گلبرٽ جان ايليٽ موري ڪننمائونڊ، منٽو واري علائقي جو چوٿون ارل:(انگريزي: Gilbert John Elliot-Murray-Kynynmound, 4th Earl of Minto ) KG GCSI GCMG GCIE PC برطانوي اشراف يا امير ۽ سياستدان جيڪو ڪئناڊا جي گورنر جنرل، انڊيا جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل جي عھدن تي فائز رهيو. 9 جولاءِ 1845 ۾ پيدا ٿيو ۽ 9 مارچ 1914 ۾ وفات ڪيائين.

رائيٽ آنربل
لارڊ منٽو ( منٽو جو ارل)
KG GCSI GCMG GCIE PC
17ھون وائسراءِ ھند ۽ گورنر جنرل، انڊيا
عهدو سنڀاليو
18 نومبر 1905 – 23 نومبر 1910
شاهي حڪمران ايڊورڊ ستون
وزير اعظم آرٿر بالفور
ھينري ڪيمپبيل بينرمين
ايڇ.ايڇ.ايسڪئٿ
پيشرو جارج ڪرزن
جانشين چارلس ھارڊنج
8ون ڪئناڊا جو گورنر جنرل
عهدو سنڀاليو
12 نومبر 1898 – 10 ڊسمبر 1904
شاهي حڪمران راڻي وڪٽوريا
ايڊورڊ ستون
وزير اعظم ڪئناڊا جو
  • ولفرڊ لئوريئر
برطانوي
  • رابرٽ گيسڪوئن سيسل
  • آرٿر بالفور
پيشرو جان ھيملٽن گورڊن
جانشين البرٽ گري
ذاتي تفصيل
پيدائش 9 جُولاءِ 1845(1845-07-09)
ميفيئر، لنڊن, يو ڪي
وفات 1 مارچ 1914 (عمر 68 سال)
منٽو, اسڪاٽلينڊ، يونائيٽيڊ ڪنگڊم
جيون ساٿي ميري ڪيرولين گري
مادر علمي ٽرنٽي ڪاليج، ڪيمبرج
گلبرٽ جان ايليٽ موري جي منٽو واري علائقي جي چوٿين ارل واري اعزازي پليٽ يا شيلڊ جيڪا جيڪا سينٽ جارج چپيل ۾ ڏيکاريل آھي

ابتدائي زندگي ۽ فوجي نوڪري سنواريو

لارڊ منٽو لنڊن جي پاڙي ميفيئر ۾ منٽو واري علائقي جي ٽئين نمبر نواب يا ارل وليم ايليٽ موري ڪننمائونڊ جي گھر ۾ ڄائو، سندس ماء ايما جنرل سر ٿامس ھسلاپ جي نياڻي ھئي. ھن ايٽن ڪاليج ۽ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج مان تعليم حاصل ڪئي ,[1] 1867 ۾ ھي فوج جي اسڪاٽس گارڊس ۾ ڪميشن پاس ڪري ليفٽيننٽ ٿيو پر 1870 ۾ اھا نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ 1872 ۾ فرسٽ راڪسبرگ شاير گھوڙيسوار رائيفل والنٽيئر ڪور ۾ ڪيپٽن طور شامل ٿيو.ھن 1877 ۾ روس سان جنگ دوران ترڪي جي فوج سان گڏ ڪم ڪيو. 1878 ۽ 1879 ۾ ھن لارڊ رابرٽس جي ھيٺان ٻين اينگلو افغان جنگ ۾ ڪم ڪيو ۽ سر لوئيس ڪويگنر سان ڪابل واري خطرناڪ مھم دوران موت جي منھن مان بچي نڪتو.[2] 1881 ۾ ڪيپ ٽائون واري مشن ۾ ھن لارڊ رابرٽس جي پرائيويٽ سيڪريٽري طور ذميداري نڀائي. 1882 ۾ مصر تي قبضي وقت فوج ۾ ڪم ڪيو ۽ اڳتي هلي بيٺڪي يا نوآبادياتي انتظاميه ۾ ڪم ڪيو. 1882 ۾ ميجر جي عھدي تي ترقي حاصل ڪيائين. 1883 کان 1885 تائين ھي ڪيناڊا جي گورنر جنرل ھينري پيٽي فٽزمائرس ليئنسڊائون جو ملٽري سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. ڪيناڊا ۾ ان مقرري دوران ھن پنھنجي زال کي بہ پاڻ سان گڏ رکيو. ڪيناڊا ۾ ان وقت ھن ڪئناڊا جي رضاڪار فورس ٺاھڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو جنھن 1884 ۾ سوڊان واري مھم ۾ برطانوي فوج جي مدد ڪئي. 1885 ۾ ھن جنرل مڊلٽن جي چيف آف اسٽاف جي حيثيت ۾ اتر اولھ واري رائيل واري بغاوت (Riel rebellion) ۾ پڻ فوجي خدمتون ڪيون. بعد ۾ ھن فوج کي ڇڏي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو. ھن ڪنزرويٽو پارٽي ۾ شامل ٿي سياست شروع ڪئي 1886 ي اليڪشن ۾ ان پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ھيڪسھام واري تڪ تان مقابلي ۾ حصو ورتائين پر کيس شڪست آئي. جنھن بعد وري فوج جي نوڪري طرف رخ ڪيائين ۽ برطانوي رضاڪار فوج ۾ شامل ٿيو جتي 1888 ۾ ڪرنل جي عھدي تي ترقي ماڻيائين ۽ کيس ڏکڻ اسڪاٽلينڊ جي برگيڊ جي ڪمان ملي ہ۽ 1889 ۾ ھن استعفي ڏني.

بطور گورنر جنرل ڪيناڊا سنواريو

1891 ۾ کيس ارل (برطانوي نواب) جو خطاب مليو ۽ 1898 جي اونھاري ۾ سندس مقرري بطور گورنر جنرل ڪيناڊا جي ٿي. ھن جي دؤر ۾ ڪيناڊا ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ معاشي اوسر ۽ قومپرستي ۾ اضافو ٿيو ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان سرحدي ۽ مڇي جي شڪار جي معاملن تي تعلقات خراب رھيا.راڻي وڪٽوريا جي وفات بعد سيپٽمبر 1901 ۾ ڪارنيوال ۽ يارڪ جا ڊيوڪ جارج ۽ ڊچيس ميري آف ٽيڪ ڪيناڊا جي دوري تي آيا.انھن ليڊي منٽو سان گڏجي اولھ ڪيناڊا جو دؤرو ڪيو.[3] ھن ڪيناڊا جي پھرين ٽيوبرڪيولاسس روڪڻ واري فائونڊيشن قائم ڪئي.

بطور وائسراءِ ھند سنواريو

1905 ۾ جارج ڪرزن جي استعفي ڏيڻ بعد لارڊ منٽو کي انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ مقرر ڪيو ويو جتان ھي 1910 ۾ رٽائر ٿيو.ھن جي وقت انڊيا جي رياستي سيڪريٽري جان مارلي ھيو ۽ ھن ان جي مدد سان انڊيا ۾ برطانوي راڄ کي بچائڻ لاء سڌارا آندا جيڪي مارلي منٽو سڌارن جي نالي سان مشهور ٿيا. اھي سڌارا برطانوي پارليامينٽ 1909 ۾ انڊين ڪائونسلز ايڪٽ جي نالي سان منظور ڪري انڊيا ۾ لاڳو ڪيا.

خاندان سنواريو

ھن 28 جولاءِ 1883 ۾ برطانيا ۾ لارڊ البرٽ گري جي ڀيڻ ۽ برطانوي فوج جي آفيسر چارلس گري جي نياڻي ميري ڪيرولين گري سان شادي ڪئي. ھنن کي ان شادي مان ھيٺيان پنج ٻار ٿيا:

  • ليڊي ايلين نينا ايولين سبيل جيڪا 13 ڊسمبر 1984 ۾ ڄائي ۽ 29 مئي 1938 ۾ وفات ڪري وئي. ان جي شادي لارڊ فرانسس مانٽيگو ڊوگلس اسڪاٽ سان ٿي
  • ليڊي روبي فلورنس ميري ايليٽ جيڪا 26 سيپٽمبر 1886 ۾ ڄائي ۽ نومبر 1961 ۾ وفات ڪيائين. ان جي شادي ڪرومر جي ٻئين ارل رولنڊ بارنج سان ٿي
  • ليڊي وئوليٽ ميري آسٽر جيڪا 28 مئي 1889 ۾ پئدا ٿي 3 جنوري 1965 ۾ وفات ڪيائين جنھن جي پھرين شادي لارڊ چارلس پيٽي فٽزمائرس سان ٿي ۽ ٻين شادي ھيور جي پھرين بئرن جان آسٽر سان ٿي.
  • وڪٽر ايليٽ موري ڪيننمائونڊ 12 فيبروري 1891 ۾ پيدا ٿيو 11 جنوري 1975 ۾ وفات ڪيائين
  • آنربل گيون وليم ازمونڊ ايليٽ موري ڪننمائونڊ

جيڪو 25 اپريل 1895 ۾ پيدا ٿيو ۽ 6 آگسٽ 1917 ۾ مارجي ويو.[4]

سندس ڇڏيل نالو سنواريو

 
لارڊ ميلگنڊ 1885 ۾ مڊلٽن جي چيف آف اسٽاف جي حيثيت ۾

ھن جي ڪئناڊا ۾ مشھوري مرڻ بعد بہ ان جي نالي کي زندہ رکيو. اوٽاوا ۾ راڪ ڪلف ۾ سندس نالي سان منٽو پئليس، وينڪوور م سندس نالي سان ھڪ گھٽي يا پاڙو. 1936 ۾ سندس نالي سان برٽش ڪولمبيا جو منٽو سٽي برج ندي نالي علائقي ۾ تعمير ڪيو ويو. اونٽاريو ۾ بہ ھڪ شھر کي سندس نالو ڏنو ويو. انڊيا ۾ ڪلڪتي ۾ ھڪ پارڪ جو نالو منٽو پارڪ رکيو ويو. ھن طرفان علي ڳڙهه اسڪول، جيڪو پوء علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي بڻيو، کي دل کولي فنڊ ڏيڻ جي ڪري ان اسڪول جي تعمير ٿيل عمارتن کي منٽو سرڪل جو نالو ڏنو ويو. بنگلاديش ۾ ھن جي نالي سان ھڪ روڊ پڻ آهي جنھن کي منٽو روڊ سڏين ٿا. پاڪستان ۾ لاھور ۾ منٽو اسپتال ۽ منٽو پارڪ پڻ ھن جي نالي سان منصوب آھن.

حوالا سنواريو

  1. سانچو:Acad
  2.   One or more of the preceding sentences incorporates text from a publication now in the public domainLua خرابي: expandTemplate: template "cite EB1911" does not exist.
  3. McCreery, Christopher (2005). The Canadian Honours System. Toronto: Dundurn Press. ISBN 978-1-55002-554-5. https://books.google.com/books?id=eQZ-db0k1jAC&lpg=PA1&dq=The%20Canadian%20Honours%20System&pg=PA1#v=onepage&q&f=true. 
  4. The Peerage, entry for Hon Gavin Elliot-Murray-Kynynmound