ڀڄن __(Hymn):


ڀڄن سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پوڄڻ“. ڀڄن اهو شعر آهي، جنهن ۾ ايشور/ڌڻيءَ جي بندگي جو ورنن هوندو آهي. ڀڄن ۾”گرو“ (ڀڳوان) جي ساراهه ڪئي ويندي آهي. سنڌ ۾ موهن فقير آهوجا، صوفي دلپت ، سوامي مينگهراج، آسو رام ۽ ٻيا ڪيترا ڀڄن جا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن.ڀڄن مندرن ۽ ڌرمي محفلن ۾ ڳايا ويندا آهن. ميران ٻائيءَ جا ڀڄن سنڌ هند ۾ مشهور آهن. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي