جهمپير, ضلعي ٺٽي جو اهم شهر، جيڪو عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت به آباد هو ۽ محمد بن قاسم جي لشڪر هتي حملو ڪيو هو.

اصل ۾ هيءَ بستي ”جهم“ جي قديم تاريخي نالي سان آباد هئي، جنهن ۾ پوءِ اسماعيلي خواجن جو داعي امير پير دفن ٿيو، جنهنڪري ”جهم پير“ طور شهر جو نالو مشهور ٿيو. هن شهر ۾ امير پير جو قبو هڪ ٽڪريءَ تي آهي. امير پير جي قبر جبل جي هڪ غار ۾ آهي، جنهن تي هر سال ميلو به لڳندو آهي، جهمپير ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ ويندڙ ريلوي لائين تي اسٽيشن آهي. هن جي ويجهو گرم پاڻيءَ جو چشمو ۽ ڪوئلي جي کاڻ به موجود آهي. خيال آهي ته هيءَ قديم بستي هئي. شايد ٺٽي کان نيرون ڪوٽ ڏانهن ويندڙ شاهراهه تي هئي، جتي قافلا منزل ڪندا هئا. هتي کجيءَ جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا، جيڪي لاڳيتن سوڪهڙن ۽ برساتن نه پوڻ ڪري اڪثر ختم ٿي ويا آهن.

جھمپير ۽ تاڙي

سنواريو

هتي کجيءَ جي وڻن مان اڇو رس ڪڍندا آهن، جيڪو کٽو ۽ نشيدار هوندو آهي، جنهن کي ’تاڙي‘ چوندا آهن. ان تاڙيءَ جو ذڪر شيخ اياز پنهنجي نثر ۾ ڪيو آهي.

ريل حادثو

سنواريو

جهمپير اسٽيشن وٽ 1373ھ/ 1954ع ۾ خيبر ميل ريل سان هڪ دردناڪ حادثو ٿيو، جنهن ۾ سوين ماڻهو سڙي مري ويا هئا.

جهمپير جو ذڪر ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ آندو آهي، انهن ۾ حسن درس، رسول بخش درس، حليم باغي، ڪوي خير محمد، وسيم سومرو، سردار شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.[1]