سرائيڪي ٻولي

لسانيات

سرائڪي ٻولي (Siraaiki bboli) معنا سنڌ توڙي سنڌو نديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي، سنڌ جو سرو يا اتر وارو ڀاڱو. سنڌ ۾ جت گهڻو ڪري سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري اها جتڪي به سڏجي ٿي. [1]

سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻوليسنواريو

’لهندو‘لفظ اصل ۾ آهي’اُلهندو‘۽ خاص طرح معنيٰ اٿس ’پنجاب جو الهندو طرف‘، ۽ اتي جي ٻولي ’لهندا‘ يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي سڏجي ٿي. اها ملتان ڏي ملتاني، بهاولپور ڏي بهاولپوري، ۽ سنڌ ۾ سرائڪي سڏجي ٿي.

سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي ’اُڀي جي ٻولي‘ (Ubhay jee bboli). پنجاب جو ڏاکڻون ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين.’اُڀو‘ سڏجي ٿو.’اُڀو‘ معنيٰ مٿيون پاسو(درياءَ جي وهڪ جو). ان جو ضد آهي ’لمو‘ معنيٰ ڏاکڻو يا هيٺاهون ڀاڱو. اُڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن. [2] اها اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کانٿوري ڦريل آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀاڳناري ۽ جيڪب آباد ۽ شڪارپور طرف جا ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي، روپاهي ۽ ٻيا ڪيترا هندو، جي اصل قلات طرفان آيا آهن، سي اڄ تائين زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، سرائڪي ۽ سنڌي ٻيئي ٻوليون ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ جملي هڪ لک کن ماڻهو سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ڳالهائين ٿا. [3]

سرائڪيءَ ۽ اُڀي جي ٻوليءَ جو جگري ناتو پنجاب جي ’لهندا‘ ٻوليءَ سان آهي، اهي سڀ داردڪ بنياد جون آهن ۽ پئشاچ لوڪن جي پئشاچي پراڪرت مان پيدا ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان جگري ناتو ڪو نه اٿن. پر ’لهندا‘ ۽ ’سنڌي‘ ٻئي هندستان جي بنهه اتر اولهه طرف چالو آهن. [4]

سرائيڪي ۽ سنڌي ٻولي ۾ هڪجهڙايون سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر ليکيا وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر جنهن لفظ ۾ ايندو آهي سو نج سنڌي ليکيو ويندو آهي. مثلاً: ڄڃ، ٻڌڻ، ڏيڻ، ڳڱ. اهي چارئي اکر نڪي سنسڪرت ۾ نڪي ڪنهن پراڪرت ٻوليءَ ۾ آهن. ته پوءِ اسان ڪٿان آندا؟ پڌرو پيو آهي، ته سرائڪي ڳالهائيندڙن سان نهايت قديم زماني کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين، گهڻو لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري کانئن سکيا آهيون. سرائڪي ۾ چارئي اکر آهن. مثلاً:

دم دم سان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان، ڏاڍا فــــراق لــڳــــڙا، بــرهه باهــيــان ٻــالـيــــان. (بيڪس)

هتي ڏسو ته ’ٻاليان‘ ۾’ٻ‘، سڄڻان‘ ۾ ’ڄ‘ ’اسان ڏي ۽ ڏاڍي‘ لفظن ۾ ’ڏ‘ ۽ ’ڳالهيان‘ ۾ ’ڳ‘ آهي. ٻيا مثال: هندي سرائڪي سنڌي دينا ڏيوڻ ڏيڻ دانت ڏند ڏند ديکنا ڏيکڻ ڏسڻ

اهڙا به ڪيترا مثال آهن جن ۾ ’ڙ‘ بدران سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾’ڏ‘ جو اُچار آهي. مثلاً: هندي لفظن ’گاڙي‘ ۽ ڪؤڙي بدران سرائڪيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ چون ’گاڏي‘ ۽ ’ڪوڏي‘. سرائڪي ڳالهائيندڙ انهيءَ ريت ’ر‘ کي به مٽي ’ڏ‘ ڪندا آهن. مثلاً: هندستاني ’ميرا‘ ۽ ’تيرا‘ بدران چون ’ميڏا‘ ۽ ’تيڏا‘. هن مان ظاهر آهي، ته اها عادت سرائڪيءَ ۾ زور آهي. ديري اسماعيل خان پاسي به ’د‘ بدران ’ڏ‘ چوندا آهن. مثلاً: دادا، دال ۽ دو بدران چون ڏاڏا، ڏال ۽ ڏون معنيٰ ٻه. اهو ساڳو نمونو ملتاني، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ به آهي:

’ڏينهن مڙيئي ڏون،اُٿي لوچ لطيف چوي‘ (شاهه). [4]

حوالاسنواريو

  1. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
  2. لنگئسٽڪ سروي، جلد 8، ڀاڱو1: صفحو 360
  3. لنگئسٽڪ سروي جلد 8، ڀاڱو 1، صفحو 5
  4. 4.0 4.1 Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)