانيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. چئوماسي جي ڏينهن ۾ عام طور درياهن جا گيٽ کولي ڇڏيندا آهن ته جيئن بئراج محفوظ رهي. سنڌ ۾ تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ به برساتي ندين جي پاڻيءَ جو رخ موڙي آبادي ڪئي ويندي هئي. اهڙا لڳ ڀڳ 80 قديم بند کيرٿر ۾ لڌا ويا آهن جيڪي 4500 کان 5000 هزار سال پراڻا آهن.

ڪوٽڙي بئراج

سنڌ ۾ سنڌو درياهه تي ٽي وڏا بئراج آهن. سکر بئراج جنهن ۾ 66 در آهن. 1923ع کان 1930ع تائين تعمير ٿيو. اهو براج 5000 فٽ ڊگهو آهي. ان ۾ 7 واهه آهن ۽ 10 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش اٿس. گڊو بئراج ڪشمور وٽ آهي جيڪو 1957ع کان 1962ع جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو، ان ۾ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش آهي، 60 فٽ ويڪرا 64 گيٽ اٿس ۽ 2.9 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهي ٿو. غلام محمد بئراج ڄامشوري وٽ آهي جيڪو 1955ع ۾ تيار ٿيو. 3000 فٽ ڊگهو هي بئراج 5 ملين ايڪڙ آباد ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿو. سکر براج ۽ ڪوٽڙي براج فقط زرعي مقصدن کي پورو ڪن ٿا ۽ گڊو بئراج پاور پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم آندو ويو آهي.[1]

حوالاسنواريو