سينڌو لوڻ (عربي: ملح هند، فارسي: نمڪ هندي، هندي، وغيرہ: سينڌ نمڪ ۽ نمڪ بلور) لوڻ جو قسم ڳاڙهسرو اڇي رنگ تي جبل جي پيدائش آهي.

طب سنواريو

صفرا، بلغم ۽ سودا لاءِ جلاب آهي، بک وڌائي ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، کاڌو هضم ڪري ٿو. قولنج، پيٽ جي سور ۽ ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هن جو سرمون اکين جي ڌنڌ ۽ خارش کي فائدو ڪري ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.