سنڌ

پاڪستان جو صوبو

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھپاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقع آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراضي جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

سنڌ
Sindh
صوبو
سنڌ Sindh
جھنڊو
سنڌ Sindh
مھر
عرفيت: مهراڻ، باب السلام
پاڪستاني جي نقشي ۾ سنڌ ڏيکاريل
پاڪستاني جي نقشي ۾ سنڌ ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 24°51′36″N 67°0′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000
ملڪ  پاڪستان
بنياد
گادي جو هنڌ ڪراچي
حڪومت
 • قسم خودمختيار حڪومت زرير انتظام وفاق
 • گورنر عمران اسماعيل
 • وڏو وزير سيد مراد علي شاهہ
 • قانونساز اسيمبلي صوبائي اسيمبلي
 • هاءِ ڪورٽ سنڌ هاء ڪورٽ
پکيڙ
 • ڪل 140,914 ڪ.م2 (54,407 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو ٽيون
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 47,886,051

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ۾ ڪيا وڃن ٿا.[4][5][6] سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا[7] ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا)[8] برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.[9]

سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.[10]

انگريزن اگسٽ 1935 ۾ گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪيو. جنهن موجب برما ۽ عدن کي انڊيا مان ٽوڙي واپس پراڻي فتح ڪيل ملڪ/ڪالوني جي جدا حيثيت ۾ بحال ڪيائون. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان کي فتح ڪيل جدا ملڪ واري حيثيت ۾ بحال نه ڪيائون. سنڌ کي انڊيا جي هڪ صوبي جي حيثيت ۾ بحال ڪيائون. جڏهن ته بلوچستان کي قلات شاهي رياست طور انڊيا ۾ شامل رکيائون.

نالي جي معني

سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي،[11] اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون، تنهنڪري سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس. اڄ به سنڌونديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل کان وٺي ڪالاباغ تائين ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي، ته نڪي اورينءَ ڀر نڪي پرينءَ ڀر کان ڏسڻ ۾ ايندي.[12] اڳي سنڌ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Sind ڪري لکيو ويندو هو، پر 1988ع تي سنڌ اسيمبلي پاران پيش ڪيل هڪ بل ذريعي ان کي Sindh ڪوٺيو ويو. 325 قبل مسيع ۾ يونانين جڏهن سڪندر اعظم جي اڳواڻي ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان وقت سنڌ کي انهن انڊُوس جو نالو ڏنو، جنهن مان بعد ۾ لفظ انڊس جنم ورتو. آڳاٽي ايرانين پاران سنڌو درياهه جي اوڀر طرف سموري علائقي کي هند چيو ويندو هو. جڏهن 17هين صدي تي انگريز برصغير ۾ آيا ته هن سموري ڏکڻ ايشيا کي سنڌ جو نالو ڏئي ان کي انڊيا ڪوٺيو. پاڪستان جي نالي ۾ س جو لفظ پڻ سنڌ مان کنيل آهي.[13][14]پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”سنڌ“ لفظ کي صاف طور دراوڙي الاصل قرار ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته آرين اهو لفظ دراوڙن کان اڌارو ورتو. هو لکي ٿو ته:

”بمبئي جي ڀارت وگيانيءَ (Indologist) پادري هيرس جي سَنَد موجب سندونديءَ کي اهو نالو آرين کان آڳاٽن رهاڪن دراوڙن ڏنو هو. جن جي ٻوليءَ ۾ ’سند‘ يا ’سِندو‘ لفظ جي معنيٰ هئي ندي يا درياءُ. آرين ان اکر کي ڦيرائي ”سنڌ“ يا ”سنڌو“ ڪيو، جنهن پٺيان سمورو ملڪ جنهن مان اُها ندي لنگهي ٿي، تنهن تي ’سنڌ‘ ديس جو نالو پئجي ويو......“[15]

يورپي لوڪن ”سنڌ“ لفظ جي بنياد متعلق اِها دعويٰ ڪئي ته اهو لفظ سنڪرت ٻوليءَ جو آهي، جنهن جو بنياد ”سڌ“ (sidh) ۽ ان جي معنيٰ نَهر يا نَدي آهي[16]ايڊورڊ ٿارنٽن (1844ع) ”سِنڌ“ يا ”سِنڌو“ لفظ کي سنسڪرت بنياد جو قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:

"Sind or Sindh sanscrit for sea or collection of water......."[17]مونيئروليمز ”سنڌو“ لفظ جي معنيٰ نهر،ندي ۽ سنڌ جا ماڻهو ڏنا آهن[18]اليگزينڊر ڪننگهام، سنڌ لفظ جي بنياد متعلق لکي ٿو ته: ”يونان وارن هن علائقي کي سِنڊو (Sindo) ۽ عربن سَدُو (Sadu) لکيو آهي. جيڪي هن علائقي جي سنسڪرتي نالي سِنڌو (Sindhu) ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هن ٻوليءَ ۾ هتان جي رهاڪن کي سئنڌاوا (Saindhava) يا سئنڌو، (Saindhu) چيو ويو آهي ۽ عام مشهور اُچار به اهو آهي.“[19]اليگزينڊر ڪننگهام واري ڳالهه کي ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا“ جا مرتبين تسليم ڪندي نقل ڪيو آهي. ڪاڪو ڀيرومل ان انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان ڪننگهام واري ڳالهه ورجائيندي لکي ٿو ته: ”سنسڪرت ۾ ان کي ”سَئندَو (Saindhava) چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ سنڌو ڪناري تي رهندڙ لوڪ......“[20]”رگويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر جي قديم لوڪن (رهواسين) کي سَئندو (Saindhava) جي نالي سان سڏيندا هئا، جنهن جي مراد هئي- سنڌو ڪناري يا سنڌوماٿر ۾ رهندڙ لوڪ آرين، يا هنن لوڪن (سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن) کي انهيءَ نالي (سَئنڌو/ سئندوئي) سڏيائون. هونئن به ته سنڌي ويا ڪرڻ جي اصولن موجب ’سنڌو‘ لفظ جي صفتي صورت ’سِئنڌوئي/ سئنڌو ئي ٿيندي. اها صورت (سئنڌو ئي)، اڳتي هلي پهرين ’سنڌ ئي‘ بڻي هوندي ۽ پوءِ ’سنڌي‘ بڻجي وئي ۽ وچ واري سُر [اَو]کي [اُ] سُر ۾ تبديل ڪيو ويو......... اهڙي طرح ’سنڌ ئي‘ جا اڳتي هلي ’سِنڌي‘ بنجي وئي آهي........“[21][22]”جڏهن به سنسڪرت مان نَوَن لفظن ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ڌاتوءَ سان اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڳنڍيون وينديون هيون ته ان عمل کي سڏيندا ئي هئا ”سَنڌي“، جو پوءِ ڦري ”سنڌي“ اچارجڻ لڳو ۽ اڄ خود يورپي ماهرن ان لفظ ”سَندي“ (Sandhi)کي هڪ ٽيڪنيڪل لفظ تور انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان لفظ ۾ ڪافي وقت اندر ( اِ ) حرف علت جو ( اَ ) حرف علت ۾ مٽجڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. خود اسان وٽ ان جون ڪي صورتون انهي طريقي سان بدلجي چڪيون آهن. هن لفظ جو ڌاتو آهي سُڌ> سِد (سنسڪرت- سيند) = وهڻ، ڳنڍڻ، ڳنڻ، ڌڪ هڻڻ، آباد ٿيڻ، محدود ٿيڻ وغيره. جنهن مان سنڌ، سنڌو، سِڌو، سِنڌ، حرف علتِ (اِ) سان موجود آهن. ته ٻئي پاسي سَنڌڻ، سَند، سنداڻ، سَنڌ وغيره موجود آهن.......[23] [24].“دين محمد ڪلهوڙو، سنڌ لفظ کي دراوڙي ٻوليءَ جو آريائي روپ قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته: ”منهنجي اڀياس ۽ سمجهه موجب: سنڌو/سنڌ لفظ جو بنياد سنسڪرت جو لفظ ”ند“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’طرف‘ ۽ ’س‘ ان جي اڳياڙي (Prefix) آهي. ’ند‘ جي اڳيان ’س‘ ۽ پٺيان ’و‘ اضافي صورتن ملائڻ سان لفظ ٺهيو- ’سنڌو‘ جنهن جي معنيٰ نڪري ٿي- سامهون وارو درياءُ. جڏهن قديم آريا درياء ڏيئي سنڌ ۾ گهڙيا هئا، تڏهن هنن درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد دراوڙن لوڪن کي ’سنڌي‘ ۽ سندن ملڪ کي ’سنڌ‘ سڏيو، ڇاڪاڻ ته دراوڙن جو هي ملڪ هنن آرين کي سامهون واري طرف کان ٿي نظر آيو. اهڙي ريت هيءُ درياء منهنجي نظر ۾ قديم آرين جي آمد کان پوءِ ”سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو.“[25]ايڊون برائنٽ ۽ ايڊون فرانسيس برائنٽ ’سنڌ‘ لفظ کي جديد دراوڙي نه بلڪ قديم دراوڙي (Proto- Dravidian) زبان جو لفظ قرار ڏنو آهي.[26][27]هندستان جي ڪرناٽڪ رياست جي دراوڙي قبيلن جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ هڪ راڳ جو نالو ”سنڌ ڀيروي“ (Sindh Bhairavi) آهي. جيڪو اساوري ٺاٺ سُر سان تعلق رکي ٿو. دراوڙي ٻولي ”تامل“ جي ڳالهائيندڙن ۾ هڪ طبي علاج جو سائنسي طريقو ”سنڌا“ (Sidha) جي نالي سان مروج آهي، ان جا خالق قديم دراوڙ (قديم سنڌين جا ابا ڏاڏا) هئا ۽ اهو طريقو سنڌ ڌرتيءَ تي ڄميو ۽ عروج تي پهتو. آرين کان پوءِ هندستان جا دراوڙ قبيلا ڏورانهين علائقن ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجي اصل ماتر ڀوميءَ جي سِڪَ کي ساهه ۾ هنڊائڻ لاءِ ان طريقي تي ”سنڌ“ نالو رکيائون.[28]

تاريخ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي تاريخ

تاريخ کان اڳ وارو دور

 
سنڌو تهذيب جا نمايان شهر
 
موهن جي دڙي مان مليل ڪنگ پريسٽ جو مجسمو
 
موهن دڙي جا آثار

سنڌ ۾ آبادي جا آثار 7000 قبل مسيع ۾ ملن ٿا. مهر ڳڙهه، جيڪو هاڻ بلوچستان جو حصو آهي، ان تائين سنڌ ڦهليل هئي. سنڌ جي ثقافت کي هزارين سال ترقي ڪرڻ ۾ لڳا، جنهن کان پوءِ 3000 سال قبل مسيع ۾ سنڌو تهذيب جو بنياد پيو. سنڌو تهذيب پنهنجي جوهر ۾ آڳاٽي مصري ۽ ميسوپوٽيميا جي برابر هئي، جنهن ۾ پنج لک ماڻهن رهائش اختيار ڪئي ۽ اعلي معيار سان رٿيل شهر ۽ نيڪالي جو نظام جوڙيو.

بلوچستان خشڪ هجڻ ڪري اتي جي رهواسين کي مشڪلاتون پيدا ٿيون، جتان ڪيترائي ماڻهو ڪوٽ ڏجي جي علائقن طرف حجرت ڪري آيا، پنهنجي دور ۾ هي علائقو شهري علائقن جو مثال هو. ان کان سواءِ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا پڻ انساني زندگي لاءِ شهڪار شهر هئا. هتي ماڻهو کي فنون لطيفہ تي عبور حاصل هو، ۽ هنن پنهنجي ٻولي پڻ جوڙي هئي جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو پڙهي نه سگھيو آهي. اتي موجود ترتيب سان جوڙهيل شهر، پڪين سرن سان عام ماڻهن جا گھر، رستا، عوامي غسل خانا، ۽ ڍڪيل نيڪالي جو نظام ان شهر جي عظمت جو داستان آهي.[29]

ڪجهه حوالن موجب، اتي امير ماڻهن جي دفنائڻ جي حوالي سان ڪنهن مخصوص جاين جون شاهديون نه مليون آهن، جنهن لاءِ چيو وڃي تي موهن جي دڙي ۾ موجود وڏو غسل خانو ئي پاڪ جاءِ هو، [30]اها تهذيب 1700 قبل مسيح ۾ ختم ٿيندي ڀائنجي ٿي. هن تهذيب جو خاتمو ڪنهن زلزلي يا اوچتي آفت اچڻ جي سبب ٿيو. قديم آثارن مان مليل دانچن جي چڪاس کان پوءِ معلوم ٿيو ته تمام تيزي سان ۽ اوچتو هي شهر تباهه ٿي ويو.[31]

شروعاتي تاريخ

قديم شهر رورڪا، جنهن کي هاڻ روهڙي يا اروڙ چيو وڃي ٿو، سائوويرا بادشاهت جي گادي جو هنڌ هو، جنهن جو ذڪر شروعاتي ٻُڌ ڌرم جي ادب ۾ مُک واپاري مرڪز طور ٿيل آهي.[32] مهاڀارت ۾ سنڌ جو ذڪر ڀارت ورشا جي حصي طور آيل آهي. سنڌ کي سپت سنڌو پڻ ڪوٺيندا هئا، ڇو ته ان مان مکيه ست نديون شتدرو (ستلج)، پرشڻي (راوي)، اسڪني (چناب)، وتستا (جهلم)، ارجڪئا (بياس)، سوما ۽ سنڌو ندي وهندڙ هيون. سنڌ کي 600 قبل مسيح ۾ فارسي شهنشاهت اڪئمنيڊ فتح ڪيو. ايران جا سنڌ سان پراڻي زماني کان سياسي ۽ واپاري لاڳاپا هئا. دارا اعظم (اول) 519 ق.م ۾، سنڌ فتح ڪري، پنهنجي ايراني شهنشاهيت ۾ شامل ڪيو[33]. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ايرانين جو اچڻ وڌي ويو. 380 ق.م ۾ بهمن بن اسفنديار، سندو نديءَ جي لوهاڻي شاخ تي بهمن آباد ۽ اقليم، سنڌ جي ڪڇِي صوبي ۾ قندابيل شهر اڏايا[33]. فردوسي شاهنامي ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جا ست راجا، ڪابل، سنڌ، هند، ساندل، چندل، ڪشمير ۽ ملتان ايران کي ڍل ڀريندا هئا[33]. سائرس اعظم 530 ق.م کان 558 ق.م جي دوران سنڌ ملڪ بلخ تائين فتح ڪيو. جڏهن دارا سنڌ تي قبضو ڪيو ته، تڏهن هيروڊوٽس به هن سان گڏ آيو. هن سنڌ کي دارا اعظم جي اُڻٽيهين ولايت ڄاڻايو آهي[33]. هن، ان وقت جيڪي سنڌ رياست جا پرڳڻا جيڪي ايراني سلطنت جي هيٺ هئا، تن جا يوناني نالا ڏنا آهن[33]. ساڪا يعني ساڪستان يا سستان، ماڪا، ست گيدائي، گنداروئي، ٿاتاگو، داديڪائي (ڪشمير ۽ چترال)، اپاريتائي (هندوڪش ۽ ڪابل)، ڪسپوئي (ساڪا وارن جا پاڙيسري)، ٿامايوئي (وچ افغانستان)۽ پڪٽائي (پشتو، ڪوئيٽا ۽ پشين). دارا اعظم سنڌ مان ڪيترائي نوجوان ايراني لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا. دارا اعظم (اول) 486 ق.م ۾ جڏهن يونان تي حملو ڪيو، تڏهن سندس لشڪر سان گڏ هڪ سنڌي فوجي دستو به شامل هو. تنهن جنگ ۾ هن سنڌ جا هاٿي به ڪتب آندا هئا[33]. 400 قبل مسيع ۾ يونانين سڪندر اعظم جي اڳواڻي ۾ سنڌ کي فتح ڪيو. سڪندر اعظم سنڌو وادي جي ماڻهن لاءِ چيو آهي ”مونکي شينھن ۽ بهادر ديس جي ماڻهو موهيو، جتي جي زمين اسٽيل جهڙي آهي، جنهن سان منهنجي فوجين کي سڪون مليو. هن ڌرتي جو هر ماڻهو سڪندر آهي. سنڌ جو علائقو ڪجهه ڏهاڪن تائين يونانين جي اثر هيٺ رهيو، سڪندر جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ سلوقي سلطنت جي حڪومت هئي. ان کان پوءِ چندر گپت موريا جي اڳواڻي ۾ سنڌ 305 قبل مسيح ۾ موريا شهنشاهت جي اثر هيٺ آهي، اشوڪا جي دور ۾ هتي ٻُڌ ڌرم جي واڌ ويجهه ٿي. موريا حڪومت 185 قبل مسيح ۾ ختم ٿي جڏهن سندن آخري حڪمران کي سنگا شهنشاهت هٿان شڪت آئي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيهر يوناني حڪومت قائم ڪئي، جڏهن ڊيمٽرس اول جي حڪمراني ۾ يوناني باختري هندوستان تي قبضو ڪيو، هنن اتر اولهه وارن علائق ۽ سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو.

ٻين صدي قبل مسيح ۾ يونانين جي قبضي هيٺ علائقن ۾ سڪوتي شهنشاهت جو راڄ ٿيو، هن سڄي ڏکڻ ايشيا تي سنڌ ذريعي قبضو ڪيو، جنهن کي بعد ۾ اندس-سڪوتي جو نالو ڏنو ويو. پهرين صدي عيسوي ۾، سنڌ ڪوشان سلطنت جي قبضي هيٺ آئي، ڪنشڪ جي حڪمراني ۾ ٻُڌ ڌرم کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ ڪيترايون ئي مذهبي جايون جوڙايو ويون.[34] ان وقت آهير پڻ وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد هئا.[35] ڪوشان سلطنت کي 3 صدي جي وچ ڌاري شڪت آئي ۽ سنڌ فارسين جي ساساني شهنشاهت جي قبضي هيٺ آهي.

ان کان پوءِ سنڌ گپتا سلطنت جي حڪومت هيٺ آئي، پنجين صدي جي آخر ۾ هن قبيلي جي لشڪرن گپتا خاندان کان اتر اولهه جا ڪيترائي علائقا کسي ورتا، ان کان پوءِ سنڌ ڳچ وقت روهڙا راڄ جي حڪمراني هيٺ رهي. ان کان پوءِ سنڌ شهنشاهه هرشاوردن جي حڪومت هيٺ آئي، پوءِ 478ع ڌاري راء گهراڻو سنڌ تي قابض ٿيو، ان حڪومت جو خاتمو اروڙ جي چچ گھراڻي 632 ڌاري آندو. ان حڪومت دوران سنڌ جو سرحدو وڌي ملتان ۽ رڻ ڪڇ تائين ڦهلجي ويون، ان وقت سنڌ جي گادي جو هن هنڌ اروڙ هو.

عربن جو دور

 
عباسي دور ۾ لکيل هڪ دستاويز
 
عربن پاران پاڪستان ۽ هندوستان جي علائقن ۾ ڪيل حڪومت
 
اموين پاران فتح ڪيل سنڌ:
  محمد جي وقت ڪيل فتحون 622–632
  راشديا خلافت دوران ڪيل فتحون ، 632–661
  خلافت اموي دوران فتحون 661–750

712ع تي محمد بن قاسم سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي علائقن کي فتح ڪيو، جنهن ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن کي اسلام سان متعارف ڪرايو. ان وقت سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم سان واسطو رکندڙن جي گھڻائي هئي، ۽ راجا ڏاهر هڪ غير مقبول هندو بادشاهه هو،[36][37] جنهن کي محمد بن قاسم جاٽ راڄ جي هندن ۽ ٻين علائقائي گورنرن سان ملي شڪست ڏني ۽ سنڌ تي حڪمراني جو آغاز ڪيو.

711ع تي محمد بن قاسم، خلافت اموي جو لشڪر جيڪو 20 هزار گهوڙ سوارن، 5 منجنيڪن تي مشتمل هو، ان سنڌ تي حملو ڪيو، ان جنگ ۾ راجا ڏاهر کي شڪت آئي ۽ محمد بن قاسم، اروڙ، ملتان ۽ ديبل جي شهرن تي قبضو ڪري ورتو. عرب نقشيدانن پاران سنڌ کي Sind لکيو ويو، جنهن کان اڳتي واري علائقي کي Hind ڪوٺيو ويو. ان وقت محمد بن قاسم سنڌ جي گادي جو هنڌ منصوره کي ڪيو، ان شهر بعد ۾ ابو مشعر السندي، ابو عطا السندي،[38] ابو راجا سنڌي ۽ سنڌ ابن علي جهڙا عالم پيدا ڪيا. ديبل جي بندرگاهه ۾، گھڻي ڀاڱي سمورن باوراجن پاران اسلام قبول ڪيو ويو، اهي سنڌي ناکئا يا ملاح ڪوٺجڻ لڳا، جيڪي جهاز راني، جاگرافي ۽ ٻولين جا ماهر هئا. محمد بن قاسم کان پوءِ اموين سنڌ تي ھباري خاندان ذريعي حڪومت ڪئي.

750ع ڌاري، ديبل (هاڻوڪو ڪراچي) بصره جي بندرگاهه کان پوءِ ٻيو بندر گاھ هو، جتان سنڌي ملاح بصره، بوشهر، مسقط، عدن، ڪلوا، زنجبار، سفولا، چيرا گھراڻو، سريلنڪا، جاوا (جتي سنڌي واپارين کي سنتري چيو ويندو هو)، تائين سفر ڪندا هئا. اموي ۽ عباسي خلافت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ، هباري شهنشاهت نيم آزاد حڪومت ٿي وئي، ۽ منصوره تي سلطان محمد غزنوي قابض ٿي ويو، ان کان پوءِ بغداد جي گھيراءُ (1258ع) تائين سنڌ عباسي خلافت جي حڪومت هيٺ رهي، جنهن تي سومرن جي حڪمراني هئي. ان دور ۾ ابو الحسن مسعودي، ابن حوقل، اصطخري، ابن جرير طبري، البيروني[39] ۽ ابن بطوطہ[40] سنڌ آيا يا ان بابت لکيائون، ان وقت هندوڪش جي علائقن کي پڻ ڪٿي ڪٿي سنڌ لکيو ويو آهي.

سومرن جو دور

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سومرن جي سنڌ تي حڪومت

جڏهن سنڌ عرب اموي ۽ هباري خلافت جي اثر هيٺ هئي، اموين عزيز الحباري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. سنڌ تي حبارين جي حڪومت 1024ع تائين هلي جڏهن انهن کي سلطان محمد غزنوي شڪست ڏني. ان کان پوءِ سنڌ عباسي خلافت جي اثر هيٺ آئي، عباسين سمارا جي ال خفيف کي سنڌ جو خليفو مقرر ڪيو، سومرن جي معني پڻ ”سمارا جو“ آهي، نئين گورنر سنڌ ۾ مستحڪم ۽ مضبوط حڪومت جوڙي، هن پنهنجي گورنري جي دور ۾ خاص عهدا سندس دوستن ۽ عزيزن کي ڏنا، اهڙي ريت ال خفيف يا سردار خفيف سومرو سنڌ ۾ راجپوت سومرا حڪومت قائم ڪئي ۽ هي ان جو پهريون حڪمران ٿيو.[41] بغداد جو گھيراءُ کان اڳ سنڌ عباسي خلافت جي اثر هيٺ هئي، پر ان کان پوءِ اتي آزاد حڪومت قائم ٿي.

جڏهن سومرن جي حڪمراني، عباسي خلافت سان بغداد جي گھيراءُ بعد لاڳاپا ختم ڪيا، ته سومرن جي بادشاهه دودي اول جي حڪومت عربي سمنڊ کان پنجاب ۽ راجستان کان بلوچستان تائين هئي. سومرا پهريان مقامي سنڌي پنهوار جن جي سنڌ تي حڪمراني هئي،[42] انهي دور ۾ قرآن جو سنڌي ترجمو ٿيو. نيٺ 95 سالن تائين سنڌ تي حڪومت کان پوءِ سومرن جي حڪومت کي دهلي سلطنت هٿان شڪت آئي.

سمن جو دور

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سمن جو راڄ
 
مڪلي جو هڪ نظارو

ڄام انڙ فيروزالدين، دهلي شهنشاهت کي للڪاريندي سما حڪومت جا بنياد رکيا. هن پنهنجي لاءِ سنڌ جو سلطان جو لقب استعمال ڪيو. سما قبيلي جي حڪومت ڄام نظام الدين دوم (ڄام نندو) جي دور تي عروج تي پهتي. 1461ع کان 1509ع تائين هن جي بادشاهت دوران نندو گادي جي هنڌ ٺٽي ۽ مڪلي جي ٽڪرين کي وڏي ترقي ڏياري، جنهن سبب اهو شهر ديبل جو متبادل ٿي اڀريو. هن سنڌي ادب، تعميرات ۽ ثقافت کي وطن جي حب سان سرشار ڪيو. سمن وطني تعميرات، فن ۽ موسيقي ۾ اعلي مثال قائم ڪيا. ان وقت جي مشهور شخصيتن ۾ قاضي قاضن، درياهه خان، مخدوم بلاول شامل آهن. توڙي جو ٺٽو عظيم شهر هو پر ان جي حفاظت لاءِ ايتري فوج نه هئي جو اهي ارغونن ۽ ترخانن جو مقابلو ڪري سگھن، جن ڪيترن ئي سمن جي حڪمرانن جو قتل ڪيو. ڄام فيروز جي دور ۾ ٺٽي تي ارغونن ۽ ترخانن قبضو ڪيو.

مغلن جو دؤر

1524ع ۾، توڙي جو مغل شهنشاهت جو دارومدار ارغون ۽ ترخان فوجين تي هو، تنهن باوجود سنڌ جي ڪجهه بادشاهن انهن جو استقبال ڪيو. اڳتي ايندڙ وقت ۾ سنڌي مغلن جي اثر هيٺ رهيا.

ٽالپر دور

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ٽالپر دور

ٽالپر ڪهلوڙن جي دعوت تي، ڊيرا غازي خان مان حجرت ڪئي، دعوت جو مقصد بلوچ ڇڙوڇڙ قبلين کي متحد ڪرڻ هو. ٽالپرن هتي سنڌي ٻولي سکي ۽ جي سنڌ جي اتر طرف آباد ٿيا. هنن ترت بلوچ قبلين کي متحد ڪيو ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن خلاف راءِ عامه جوڙي، هالاڻي جي جنگ کان پوءِ ٽالپرن ڪلهوڙن کان تخت کسي ورتي. ٽالپرن سنڌ تي 1783ع کان 1843ع تائين حڪومت ڪئي ان کان برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لشڪرن چارلس نيپئر جي اڳواڻي ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.

برٽش دور

پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جو ڪردار:سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران، ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرس جي موقعي تي گڏيل هندستان جي سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ جي نالي سان سڏيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو، ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا ۽ آزاد آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان موقعي تي قائداعظم مرحوم تقرير ڪندي چيو: ”مون کي يقين آهي، ته سنڌ جو صوبو، هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي.“

ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏي جوش، جذبي ۽ ولولي سان حصو ورتو. سڄي هندستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي صوبائيءَ اسيمبليءَ سن 1943ع ۾ پاڪستان جي قيام جي ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو محترم. جي ايم.سيد پيس ڪيو. ٻئي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو ٺهراءُ نه اڳ ئي پاس ڪيو هو، ۽ نه پوءِ ئي ڪا اسيمبلي پاس ڪري سگهي.[43]

سنڌ جي جاگرافي

 
سنڌ
 
2م220px
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي جاگرافي

سنڌوءَ جي ويڪريءَ ماٿريءَ جي کاٻي پاسي، يعني اوڀر کان، هندستان جو وسيع ريگستان، ٿر، آهي. جنهن ۾ لاڳيتو ٽي سوء ميل سڃ ئي سڃ آهي ۽ جيڪو هري هري چڙهندو، وڃي ابو ٽڪريءَ ۽ اوالي ٽڪرن تي کٽي ٿو. جمڙائوءَ جي منڍ واريءَ ويڪرائي ڦاڪ جي ڏکڻ کان ويندي ڪڇ جي رڻ تائين ٻنهي علائقن جي وچ وارو ٽڪر ائين واضع ۽ چٽو آهي، جيئن سمنڊ جو ڪپر- واريءَ جا دڙا ائين اوچتو نروار ٿين ٿا، جيئن ڪنهن سڌي سنواٽي ميدان ۾ ڇپن جون قطارون، پريان اُتر ۾، واريءَ جون ڀٽون ڪچي ۾گهڙي اچن ٿيون، ۽ سنڌوءَ جي ليٽ وارياسي علائقي ۾ ڪافي اندر تائين هلي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح، اُنهن ٻنهي ٽڪرن جي وچ ۾، جيڪي طبعي لحاظ کان مختلف مُول منڍ وارا آهن، اصل ويڇو گهڻي ڀاڱي ميسارجيو وڃي. ائين کڻي چئجي ته ٿلهي ليکي، ڪچي کان ٿر جو ويڇو هن علائقي ۾ ڪجهه وڌيڪ اوڀر ڏانهن آهي. ڏاکڻي ۽ اترئين ڀاڱي ۾ وارياسي جي سنڌي جو هيءَ فرق ڏکڻ- اولهه جي چوماسي جي ٻل نٻل ۽ گهاٽيءَ واڌيءَ جي ڪري ڦرندو گهرندو رهي ٿو.
ساڄي يا اُلهندي پاسي کان اصل سنڌ جون حدون انهن ڪڪرالين ماٿرين جي ڇيڙي جي سنوت ۾ نظر اينديون، جيڪي بلوچستان جي اندر ڦلهجي ويندڙ ٽاڪرو علائقي تائين هليون وڃن ٿيون. پرحقيقت ۾ ان مٿانهين پٽ سان هڪدم لڳولڳ زمين ٽڪرين تان وهي آيل لٽ منجهان ٺهيل آهي. اها سنڌوءَ جي لٽ کان بلڪل نرالي ٿئي ٿي. اهو تر جنهن کي مڪاني طرح ”ڪاڇو“ سڏيو وڃي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي سوڙهو آهي، سو سليمان جبل ۽ بولان لڪَ کان ڏکڻ طرف ويندڙ جبلن جي وچ ۾، ڊيگهه ۾ وڌندي، ڪيترن هزارين چورس ميلن جو علائقو ٺاهي ٿو. ان جو جيڪو ڀاڱو سنڌوءَ واري ڪچي کي ويجهي ۾ ويجهو آهي، سو چيڪي مٽيءَ جهڙيءَ مٽيءَ جو تراکڙو بيابان آهي، جتي سبزو ۽ ساوڪ نه هئڻ جي برابر آهن. اهو بيابان هڪ قدرتي روڪ آهي- اهڙي ئي اڏول، جهڙا اُهي جبل، جيڪي ان طرف جون ٻيون حدون ٺاهين ٿا. ان بيابان جي ڪري ئي ڪڇيءَ جو هيءَ علائقو گهڻو ڪري سياسي طرح ڏکڻ اوڀر وارين ايراضين جي بدران اُتر وارين ايراضين سان لاڳاپيل سمجهبو رهيو آهي.

سنڌ جي ڪچي جي اولهه ۾ جيڪو جابلو ٽڪرو آهي، سو بيهڪ ۾ اوڀر واري ريگستاني ٽڪري سان عجيب مشابهت رکي ٿو. پر ابتيءَ ترتيب سان: يعني اتريون ڀاڱو ڪڇيءَ جي ڇيڙي کان ويندي منڇر تائين بظاهر اڻ ڀڳل ڪوٽ ٺاهي ٿو، جڏهن ته منڇر کان ڏکڻ طرف ڌار ڌار ٽاڪرو ڇپر نظر ايندا، جن جي وچ ۾ سئين پٽ جون ايراضيون آهن، ۽ سمورو تر ڏکڻ ڏانهن هلندي، هوريان هوريان ويڪر ۾ وڌندو ۽ اُچارئيءَ ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ اولهه پاسي ڪا ظاهري حد ٺاهيندو نظر نٿو اچي.
اُنهيءَ پاسي وڌندي، حب ندي ۽ ڪي ننڍيون ٽڪريون اُڪري، اسين لس جي ميدان ۾ پهچون ٿا، جيڪو سمنڊ جي ڪپر کان ساٺيڪو ميل اُتر طرف هليو وڃي ٿو ۽ جنهن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر انهيءَ مفاصلي جي اڌ جيتري ٿيندي. اهو ميدان پورالي نديءَ ۽ ڪن ننڍين نين جي آندل لٽ منجهان جُڙيو آهي. ۽ مٿي ڄاڻيل ڪڇيءَ جي ميدان وانگر، جنهن سان اهو گهڻي مشابهت رکي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن سياسي طرح سنڌ سان لاڳاپيل پر گهڻو ڪري ان کان ڌار رهيو آهي.

هيءُ انهن علائقن جو مختصر بيان آهي، جن جون ڪڏهن ننڍيون ڪڏهن وڏيون ايراضيون اُن سر زمين سان شامل رهيو آهن، جنهن کي سياسي طور ”سنڌ“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته طبعي لحاظ کان سنڌ جي اوڀر وارا وارياسا پٽ راجپوتانا جو ۽ اولهه وارا ننڍا ٽَڪر بلوچستان جو حصو آهن. تحقيق، الهندي ڪوهستان يعني ڪاڇي جا ۽ اڀرندي ريگستان يعني ٿر جا رهواسي ”سنڌ ڏي هلڻ“ جي ڳالهه ڪندا آهن: هنن وٽ سنڌ جي معنيٰ اهائي اصل واري آهي، يعني اها سر زمين، جنهن کي سنڌو نديءَ ٺاهيو ۽ سدا تاتيو آهي. اڄ جيڪو پرڳڻو ان نالي سان اسان جي سامهون آهي، تنهن جي بيهڪ 27 ڊگريون 30 منٽ ۽ 23 ڊگريون 35 منٽ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 42 منٽ ۽ 71 ڊگريون 10 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي.
شروع شروع ۾ جيڪي انگريز سنڌ ۾ آيا هئا، تن کي ان کي ”ننڍو مصر“ سڏيو هو. جيتوڻيڪ هاڻ اسان کي ان تشبيهه تي مٺيان لڳي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ تهذيب کي مصر کان عمر ۾ ايترو ننڍو سمجهيو ٿي ويو، تڏهن به نيل ۽ سنڌوءَ جي هيٺانهين ماٿرين جي وچ ۾ حيرت جهڙي مشابهت آهي: ٻنهي ۾ ساڳيا ئي ٽي پوو-وڇوٽ ٽڪرا- بُٺ ٽڪر، ڪچو ۽ وارياسو- ساڳيءَ ترتيب ۾ ساڄي کان کاٻي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻنهي ۾ وچ واريءَ ماٿريءَ جي زرخيزيءَ جو دارومدار برسات تي نه پر سالياني ٻوڏ تي آهي. آبهوا ۽ زمين جي خيال کان ٻنهي ملڪن اندر نباتات ۽ حيوانات جي جيتري هڪجهڙائي آهي، تيترو فرق ناهي. ڪو سنڌ واسي موٽر رستي سوئيز کان قاهري ۽ اتان نيل ڊيلٽا جو ڪجهه ڀاڱو لتاڙي، لبيا جي ريگستان اندر ويندو، ته کيس منزل بمنزل ايتري مشابهت ڏسڻ ۾ ايندي، جو هو سمجهندو ته ريل تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد رستي مارواڙ پيو وڃان. البت کيس نيل ڊيلٽا کان مٿي وارو تر سنڌو ماٿريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سوڙهو لڳندو: ۽ حقيقت به اهائي آهي. حيدرآباد جي ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي ٽن سون ميلن تائين درياهه سان گوني ڪنڊ ٺاهيندي، ڪيتريون به ماپون ڪبيون، ته ڪٿي به سنڌو ماٿريءَ جي ويڪر سٺ ميلن کان گهٽ نه ملندي. سنڌ جا پنج طبعي ڀاڳا آهن: سرو، وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽ ريگستان. مگر باريڪيءَ سان ڏسبو ته انهيءَ ۾ هر ورق جي زمين آهي: جابلو به، ٽڪرائتي به، پڪي به، ڪچي به، ڦيڙ به، ڊسڙ به، چيڪي به، ڪلراٺي ۽ وارياسي به ۽ بياباني زمين به. اهڙيءَ طرح آبهوا به ٿڌيءَ کان وٺي معتدل ۽ گرم به، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي گهڻي نباتات ’سنڌ‘ جي ڪنهن نه ڪنهن ڀاڱي ۾ آباد ڪري سگهجي ٿي. ان سبب ڪري، قدرتي طرح سان، ’سنڌ‘ ۾ گهڻن قسمن جا وڻ ٻوٽا اڀريل آهن. ۽ جو ’وڻ‘ يا ٻوٽو هڪ ملڪ ۾ آهي، سو ٻئي ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندو.[44]

سنڌ جي آبهوا

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي آبهوا

سنڌ جي آبهوا جي خاصيت آهي ته اتي ٿڌ به گهڻي پوي ته گرمي به، برسات هڪ پوي ٿوري، ٻيو وڻيس ته پوي وڻيس ته نه پوي. سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي آبهوا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهميل ٿئي ٿي. ڇو ته اهي سامونڊي هيرن جي پهچ اندر ٿين ٿا. اهي هيرون سال جا چار مهينا لڳنديون آهن. انهن جي ڪري ملڪ اندر پري تائين ٿڌڪار ۽ وائک رهندي آهي. پر ڏکڻ -اولهه واري چوماسي جو زور اُنهن مٿين ويڪرائي ڦاڪن تي پهچڻ کان اڳ ٽٽي چڪو هوندو آهي. جون کان سيپٽمبر تائين چوماسو ملڪ مٿان جيڪي ڪُڪُر ڌڪيندو آڻيندو آهي، تن ۾ مينهن ڪي ڦڙيون مس هوندو آهي. پر اهي کڻي پاڻيءَ سان پُر هجن. تڏهن به ڏکڻ اولهه وارو ٽڪرو علائقو ايترو اُتانهون نه آهي، جو انهن کي روڪي سگهي. ايترو سو آهي ته چوماسي جي ڪري ٽڪرن جي اولهندين لاهين جي ”تاس“ ٿورڙي لهيو وڃي. اُنهي مند ۾جيڪو به مينهن پوي ٿو، سو، هوا جي ٻين لهرن جي چوماسي جي ابُتڙ، مڪاني آبهوا ۾ وڳوڙ جي ڪري پوي ٿو. گهڻي ڀاڱي ڪڪر تپيل زمين مٿان لنگهندي ٻاڦ ٿيندا ويندا آهن ۽ رڳو ايترو فائدو ٿيندو اٿن، جو هوا جي ٿڌاڻ قائم رهندي آهي. اها هوا وقتي طرح تکي ٿي، وڃي ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ واريءَ منجهان اٿندڙ سخت گرم هوا جي جاءِ وٺي ٿي. سنڌوءَ جي ميداني علائقي ۾ هير جو آخري جهوٽو حيدرآباد کان ڪي سوء ميل اُتر ۾ پڊعيدن تائين پهچي ٿو، پر ان هنڌ ۾ لڪي ٽڪرين جي ڏکڻي ڇيڙي جي وچ ۾ ڪا ليڪ ڪڍبي، ته جهوٽو ان ليڪ جي الهندي پاسي خير ڪو محسوس ٿيندو.

جيڪو علائقو اهڙيءَ ريت محروم رهجي وڃي ٿو، سو مٿينءَ سنڌ جي گهڻي سخت آبهوا جي اثر ۾ رهي ٿو. اُتي گرمي سڄا سارا ست مهينا رهي ٿي، جا اتفاق سان ڪڏهن مينهن وسڻ سان ٿورڙن ڏينهن لاءِ گهٽجيو وڃي. اهو اتفاق سان ڪڏهن پوندڙ مينهن به گهڻو ڪري وڏڦڙو ٿئي ٿو، جيڪو جهٽ وسي، وري بند ٿيو وڃي. اپريل کان پوءِ رات جو ڏاڍي ٻوسٽ ۽ گهٽُ ٿئي ۽ گرمي پد گهڻو ڪري پرهه کان اڳ سو کان هيٺ لهندو ئي ڪين. مئي ۽ جون ۾ ڏينهن جو ڇانوري ۾ ٿرماميٽر 120 ڊگرين کان 125 ڊگرين تائين به رهي ٿو. مند ڏاڍي خشڪ ٿئي ٿي ۽ لُڪ جو کهو ائين لڳندو آهي، ڄڻ کوري جو منهن کلي پيو هجي.

سنڌ، جيئن اڳيئي ڄاڻائي آيا آهيون، طبعي لحاظ کان ٻن ڊگهائي ڦاڪ وارن ڀاڱن - ٽاڪرو، ڪچو ۽ وارياسو ۾ ورهايل آهي. پر خود سنڌ وارا ان کي آبهوا جي لحاظ کان ٽن ويڪرائي ڦاڪ وارن ڀاڱن ۾ ورهايل سمجهندا آهن سرو، وچولو ۽ لاڙ، يعني مٿين، وچولي ۽ هيٺين سنڌ غير سنڌي ان آبهوا واري تفاوت کي سولائي لاءِ ٻن ڀاڱن- مٿين ۽ هيٺين سنڌ- ۾ ورڇيندا آهن. ۽ ملڪ جي سياسي ورڇ به گهڻو ڪري اهائي رهي آهي.

مٿينءَ ۽ هيٺينءَ سنڌ ۾ آبهوا ۾ جيڪو فرق آهي، سو ٻنهي ڀاڱن جي نباتات ۾ فرق جي شڪل م نيروار نٿو ٿئي. هن ڌرتيءَ جي نباتات به اها ساڳي آهي، جا ڪنهن برسات کان محروم، وارياسي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪلراٺيءَ زمين جي ٿي سگهي ٿي. هت خاص ڪري اهڙا ٻوٽا ۽ وڻ جام ٿيندا آهن، جن ۾ پَن يا ته ٿورا ٿيندا آهن يا ته مرڳو ٿيندا ئي ڪونهن. ان وڻڪار ۾ به وڏو حصو ڪَنڊ جو ٿئي ٿو. هڪڙي پاسي ڪڇي ۽ آبپاشي علائقي جي نباتات ۽ ٻئي پاسي ٽاڪرو ۽ وارياسي علائقي جي نباتات، انهن ٻنهي جي وچ ۾ وڏو فرق گهڻائيءَ ۽ ورڇ جو آهي. ڪچي ۽ آبپاشي علائقي ۾ جيڪا وڻڪار گهڻي نظر اچي ٿي يعني ٻير، ٻٻر، ڪنڊي، لئي ۽ ٻيا ڪئين معمولي ٻوٽا، سا سموري وارياسي ۽ ٽاڪرو علائقي ۾ به ٿئي ٿي. پاڻيار ٻٻر جي ڀيٽ ۾ ٽاڪرو ٻٻر بندرو ٿئي ٿو. جنهن ٻوٽي لاءِ جا زمين سڻائي هوندي، سا هن ملڪ ۾ جتي به هوندي، اُتي اهو ٻوٽو ٿورو ڪي گهڻو ضرور ٿيندو. ساڳيءَ طرح وارياسي جا بي پن ٻوٽا، جهڙوڪ کپ ۽ ڦوڳ، ريجاري ۽ شاهوڪار زمين جي ميلن ۾ ڪٿي ڪٿي ڦاٿل واريءَ جي ٽڪرن تي به ملي ويندا.

سنڌ جي نباتات

سنڌ جنهن نباتاتي علائقي جو ڀاڱو آهي، تنهن ۾ ذري گهٽ سڄو پنجاب، الهندو راجپوتانا، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ اچي وڃن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ هندستان جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا هت به ٿيندا آهن، پر گهڻي نسبت اولهه وارن ملڪن، مڪران، ايراني نار جي گرم ڀاڱن، عراق ۽، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، مصر سان اٿس، جتان جي آبهوا ساڳي آهي.

سنڌ جي حيواني جيوت

علم حيوانات جي جن ماھرن پھريائين سنڌ جي جانورن تي تحقيق ڪئي، سي آھن برنس (Burnes) 1830ع، گرفٿ (Griffith) 18399ع، ھيوم ۽ ڊي (Hume and Day) 1872ع، بلان فورڊ (Blanford) 1971ع کان 1977ع، بٽلر (Butler) 1879ع، مري (Murray) 1884ع، اوٽس (Oates) 1889ع، ايٽڪن (Aitken) 19077ع، ٽائيسھرسٽ (Ticehurst) 1917ع کان 1920ع ۽ ايٽس (Eates) 1920 کان 1954ع، منٽن (Minton) 19622ع ۾ سنڌ ۽ لسٻيلي جي جانورن جي ڏسڻي (Key) ٺاھي. صديقي 18699ع ۾ جانورن جي لسٽ ٺاھي تيار ڪئي.[45]

ڪرنگھي بنان جانور (Invertebrates)

محي الدين (71-1964ع) سنڌ جي مڇين، نانگن، پکين، ڪڪڙن، ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينھن جي پروٽوزوان (Protozoan) ۽ ھيلمينٿي (Helminthic) فاعلن تي ڪم ڪندي نيون جنسون ۽ ڪي نوان مفعول دريافت ڪيا آھن. مجيب سنڌ جي دريائي مڇين ۽ سامونڊي مڇين جي ھيلمينٿڪ فاعلن تي ڪم پئي ڪيو آھي ۽ ڪي نيون جنسون ۽ قسم دريافت ڪيا آھن. ترمذي سنڌ جي سامونڊي ڪپر واري پٽي ۾ ڪرسٽيشيا (Crustacea) تي پئي ڪم ڪيو آھي. فصلن کي نقصان پھچائيندڙ جيتن جڻين تي بھ چڱو ڪم ڪيو آھي. جيتوڻيڪ انھن ۾ اھي جيت ۽ چچڙ شامل نھ آھن، جن جو انسانن ۽ جانورن جي بيمارين سان واسطو آھي.[46]

ڪرنگھي وارا جانور (vertebrates)

پنڊپھڻ (Fossils): بلئنفورڊ ۽ فيڊن پھريون ڀيرو منڇر مان سنھ 76-1874ع ۾ پنڊپھڻ جمع ڪيا. ٽيھ سال پوءِ پلگرم ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙن ڀڳي ٽوڙھي ويجھو تمام گھڻا پنڊپھڻ لڌا. پلگرم (1934ع) ھيٺين منڇر جي ٽن ڀاڱن کي ڪامليل (ميلوٽيشن)، چنجي (ٽارٽونيشن) ۽ ڍوڪ پٺاڻ (لوئر پلايوسين) وارين منزلن جي برابر سمجھيو ۽ ساڳئي وقت مٿئين منڇر کي سوالڪ واري بولڊر ڪانگھلومريٽ منزل (مڊل پلئسٽوسين) جي برابر تسليم ڪيو. سنڌ ۾ ھڪ گوشت کائيندڙ، اٺ سونڊ وارا، ٽي کُرن وارا، يارھن ٻڌي تعداد ۾ کُرن وارا ۽ ٽي سُرڻن يا رڙھندڙ جانورن جا ’پنڊپھڻ‘ سڃاتا ويا آھن.[47]

جيئرا قسم (Living Forms)

کير ڌارائيندڙ ٿڻن وارا جانور. جيترو ڌيان پکين تي ڏنو ويو آھي، اوترو کير ڌارائيندڙ يعني ٿڻن وارن جانورن تي نہ ڏنو ويو آھي. ٿڻن وارن جانورن جا ڪل 73 قسم آھن، جيڪي سنڌ ۾ رھن ٿا. انھن ۾ 20 گوشت کائيندڙ، 20 چمڙا، 4 جيت کائيندڙ، 15 ڪئا ۽ نوريئڙا وغيرھ، 9 کُرن وارا، 4 ويل ۽ ڊالفن ۽ ھڪ ڇِلر شامل آھن.[48]

گوشت خور جانور: ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ چيتو ڪنھن وقت سنڌوءَ جي ڪڇي ۾ ۽ روھڙيءَ طرف رھندو ھو. روھڙي ۾ ھن جو زور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ چيتا سن 1886ع تائين ماريا ويا. ٻين گوشت کائيندڙن ۾ پلنگ (Panther) جيڪو ڪنھن وقت سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ پکڙيل ھو، سو ھاڻي رڳو کيرٿر جبلن ۾ محدود آھي. اھو خصوصًا ھلڪي رنگ جو آھي ۽ سندس بج ھندستاني پلنگ کان ڊگھا آھن. لڌڙو جيڪو لاڙڪاڻي ۽ ميرپور ساڪري ۾ ملندو ھو، سو گھڻي قدر گھٽجي ويو آھي. جھنگ ٻلو، سنڌ جي عام جھنگلي ٻلي، بُجُر ٻلو (Caracal Lynx) جيڪا ھاڻي ٿر ۾ اڻ لڀ ٿيندي وڃي؛ مشڪ ٻلو (Civet Cat) جيڪو ڳوٺن جي چوڌاري ملندو آھي، اھي سڀ سنڌ جي جھنگلن جا ٻلا آھن. ڳور پٽ جيڪو قبرن کوٽڻ ۽ مئل ماڻھن تي تڳڻ لاءِ مشھور آھي، سو بہ سنڌ ۾ ٿئي ٿو. چراخ ۽ لڌڙو جنھن جي پٺيان سدائين کلن جا واپاري ھوندا آھن، سي آھستي آھستي اڻلڀ ٿيندا وڃن. بگھڙ، گدڙ، لومڙ ۽ نور وغيره ٻيا گوشت کائيندڙ جانور آھن.

چمڙا: سنڌ ۾ چمڙن جا 13 قسم آھن، جن ۾ ھڪ ميوو کائيندڙ چمڙن جو (Fruit Bat)، ٻہ ڪُئي – پُڇ چمڙن جا، ٻہ قبائي (Tomb bat) چمڙن جا ۽ چار ڄامڙن چمڙن جا قسم شامل آھن.

جيت کائيندڙ: جيت کائڻ وارا جانور سنڌ ۾ تمام گھٽ آھن، جن ۾ ھڪ مسڪ شُرو (Musk Shrew) ۽ ٽن قسمن جا ڄاھا شامل آھن.

روڊنيشا: (Rodentia):ھن قسم ۾ ھڪ قسم جو سيھڙ، جيڪو خاص ڪري پٽاٽي جي فصل کي کائيندو آھي. نوريئڙو ۽ پنڌرھن قسم جي ڪُئن جا، جن ۾ ننڍي پُڇ وارا توڙي بجر پڇ وارا، ۽ ٿلھي منھن وارا وڏا ڪئا شامل آھن.

سيٽيشيا: (Cetacea):ھن ۾ سنڌو درياءَ توڙي گنگا ندي واري ٻلھڻ جا ٻئي قسم سامونڊي آھن، جيڪي سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ ملندا آھن. پار پوائز (Porpoise) خاص مٺي پاڻيءَ جو جانور آھي ۽ انڌو ٿيندو آھي، ڇو جو ان جون اکيون پوري طرح تيار نہ ٿينديون آھن. ھيءُ سنڌو درياءَ ۾ ملندو آھي. ھن ٻلھڻ جو تيل مھاڻا سنڌن جي سور لاءِ ۽ مشعلن ٻارڻ جي ڪم آڻيندا آھن. ھن کي پڪڙڻ لاءِ مھاڻا خاص سيکاريل لڌڙا استعمال ڪندا آھن. بِلُويل جيڪو وڏي ۾ وڏو کير ڌارائيندڙ جانور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو بہ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن کان پرتي ڏٺو ويو آھي ۽ ڀٽ ميٽ تي پڻ پڪڙيو ويو آھي.[49]

گاھ کائيندڙ (Herbivora)

گاھ کائيندڙ جانورن ۾ شامل آھن: ھرڻ، ڪارو ھرڻ، غزال ھرڻ وغيرھ. ڦاڙھو اڃا تائين سنڌ جي دريائي ٻيلن ۾ ڪافي عام آهي (ٽوٽل اندازًا 370 ڦاڙھا). ڪارو ھرڻ جيڪو ھن سڄي اپٻيٽ جي اصلوڪن ھرڻن جو ھڪ قسم آھي، سو تمام سھڻو ٿيندو آھي، ۽ پاڪستان ۾ ھي نسل ختم ٿيڻ تي آھي. سنڌ ۾ ھن نسل جا ھرڻ باقي ڪي ٿورا وڃي کيرٿر جبل ۾ بچيا آھن. ھرڻ، جيڪو ڪنھن وقت سنڌ ۾ ھر ھنڌ ھوندو ھو، سو بہ ھاڻي تمام گھٽ آھي ۽ ٿورڙي تعداد ۾ اڃا تائين کيرٿر ۾ آھن. چنڪارا ھرڻ ۽ ڪاري ھرڻ جي آھستي آھستي گم ٿيڻ جي ڪري بنان ڪنھن شڪ شبھي جي اھو چئي سگھجي ٿو تہ ايشيائي چيتو پڻ انھن جي ڪري ختم ٿي ويو. سنڌ گھر آھي سره جو، جيڪو اڄ ڪلھ کيرٿر جبل ۾ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو. (سرھن جو اندازًا تعداد 1200) گڍ دادو ۾ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو، پر ان کي تحفظ ڏيڻ ضروري آھي. جيئن سڱن وارو ھرڻ، جيڪو سنڌ ۾ مري (Murray) سن 1884ع ۾ ڏٺو ھو، سو اڄ ڪلھ آھي ئي ڪونہ، ۽ سانڀر وانگر ختم ٿي ويو آھي. سوئر جيڪو سنڌ ۾ عام آھي، سو ڏينھون ڏينھن دريائي ٻيلن ۾ وڌندو رھي ٿو ۽ فصلن لاءِ مصيبت آھي. گورخر جيڪو ڪڇ جي رڻ ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ وڃي بچيو آھي (اندازًا 20 يا 30) سو اڻلڀ ٿيڻ وارو آھي.
ڇلر (Pholidota): ڇلو مرون لاڙ ۾ ٿئي ٿو، پر آھستي آھستي گھٽبو پيو وڃي ۽ ھاڻي اڻلڀ ٿيندڙ جانورن جي فھرست ۾ شامل آھي. سنڌ ۾ مم ۽ ڀولڙي جو ڪوبہ قسم نہ ٿيندو آھي.[50]

سنڌ جا پکي

سنڌ جي پکين ۾ مخصوص خاصيتون آھن، جيڪي جاگرافيائي بيھڪ ۽ طبعي حالتن جي ڪري ٿيون آھن. سنڌو ماٿري ھڪ ’رڻ‘ وسيلي ھندستان کان ڌار ٿيل آھي، جنھن ڪري ھندستان جا مشھور پکي ھتي ڪين ٿين. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان، ٻين علائقن جھڙوڪ ڏکڻ يورپ، اتر اوڀر آفريڪا، عرب ۽ ايران جي پکين لاءِ کليل آھن. سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڌٻڻون، ۽ ان طرف پکين جي لڏي اچڻ جي رستن جي موافقت ڪري سنڌ پکين لاءِ سياري جو گھر آھي.

ھيوم (Hume) پنھنجي ڪتاب اسٽري فيدرس (1873ع) ۾ پکين جا 2500 قسم ڄاڻايا آھن، جن جون 25 جنسون آھن. ائٽڪن (سن 1872ع) ڪل 400 جنسون ٻڌايون ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates). سورلي جي سنڌگزيٽيئر ۾ 426 جنسون ڄاڻايون، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لڏي ايندڙ يا سانگي پکي آھن. سنڌ جي پکين جو تفصيلي بيان ھن مقالي جي دائري کان ٻاھر آھي. مختصر طور سنڌ ۾ ٽن قسمن جا ’پيڻ‘، 2 پيٽيئر (Cormorant)، 6 ٻگھ ۽ ڪانئرا، ھڪ لاکي ڄاڃي، 11 سانھ، 26 ھنجھ ۽ بدڪون، 17 سرڻيون، عقاب ۽ ڳجھون، 6 ڪونجون، 5 تتر ۽ ڀؤنتريا، 6 ٻاٽيڀڙ، 5 باز، ٽٽيھر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيھو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪٽو، ڪنگري، سانھڙو، چنڊول، سينڊ مارٽن (Sand Martin)، وھيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ (Shrike)، ٿريش (Thrush)، سينڊ پائپر (Sand Piper) وغيره قسم طور عام ملن ٿا.

ڏاڙھي واري ڳجھ کيرٿر جي مٿانھن پٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي 6 ٻاٽيڀڙ ملن ٿا، تن مان سواءِ ڳٽو (Largepin Tailed) ۽ امپريل (Imperial) جي سڀ مڪاني آھن. چڪور (Chukor) سنڌ جي مٿانھن پٽن جو تتر آھي. ھندستاني تلور جيڪا اڳ ٿر ۾ عام ھئي، سا ناياب آھي. ھوبارا تلور (Houbara Bustard) بہ ناياب ٿيندي وڃي. فلوريڪن (Florican) جا سن 1875ع تائين عام ھئي، سا بھ ناپيد آھي. سفيد ھنجھھ پڻ منڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بدڪ بہ سنڌ جي ڏکڻن اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو ھنجھ ۽ آڙي پڻ ٿورن حصن ۾ ملن ٿا.

بيڪل آڙي (Baikal of Cluckingteal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اچي ٿي. گولڊن آئي (Golden Eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳھين، اوڀر ناري ۽ منڇر ۾ ملن ٿا. ڀؤنتريو ھڪ موسمي پکي آھي، جيڪو حب ندي جي آسپاس رھي ٿو. باقي عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪچي جي علائقن ۾ رھي ٿو. ’مور‘ حيدرآباد ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ملي ٿو.

واديءَ مھراڻ ٻگھن، سانھھ، ڪانئرن، ڪينو، پيڻ، اگريٽس (Egrets) جي جنت آھي. ھنن جي آنن لاھڻ جون جايون تباه ٿي چڪيون آھن، ۽ ان سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي منتشر ٿي ويا آھن. صرف 15 قسمن مان 6 نظر اچن ٿا. اھي سڀ پکي ڌٻڻ وارن ٻوٽن ۾ ئي گذارو ڪن ٿا.[51]

رڙھندڙ جانور يا سرڻا

سرڻا سنڌ ۾ عام طور ملن ٿا. آبھوا جي موافق ھئڻ ڪري ڪيترا ئي قسم، خصوصًا سانڊا ملن ٿا. ڇو تھ اھي پيلياآرڪٽڪ تائين محدود آھن. واڳون جيڪي ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياءَ ۽ ڪن پراڻن ڦاٽن ۾ ھوندا ھئا، سي بہ کلن جي واپارين ڪري ناپيد آھن. ڌٻڻ وارا واڳون (Marsh crocodile) جيڪي ڪنھن وقت ۾ سنڌو درياءَ، ڍنڍن ۽ ڦاٽن ۾ ڏٺا ويندا ھئا، سي پڻ گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا آھن، سواءِ ھاليجي ڍنڍ جي.[52] سنڌ جي ڍنڍن ۽ تلائن ۾ مٺي پاڻي جي ڪڇئن (Turtle) جا چار نرم کلن وارا قسم ملن ٿا. اھي ۽ ساڳئي وقت سائي رنگ جي سامونڊي ڪُمين جا قسم پڻ اقتصادي حيثيت رکن ٿا. ڇاڪاڻ تہ ولايت ۾ کاڌي طور استعمال ۾ اچن ٿا ۽ سندن کلون ڳھن ۽ ھار سينگار جي بہ ڪم اچن ٿيون. سڪي جا ٻن قسمن جا ڪڇئون ۽ مٺي پاڻيءَ جا چئن قسمن جا ڪڇئون ملن ٿا.

سانڊن ۾ 11 قسم ڪرڙي (چچين) جا، ھڪيو بليفريس (Eublepharis) اٺ اگامڊس (Agamids)، ٻھ مانٽر (Monitors) يعني ڳوھون، پنج خاص قسم جا سانڊا ۽ ڏھھ اسڪنڪس (Skinks). سنڌ ۾ ڪوبھ شيميلان (Chameleon) ڪون ٿئي. ٿلھي پڇ واري ڪرڙي جو قصو دلچسپ آھي. اھا سنڌ جي خطرناڪ ”ھڻ کڻ“ آھي، جيتوڻيڪ اھا نقصانڪار ناھي. ’ڳوھن‘ جا ٽي قسم سنڌ ۾ ملن ٿا، جيڪي کلن جي واپارين جي ڪري ناياب ٿيندا وڃن. سنڌ ۾ ماڻھو انھن جي کلن مان طنبورا ۽ دھل ٺاھيندا آھن.[53] نانگن جي 43 قسمن مان 21 زھر کان خالي آھن. زھريلي قسمن ۾ چئن قسمن جا ڏند پويان وريل آھن ۽ باقي قسمن جا ڏند اڳيان وريل آھن، جن ۾ زھر ڀريل رھي ٿو. ڏند اڳيان وريل 18 قسمن مان 13 سامونڊي، 2 پِيَڻ، ھڪ واسينگ ۽ ٻھ کَپر آھن. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستاني پيڻ جا ٿر ۾ ملي ٿي، سا قابلِ ذڪر آھي. عام چوڻي مطابق اھا پيڻ رات جو سمھڻ مھل ماڻھو جي ڇاتيءَ تي چڙھي، سندس وات ۾ زھر وجھي ھلي ويندي آھي. اھو ماڻھو گلي ۾ سخت سور جي باعث صبح کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آھي. پيڻ خطرناڪ بلائن مان ھڪ آھي، جا ڏنگي ٿي. جيئن تھ زھر، انسان جي تنتي سرشتي تي اثر انداز ٿئي ٿو، ۽ ماڻھو جي ساه کڻڻ واري نليءَ کي نقصان ٿو رسائي، تنھنڪري ڏنگيل ماڻھو ساه جي گھٽ سبب مري وڃي ٿو. کپر جو زھر، دل ۽ رت تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ رت جي بيجا زبان (جسم جي اندران ۽ ٻاھران) ٿيڻ ڪري موت واقع ٿئي ٿو.[54]

مڇيون

سنڌ جو سامونڊي ڪنارو، جنھن تي مڇي مري ٿي، سو 120 ميل تائين پکڙيل آھي، جنھن ۾ ڪيتريون کاريون ۽ ڍوريون آھن. درياءَ جو ڇوڙ ڦرندو رھي ٿو. پراڻا واه جھڙوڪ پراڻي ڦليلي، گھارو ۽ بگھاڙ اڄ بھ موجود آھن. سال 1819ع واري زلزلي درياءَ جي ڇوڙ ۾ ڪافي ڦيرڦار آندي. ڊي (Day) 224 مڇين جا قسم ڄاڻايا آھن، جن مان 160 سامونڊي ۽ 64 مٺي پاڻي جون آھن. صوفي (1957ع) ڪينجھر ڍنڍ مان 33 قسمن جون مڇيون ظاھر ڪيون آھن، جن ۾ 14 قسم پسنديده غذا جي اھميت رکن ٿا. سامونڊي مڇين جي خاص قسمن ۾ ڀوريون ۽ ڪاريون پاپليٽ، سرمائي سالمان (Salmon)، سول (Sole)، سارڊين (Sardine) ۽ بمبئي ڊڪ (Bombay duck) مشھور آھن.[55] پلو جيتوڻيڪ سامونڊي آھي، پر آنن لاھڻ لاءِ سنڌو درياءَ جو رخ ڪري ٿو. ھن جي سمنڊ مان لڏپلاڻ فيبروري ۽ مارچ ڌاري ٿئي ٿي. اھا مڇي ذائقيدار ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گھڻا ڪنڊا ٿيندا آھن. پاڻيءَ جي قلت ۽ بئراجن جي ٺھڻ سان پلي جي افزائش تي تمام گھڻو اثر پيو آھي. ان لاءِ ڪو وقتائتو قدم کڻڻ گھرجي تھ جيئن ھن لذيذ مڇيءَ کي بچائي سگھجي.

سنڌ جي 64 ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ ملندڙ مڇين مان ڪُرڙو، موراکي، ٿيلھي، کڳو، سينگاري، ڄرڪو ۽ گندڻ تمام شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون. وڏيون ڍنڍون جھڙوڪ ڪينجھر، منڇر ھڏيرو ۽ ھاليجي، مڇين سان ڀرپور آھن. منڇر ڍنڍ جي گھٽجندڙ ايراضي افسوسناڪ آھي، ۽ ان لاءِ ڪو تڪڙو قدم کڻجي. ان جي سڪڻ ڪري پاڪستان ۾ پروٽين جو عظيم ذريعو ناپيد ٿي ويندو. ان سان گڏوگڏ اھي ڍنڍون، لکين لاڏائو پکين جو مندائتو گھر آھن.

(Amphibia) ڏيڏرن جا ٽي قسم آھن ۽ ان کان سواٰءِ ٽوڊ (Toad) جا ٻھ قسم سنڌ ۾ ملن ٿا. جانور، انسان ذات جي وايومنڊل جو ھڪ حصو آھن ۽ انسان وانگر ارتقا جو نتيجو آھ.[56]

سنڌ جي مردم نگاري (ڊيموگرافي)

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي مردم نگاري

آباديءَ جو مطالعو- مردم نگاري، (Demography )علم آبادي- آبادي اڀياس- مردم نگاري- ماڻهن جي آدمشماري جو اڀياس، جنهن ۾ هنڌ، گهاٽائي، عمر، پکيڙ، جنس، نسل، ڌنڌو ۽ ٻيا شمارياتي انگ اکر ڏنل هجن. [57]

مُک شهر

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جا شهر
مُک شهرن جي فهرست
درجو شهر ضعا آبادي


 
موهن جو دڙو

1 ڪراچي اوڀر ڪراچي
اولهه ڪراچي
ڏکڻ ڪراچي
مرڪزي ڪراچيl
ملير
ڪورنگي
14,910,352
2 حيدرآباد حيدرآباد 1,732,693
3 سکر سکر 1,400,000
ذريعو: پاڪستاني آدمشاري، 2017ع[58]
هن ۾ ضلعن جي صرف شهري آبادي ڏيکاريل آهي.

سنڌ جا ضلعا

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جا ضلعا
نقشو ترتيب ضعا صدر مقام ايراضي (ڪلوميٽر) آبادي 
(2017)
گھاٽائي 
(ماڻهو/ڪلوميٽر)
 


1 بدين بدين 6,470 1,804,516 279
2 ٿرپارڪر مٺي 19,808 1,649,661 83
3 ٽنڊو الهيار ٽنڊوالھيار 1,573 836,887 532
4 ٽنڊو محمد خان ٽنڊو محمد خان 1,814 677,228 373
5 ٺٽو ٺٽو 7,705 979,817 127
6 جيڪب آباد جيڪب آباد 2,771 1,006,297 363
7 ڄامشورو ڪوٽڙي 11,250 993,142 88
8 حيدر آباد حيدرآباد 1,022 2,201,079 2,155
9 خيرپور خيرپور 15,925 2,405,523 151
10 دادو دادو 8,034 1,550,266 193
11 سانگھڙ سانگھڙ 10,259 2,057,057 200
12 سجاول سجاول 8,699 781,967 90
13 سکر سکر 5,216 1,487,903 285
14 شڪارپور شڪارپور 2,577 1,231,481 478
15 شهيد بينظيرآباد نوابشاهه 4,618 1,612,847 349
16 عمر ڪوٽ عمرڪوٽ 5,503 1,073,146 195
17 قمبر شهدادڪوٽ قمبر 5,599 1,341,042 240
18 ڪراچي اوڀر ڪراچي 165 2,909,921 17,625
19 ڪراچي ڏکڻ ڪراچي 85 1,791,751 21,079
20 ڪراچي مرڪزي ڪراچي 62 2,972,639 48,336
21 ڪراچي اولهه ڪراچي 630 3,914,757 6,212
22 ڪشمور ڪنڌڪوٽ 2,551 1,089,169 427
23 ڪورنگي ڪورنگي 95 2,457,019 25,918
24 ڪياماڙي ڪياماڙي
25 گھوٽڪي ميرپور ماٿيلو 6,506 1,647,239 253
26 لاڙڪاڻو لاڙڪاڻو 1,906 1,524,391 800
27 مٽياري مٽياري 1,459 769,349 527
28 ملير ملير 2,635 2,008,901 762
29 ميرپور خاص ميرپور خاص 3,319 1,505,876 454
30 نوشهرو فيروز نوشهرو فيروز 2,027 1,612,373 369

سنڌيت

’سنڌيت‘ ايڏي ته وسعت واري آهي، جو ڪئين تهذيبون ۽ سڀيتا جا ڪئي نمونا جذب ڪندي ويئي. ايراني، يوناني، سٿين، هڻ، شاڪ، عربي، ترڪي وغيره ايتريقدر جو ويجهي وقت ۾ آيل ’اسلام‘به ٻين تهذيبن سان گڏجي، ڄڻ ’سنڌي تهذيب‘ سان ملي هڪ بنجي ويو. سنڌ جو اسلام، باقي دنيا جي اسلام کان نيارو ۽ صوفين ۽ سنتن جو پيارو آهي. ۽ اسلام جي اها تصوف مت، جا سنڌ ۾ پيدا ٿي، تنهنجو ويدانت سان وڏو سٻنڌ آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو ’اسلام‘ آهي؛ تصوف ۽ ويدانت جو سنگم، جنهن ۾ نه وير نه وروڌ، نه تعصب نه فساد. هندو چون اڏيرو لعل، ته مسلمان سڏين شيخ طاهر! هندو چون لالو جئسراج، ته مسلمان چون پير منگهوپير، جنهن جي زيارت اڄ به موجود آهي. ان لاله جئسراج عرف منگهي پير لاءِ اها روايت به موجود آهي ته ملتان وارو غوث بهاءالحق والدين جلال سرخ، لال شهباز قلندر ۽ منگهوپير، چارئي پاڻ ۾ ساٿياري هئا. سندن چوياري ’سيوهڻ‘ ۾ موجود آهي. ان طرح منگهي پير وٽ به چوياري جا نشان موجود آهن. بهرحال اها روايت تاريخي طور ڪيئن به هجي، پر ان مان اهو ته پتو پوي ٿو، ته هت هندن ۽ مسلمانن جا پيرن، صوفين ۽ سنتن سان هڪجهڙا وسطا هئا. ان طرح هندو چون ’راجا ڀرتري‘ ۽ مسلمانن وٽ ’لعل شهباز قلندر‘ مشهور معروف آهي. ان طرح ’ستين جي آسٿان‘ (روهڙي)، کي سڀ سنڌي، بنا ڪنهن فرق ڦير جي مڃيندا هئا. اهي آهن بنيادي ڳالهيون جن ’سنڌو سڀيتا‘ کي نيارا رنگ بخشيا آهن. صوفي طريقي جنم ڀلي ڪٿي به ورتو، پر زور سنڌ جي زمين تي پڪڙيائين. ۽ اتيئي ڪامل ٿيو، ڇا لاءِ ته اتي اڳيئي اهي عناصر ۽ اثر موجود هئا. شاهه ۽ سواميءَ کي هر فرد هڪ نگاهه سان ڏسڻ لڳو، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم به سنڌ ۾ آيا. پر پنهنجو نج سڪو نه ڄمائي سگهيا. انهن کي به ’سنڌيت‘ جي سگهه سوگهو ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جو هن ’ڀڳتي ڪال‘ ۾ ’سک پنٿ‘ به پنهنجو ’اڪالي روپ‘ سنڌ ۾ ڄمائي نه سگهيو. [44]

اسلام جو ڦهلاء

محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان بعد هتي اسلام جي پرچار شروع ٿي وئي. اسلامي حڪومت ۾ سنڌ واسين سان سهڻو ورتاء ڪيو ويو.. هندن کي پنهنجي مذهب مطابق هلڻ جي مڪمل آزادي هئي. ساڻن هر قسم جون رعايتون ڏنيون ويون. جنهن ڪري ماڻهو مسلمانن کان متاثر ٿيندي اسلام قبول ڪرڻ لڳا.

حضرت عمر بن عبدالعزيز پنهنجي عهد خلافت ۾ هندو سردارن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلي، جنهن تي ڪيترائي هندو راجا مسلمان ٿيا. انهن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ راجا جيسيه به شامل هو.[59]

سنڌ جا حصا

هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندوستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجسٿان سان. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي نصيرآباد ڊويزن کي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ايراضي گھٽبي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون زورن تي آهن. تازو ئي سنڌ جي نام نهاد بي اختيار وڏي وزير ارباب رحيم ڪراچيءَ جي 20 هزار ايڪڙ زمين پاڪستاني فوج جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڪستاني حڪومت سنڌ جا ٻه ٻيٽ دبئيءَ جي خانگي ڪمپني امار کي وڪڻي ڇڏيا آهن.

سنڌ جو آبپاشي نظام

سنڌ ۾ واهن جو پهريون معمار ميان نور محمد ڪلهوڙو هو، جنهن سنڌو نديءَ جي ساڄي توڙي کاٻي ڪنارن تي واهَن ذريعي آبپاشيءَ کي فروغ ڏنو. 1719ع کان وٺي سنڌ جي اترئين علائقي ۾ واهه کوٽائڻ شروع ڪيا. ”گھاڙ واهه“ جون ٽي مکيه شاخون آبپاشيءَ جي هن عظيم معمار جي ڪري وجود ۾ آيون. ”نورو واهه“ تي به اهو نالو هن جي پٺيان پيو ۽ ”شاهه جي ڪَڙِ“ وري هن جي نامياري وزير شاهه بهاري کوٽايو هو. هن چانڊڪي پرڳڻي ۾ ٻيا به ڪيترا واهه کوٽايا هئا. ميان نور محمد جي وقت ۾ ”ڏاتي جي ڪر“ پنهنجي وقت جي هڪ دولتمند شخص ڏاتي کهڙي کوٽايو هو. اتر سنڌ ۾ ”بيگاري واهه“ جي مکيه شاخ ”نور واهه“ به ڪلهوڙن جي دور ۾ کوٽائي ويئي هئي. نوشهري ڊويزن ۾ ”نصرت واهه“ به ميان نور محمد جي وقت ۾ نصرت خان چانڊئي کوٽايو هو. ”مراد واهه،“ ”باگ واهه“ ۽ ”فيروز واهه“ به هن جي ٽن خاص ۽ مشهور درٻارين مراد ڪلهوڙي باگي سيال ۽ فيروز ويراڙ کوٽايا هئا. نصرت واهه جنهن ۾ انهن ٽن واهن جون ڪي شاخون اچي ٿيون وڃن. هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي هڪ مکيه شاخ بنجي پيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪلهوڙن واهه کوٽائي سنڌ کي وڌيڪ آباد ۽ سرسبز ڪيو. هنن جا ٻيا به ڪيترا واهه کوٽايل مشهور آهن. انهن ۾ وڌيڪ مشهور حيدرآباد ضلعي جو سرفراز واهه آهي، جيڪو ڪلهوڙي حاڪم ميان سرفراز خان کوٽايو هو. ڪلهوڙا حاڪم واهن جي کوٽائي مرمت ۽ صفائيءَ تي تمام گهڻو خرچ ڪندا هئا جو سنڌ جي خوشحالي ۽ سرڪاري ڍلن جي جلد ۽ وقتائتي وصولي جو دارومدار آبپاشيءَ تي سمجهندا هئا. ان ڪري واهن ڏي تمام گهڻو ڌيان ڏيندا هئا، جنهن ڪري سندن دور جو خزانو ڀريل هوندو هو.[60]

بلوچستان قديم سنڌ جو حصو

تاريخي ثبوتن تي غور ڪيون ته خبر پوي ٿي ته بلوچستان جا اصل ۽ قديم رهاڪو سنڌي آهن. بلوچ ته خود بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ ٻاهران آيا آهن. بلوچن جي چوٿين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ اچڻ بابت ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو هو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت گهڻي انگ ۾ رهندا هئا. (ڪتاب سماٽ ص نمبر 31)

مير رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: تاريخ ٽالپرن جي بيان ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي معلوم هئڻ کپي ته سنڌ ماٿري ۾ جيڪي بلوچن جي وجود کي ٽالپرن جي دور کان تسليم ڪن ٿا اهو تصور غلط آهي. بلوچستان دراصل سنڌ جو حصو آهي. (ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 579)

ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: بلوچستان ۽ خراسان ٻئي اقليم سنڌ جا صوبا آهن. (ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع)

احمد يار بلوچ لکي ٿو ته: بلوچستان ۾ بلوچن جي آمد مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحليوار ٿي، قديم مسڪن ”حلب“ وشام مان هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو. (ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص نمبر 38)

صادق علي بلوچ لکي ٿو ته: زابلستان بلوچن جو قديم وطن آهي. (تاريخ بلوچان هند ص نمبر 40) موسيٰ خان جلال زئي لکي ٿو ته: تاريخ بلوچستان مان هي ڳالهه واضح ٿي ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران جي طرف مهاجر ٿي ته ان وقت انهن جو سردار جلال خان هو (تاريخ بلوچستان ص نمبر 16)

پيڪولين لکي ٿو ته: اڪثر بلوچ پنهنجو پاڻ کي عربن جو اولاد سمجهن ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو پهريون وطن چون ٿا. انهي طرح سان حلب بلوچن جو پيدائشي وطن آهي. (ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري)

ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته: هي قوم قديم دور ۾ عربستان ۾ ڪربلا، دجله، فرات جي گودي ۽ حلب جي مرغزارن ۾ ۽ ايراني سرحد سان گڏوگڏ آباد هئي. (ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48)

ڪامران اعظم اڳيان لکي ٿو: هڪ روايت مطابق جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان ۾ آيا ته 44 فرقا هئا پر سڀ کان وڏو سردار اعلمش رومي هو (ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55)

مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ته بلوچستان قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. موجوده بلوچستان اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”مهر ڳڙهه جي تهذيب“ به اسان سنڌين جي آهي جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪون هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن. بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي.

پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا ڪافي علائقا ڪٽي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا.[61][62][63][64][65][66][67][68]

سنڌ بابت محققن ۽ مورخن جي راءِ

سنڌ جي سرزمين، علم، فن ۽ ٻين علمن جو پراڻي زماني کان سر چشمو رھي آھي. ھتي جا عالم ۽ فقيھه عالمي شھرت جا مالڪ رھيا آھن، جن جي علمي عظمت جو ڌاڪو ڏوران ڏيهه مشهور هوندو هئو. جنھن جي مڃتا، مشھور محققن ۽ مؤرخن به ڏني آهي. ابن صبعيه (Abu Sabeeya) لکي ٿو ته ”سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود آھي. اهو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”يونان ۾ اھو سڄو ذخيرو سنڌ مان ويو.“ ابو معشر (Abu Muishir) لکي ٿو ته- ”سنڌ جي علم ۽ فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کانسواءِ سڄي دنيا جي قومن کان وڌيڪ، سنڌين جي علم ڏانھن رغبت کي، دنيا جي سڀني قومن مڃيو آھي.“ اخبار الحڪماءِ ۾ آيل آھي ته ”دنيا جي سڀني قومن ۾، سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آھي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پھريون مرڪز آھي، اسان جي ملڪ کان پَري ھئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب، اسان جي عالمن تائين گھٽ پھتا آھن، پر پوءِ به اسان وٽ جيڪو ڪجهه به آھي اھو تمام گھڻو آھي“ حضرت علي رضه فرمايو آھي ته ”سنڌ جي سرزمين اُھا علم ۽ برڪت واري زمين آھي، جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀريو“.[69][70] پر افسوس جو پرتگالين سنڌ تي ڪاهه کانپوء مکليء ۽ ٺٽي ۾ سوين لائبرئرين (ڪتب خانن) ۽ يونيورسٽين (مدرسن) کي ساڙي ڇڏيو هو.

وڌيڪ ڏسو

خارجي ڳنڍڻا


سانچو:سنڌ سانچو:پاڪستان جا صوبا سانچو:باب السلام

حوالا

  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  2. "Provincial Assembly Seats". 
  3. "Government of Sindh". 
  4. Staff reporter (9 March 2014). "Sindh must exploit potential for fruit production". The Nation. The Nation, 2014. http://nation.com.pk/business/09-Mar-2014/sindh-must-exploit-potential-for-fruit-production. Retrieved 29 May 2015. 
  5. Markhand, PhD, Ghulam Sarwar; Saud, Adila A. "Dates in Sindh". SALU Press. حاصل ڪيل 29 May 2015. 
  6. Editorial (3 September 2007). "How to grow Bananas". Dawn News,. Dawn News, 2007. http://www.dawn.com/news/264225/how-to-grow-bananas. Retrieved 29 May 2015. 
  7. Tharparkar District Official Website – District Profile – Demography آرڪائيو ڪيا ويا March 21, 2012, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  8. KHALIDI, OMAR (1998-01-01). "FROM TORRENT TO TRICKLE: INDIAN MUSLIM MIGRATION TO PAKISTAN, 1947—97". Islamic Studies 37 (3): 339–352. 
  9. Minahan, James (2002). Encyclopedia of the Stateless Nations: Ethnic and National Groups Around the World. 3. Greenwood. pp. 1277–78. ISBN 978-0-313-32111-5. 
  10. "Properties inscribed on the World Heritage List (Pakistan)". UNESCO. UNESCO. حاصل ڪيل 14 July 2016. 
  11. Phiroze Vasunia 20136.
  12. ڪتاب: قديم سنڌ از ڀيرومل مهرچند آڏواڻي؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  13. Choudhary Rahmat Ali (28 January 1933). Now or Never. Are we to live or perish forever?. http://en.wikisource.org/wiki/Now_or_Never;_Are_We_to_Live_or_Perish_Forever?. 
  14. S. M. Ikram (1 January 1995). Indian Muslims and partition of India. Atlantic Publishers & Dist. pp. 177–. ISBN 978-81-7156-374-6. https://books.google.com/books?id=7q9EubOYZmwC&pg=PA177. Retrieved 23 December 2011. 
  15. {ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر، ”سنڌ، هندستان جو دروازو ۽ ان جي ادبي قدامت“ (مضمون)، ٽماهي ”مهراڻ“، جلد 11، نمبر- 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1962ع، ص. 125}
  16. {williams, monier, sir, "a sanskrit dictionary", oxford, 1956, p. 1217.}
  17. {) Thornton, edward, op. cit. p. 199}
  18. {williams, monier, sir, "a sanskrit dictionary", oxford, 1956, p. 1217.}
  19. {ڪننگهام اليگزنڊر، ”سنڌ- هند جي قديم جاگرافي“، سنڌي ترجمو: عطامحمد ڀنڀرو، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع، ص. 266.}
  20. {آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1980ع، ص.46}
  21. {الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، نئون ڇاپو 2004ع، ص. 127.}
  22. {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  23. {ميمڻ سراج، ”سنڌي ٻولي“، حيدرآباد، سنڌ لئنگويج اٿارٽي، ٻيو ڇاپو 2009ع، ص. 63، 64.}
  24. {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  25. {سولنگي، محمد عرس ’اظهر‘، ”دادو ضلعو- هڪ اڀياس“ واڌارا، سڌارا، تصحيح ۽ مقدمو: دين محمد ڪلهوڙو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع، ص ٽ.}
  26. {Bryant, edwin and francis bryant, Edwin, "the quest for the origin of vedic-culture, the indo- Aryan migration debate", Newyork, Oxford university press, 2001, p. 320}
  27. {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  28. {نذير شاڪر بروهي جو لکيل مضمون"”سنڌ“ نالي جو بنياد (تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)", مھراڻ رسالو سال 2017 ،شمارو 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  29. "Archaeological Ruins at Moanjodaro". The United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization (UNESCO) website. حاصل ڪيل September 6, 2014. 
  30. Suhail Zaheer Lari, An Illustrated History of Sindh (1994, Karachi) p. 16, 17
  31. Edwin Bryant (2001). The Quest for the Origins of Vedic Culture. pp. 159–60.
  32. Derryl N. MacLean (1989)، Religion and Society in Arab Sind, ص.63
  33. 33.0 33.1 33.2 33.3 33.4 33.5 [ ڪتاب: سنڌ گهمندڙ سيلاني، سنڌي ادبي بورڊ]
  34. which began about 127 CE. "Falk 2001, pp. 121–136", Falk (2001), pp. 121–136, Falk, Harry (2004), ص. 167–176 and Hill (2009), ص. 29, 33, 368–371.
  35. John Beames (1970). A comparative grammar of the modern Aryan languages of India: to wit, Hindi, Panjabi, Sindhi, Gujarati, Marathi, Oriya and Bengali. Munshiram Manoharlal. https://books.google.com/books?id=wIddAAAAIAAJ. Retrieved 22 March 2011. 
  36. Nicholas F. Gier, FROM MONGOLS TO MUGHALS: RELIGIOUS VIOLENCE IN INDIA 9TH-18TH CENTURIES, presented at the Pacific Northwest Regional Meeting American Academy of Religion, Gonzaga University, May 2006 [1]. Retrieved 11 December 2006.
  37. Naik, C.D. (2010). Buddhism and Dalits: Social Philosophy and Traditions. Delhi: Kalpaz Publications. p. 32. ISBN 978-81-7835-792-8. 
  38. Seidensticker, Tilman. "Abū ʿAṭāʾ al-Sindī – Brill Reference". Referenceworks.brillonline.com. حاصل ڪيل 2012-08-03. 
  39. A Hundred Horizons: The Indian Ocean in the Age of Global Empire – Sugata Bose – Google Books. Books.google.com.pk. 2004-12-26. https://books.google.com.pk/books?id=BPpZJDc6LIMC&pg=PA198&dq=nizami+on+sind&hl=en&sa=X&ei=PSIoT7mtCMaBOqa47ckC&ved=0CFUQ6AEwBg#v=onepage&q=nizami%20on%20sind&f=false. Retrieved 2012-08-03. 
  40. "Topics". MuslimHeritage.com. وقت 2012-10-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2012-08-03. 
  41. "Data" (PDF). www.uok.edu.pk. 
  42. Siddiqui, Habibullah. "The Soomras of Sindh: their origin, main characteristics and rule – an overview (general survey) (1025 – 1351 AD)". Literary Conference on Soomra Period in Sindh. http://www.uok.edu.pk/faculties/sindhi/docs/soomroEng.pdf. 
  43. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
  44. 44.0 44.1 منو تولارام گدواڻي--سنڌيت؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  45. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  46. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  47. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  48. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  49. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  50. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  51. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  52. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  53. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  54. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  55. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  56. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  57. Demography | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون
  58. "Pakistan Bureau of Statistics - 6th Population and Housing Census". www.pbscensus.gov.pk. 
  59. جنت السنڌ
  60. سنڌ جا قديم سڪا سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جا سڪا (قسط 2) -- عبداللہ ورياهه؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  61. گريٽر بلوچستان ۽ تاريخي حقيقتون! | Affair - افيئر, وقت 2020-10-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-12-17 
  62. ڪتاب سماٽ ص نمبر 31
  63. ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ صفحو نمبر 579
  64. ٽماهي مهراڻ اپريل - سيپٽمبر 1961ع
  65. ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ صفحو نمبر 38
  66. تاريخ بلوچان هند صفحو نمبر 40
  67. تاريخ بلوچستان صفحو نمبر 16
  68. ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري
  69. مولانا گرامي صاحب سه ماھي مھراڻ 2- 1975 ص نمبر 210
  70. ڪتاب؛ سنڌ جي عالمن جا سونھري ڪارناما، ليکڪ؛ دادا سنڌي