ڪڇون:

نالا: ع. سلفات، ف. سنگ پشت، هه. وغيره___ ڪڇوا، ڇنڇله، ڪشف ۽ بستانه.

سڃاڻپ: پاڻيءَ جو ننڍين ٽنگن ۽ پٿر جهڙي سخت هڏي وارو جانور آهي

طب سنواريو

خاصيت: هن جو گوشت قوت باهه کي وڌائي ٿو. چيلهه کي طاقت ڏئي ٿو. بواسير جي رت ۽ حيض جي رت جي گهڻائيءَ کي روڪي ٿو. هن جو رت ماکيءَ ۾ ملائي کارائجي ته مرگهي، عضون جي سيٽجڻ ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جي چرٻي سخت سوڄ ۽ ڳوڙهن، لذت النسا، آلت ۽ نبضن جي ڍرائي کي فائدو ڪري ٿي. هن جا آنا نانگ جي زهر،کڻ نانگ جي زهر لاءِ ترياق آهن. هن جو پتو اک جي ناسور، ڦٽ ۽ اک مان ايندڙ پاڻيءَ لاءِ مجرب آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو