مڇي پاڻي جو هڪ عام جانور آهي. مڇين جي جسم تي ڇلڙ ۽ تَرڻ لاء خصوصي پر هوندا آهن. مڇيون کليل سمنڊ، تازي پاڻي، دريائن، ڍنڍُن ۽ ٻين پاڻيءَ جي ذريعن ۾ ملن ٿيون. سڄي دنيا ۾ انسانن جي خوراڪ جو هڪ وڏو ذريعو مڇيون آهن.