جيڪب آباد
جيڪب آباد (Jacobabad) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو شهر آهي ۽ جيڪب آباد ضلعي جو صدر مقام آهي.
جيڪب آباد Jacob abad | |
---|---|
شھر (ميونسپلٽي) | |
سنڌ ۾ ان جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 28°16′37″N 68°27′05″E / 28.27694°N 68.45139°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | جيڪب آباد |
بنياد وجھندڙ | سر ڪرنل جان جيڪب |
شھر جو بنياد | 1847 |
حڪومت | |
• قسم | ميونسپل ڪاميٽي |
تاريخ
سنواريوھن شھر جو پراڻو نالو خانڳڙھ آھي جيڪو ڪلھوڙن جي دور ۾ قائم ٿيو ھو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[1] “. 1843ع ۾ جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪاري فوج سنڌ فتح ڪئي تہ اھو شھر برٽش انڊيا جو سرحدي شھر ھجڻ ڪري اھميت رکي پيو ڇوتہ اتي بلوچ قبيلن طرفان مزاحمت تي رھي ھئي جنھن کي منھن ڏيڻ لاء ڪرنل جان جيڪب جي مقرري ٿي جنھن اتي پھچي نئين شھر جو بنياد وڌو جنھن جو نالو جيڪب آباد رکيو ويو. ڪرنل جيڪب ان علائقي م سرحدي فوجي چوڪيون قائم ڪري قبيلن کي تابع ڪيو ۽ مزاحمت کي ختم ڪيو.
ثقافت
سنواريوسنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪب آباد لاءِ هي چوڻي به مشهور آهي، جيڪب آباد, دل آباد.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
- ↑ ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-22