چانور
چانور گاه جي خاندان سان تعلق رکندڙ ٻج وارو فصل آهي۔هي توانائي جو وڏو ذريعو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ وڏي پئماني تي استعمال ٿيڻ واري غذا آهي، خاص طور تي ايشيا، لاطيني آمريڪا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي مڪئي کان پوء ٻيو وڏو فصل آهي۔
جيئن ته مڪئي جي پيداوار انساني استعمال جي بجاء ٻين گھڻن مقصدن جي لاء گھڻي آهي هڪ اندازي موجب چانور انسان جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي.
طب
سنواريونالا: ع. آرز، ف. برنج، هه. وغيره___ چانول، غن، ڪبرنج، شيال، مهوڪا ۽ تنڊون.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: گيهه ۽ کير، عيوض: ___-، وزن: هڪ پاءُ جي قريب.
سڃاڻپ: مشهور اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو اَن آهي، جن ۾ به وري جدا جدا ذاتيون ٿين ٿيون. ڪي ذاتيون طاقت ور ۽ ڪي طاقت ۾ گهٽ.
خاصيت: رت چڱو پيدا ڪن ٿا، بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، مني ۽ قوت باهه وڌائين ٿا، رت جي دستن جي حالت ۾ اڇن چانورن کي ٿاڌل وانگر گهوٽي پيارجي، سوري، ٻاهه بند ڪرڻ لاءِ، آنڊن جي ڦٽ، مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ پيشاب جاري ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. رڌل ڳاڙها چانور هلڪي غذا آهن، پر سندن ماني ڳري ۽ قابض غذا آهي. مثاني ۽ گردن جي تقويت لاءِ فائديمند آهن، هن جو آٺريل پاڻي، اُلٽي بند ڪرڻ ۽ ٿڃ وڌائڻ لاءِ ڪارگر ٿئي ٿو.[1]،
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو