ديال (عربي: شجرالنبوت، فارسي: درخت ريبنهيا، هندي/اردو وغيره: سروا، شجره النبي ۽ بلا سنطور) وڏو وڻ ٿيندو آهي، هن جون ڪاٺيون سڻڀيون ۽ بوءِ واريون ٿينديون آهن

طبي خاصيتون

سنواريو

اثر: سرد خشڪ، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ______، عيوض: چيل ڪاٺي، وزن: هڪ تولو.

خاصيت: هن جي ٻوري جو دونھون مٿي جي سور، دماغ جي ڦيري ۽ اختناق رحم لاءِ مفيد آهي. ڦٽن ڦرڙين، رت جي کانگهاري، مھارن ۽ ڏندن جي مضبوطيءَ لاءِ فائديمند آهي..[1]

  1. فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.