چندر گپت موريا

موريا شهنشاهه

چندر گپت موريا (Chandragupta Maurya؛ حڪومتي دؤر: 321 ق.م کان 297 ق.م. تائين) قديم ھندوستان ۾ موريا گھراڻي جي سلطنت جو باني ھيو،[4] جنھن ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڏي سلطنت قائم ڪئي. ھن جو مکيہ وزير چاڻڪيا ھو جنھن کي ڪوٽليا (Kautilya) پڻ سڏيندا آهن. ھن پنھنجي دؤر م وڏا سياسي ۽ معاشي سڌارا آندا.

چندر گپت موريا
چندر گپت جي مورتي
دھلي جي لڪشمي نارائڻ مندر ۾ چندرگپت موريا جي جديد مورتي
موريا گھراڻي جو پھريون بادشاھ
ت. 321 – c. 297 BCE[1]
پيشرو ڌان نند
جانشين بندوسر (پٽ)
جيون ساٿي درڌار
نسل بندوسر
ماءُ مورا [2]
لاڏاڻو 297 BCE[1]
مذھب جين مذھب[3]

يوناني مؤرخن يوناني ٻوليءَ ۾ ھن جو نالو سينڊروڪوپٽوس (انگريزي: Sandrokoptos) اچاريو , ٻين رومي يونانين کيس سينڊروڪوٽس سڏيو،[5] لاطيني ٻولي م کيس اينڊروڪوٽس (انگريزي: Androcottus') سڏيو.[6][7] سنسڪرت م شري چندر، پائدمسن ۽ وريشال سڏيو ويو.[5]

خاندان

سنواريو

ھن جو خاندان کتري ذات جي شاخ ھيو ۽ ٻڌن جي روايت مطابق گوتم ٻڌ جي خانداني پاڙي شاڪيا مان ھيو.[8] موجودہ اوڌ جي پاسي جي شھر ڪوسالا جي بادشاھ ويروڌاڪ ھن جي خاندان وارن کي پنھنجي علائقي مان نڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو اھڙي طرح چندر گپت جا وڏا مورن واري علائقي م وڃي رھيا. پالي ٻولي م مورن کي مورا چون ٿا اھڙي طرح ھن جي خاندان تي موريا جو نالو پئجي ويو يعني مورن جي سرزمين جا رھاڪو. ان خاندان جي حاڪميت جو صدر مقام شھر موريا نگر سڏجڻ لڳو. جين مذھب وارن جي روايت مطابق چندرگپت جي ماء جو نالو پاريششتاپروان يا اسٿاوراوليچرترا ھيو جيڪا شاھي مورن جي پاليندڙ برادري جي سردار جي نياڻي ھئي.[9] پراڻن ۾ موريا وري شودر ظاھر ڪيل آھن.[10] چندر گپت جي نالي وريشال جي معنيَ آھي شودر جو پٽ. ان نالي جي بنياد تي بہ ڪجهه ليکڪن موريا خاندان کي شودرن سان منسوب ڪيو آهي. ارڙھين صدي ۾ مدرارڪشاسا تي تبصرو ڪندڙ ڍنڊيراج مطابق چندرگپت جي پيءُ جو نالو مورہا ۽ سندس ڏاڏو سراواٿ سڌي ھيو ۽ ڏاڏي راڻي مورا ھئي جيڪا وريشال جي ڌيءَ ھئي جيڪو شودر ھيو. اھڙي طرح چندرگپت جي پيءُ جا ناناڻا شودر ھيا. نندا نالي نو بادشاھ پڻ سراواٿ سڌي جا پٽ ھيا پر اھي کتري ذات جي وڏي راڻي سنندا مان ھيا.[11] سراواٿ سڌي بادشاھي فوج کي سنڀالڻ لاء پنھنجي پٽ موريا جي چونڊ ڪئي پر نند ڀائرن موريا۽ ان جي چندر کان سواءِ سمورن پٽن کي ماري ڇڏيو. چندر گپت ڀڄي جان بچائي ء پوء نند ڀائرن جو ويري ٿيو.[12]

ايڇ ٽي لئمبرڪ مطابق

سنواريو

چندر گپت موريه گنگا نديءَ تي قائم ٿيل مگڌ بادشاهيءَ جي نند راجا جو جنرل هو، ۽ هن پنهنجي آقا جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. سندس اها ڪوشش ناڪام ثابت ٿي، انهيءَ هنڌ، معلوم ٿئي ٿو ته هن جي ملاقات سڪندر سان ٿي، جنهن هن کان علاوه پورس ۽ فيگيلاس کان پڻ اڀرندي پاسي وارن ملڪن بابت معلومات حاصل ڪئي. هن کي ٻڌايو ويو ته ان پاسي جي پراسائي ۽ گانگردائي علائقن جو حاڪم هڪ بيڪار غاصب هو، جنهن پنهنجي حقي اصلوڪي حڪمران کي، ان جي بداخلاق راڻيءَ جي مرضيءَ سان، قتل ڪري، هُن جي تخت تي قبضو ڪيو هو. راجا چيو ته اهڙي غاصب کي آسانيءَ سان شڪست ڏيئي سگهبي، جو سندس رعيت هن کان متنفر هئي.[13] ٿي سگهي ٿو ته سڪندر بياس نديءَ جي ڪپ تي لڳايل پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ پنهنجي لشڪر کان گنگا نديءَ جي هيٺانهين علائقي جي مهم بابت جيڪو دل کي خوش ڪندڙ بيان ڏنو هو، سو راجا جي ٻڌايل هنن ڳالهين کان متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هجي.[14]

ڀانئجي ٿو ته چندرگپت، ڪجهه سالن کان پوءِ، گهڻو ڪري پورس سان ايڪو ڪري، نند راجا کي شڪست ڏيئي، هن جي بادشاهيءَ تي قبضو ڪري ويهي رهيو هو. ”مُدرا زڪشاسا“ نالي هڪ ڊرامي ۾ ان ڳالهه جو جيڪو بيان ڪيل آهي، تنهن موجب چندرگپت کي هشُي ڏيندڙ، چانڪيه، هن جي مکيه اتحاديءَ، پرواتڪا، کي قتل ڪيو هو، جيڪو پنجاب جي نيم پهاڙي علائقي جو حڪمران هو.[15] گمان غالب آهي ته اهو پرواتڪا خود پورس هو؛ پر يوناني بيان ۾ چيو ويو آهي ته پورس کي يُوڊامَس دغا ڪري قتل ڪيو هو، جنهن کي سڪندر، پورس سان گڏ، ڏکڻ پنجاب جو وائيسراءِ مقرر ڪيو هو. يُوڊامسَ جو نالو، بهرحال شهنشاهت جي بابل واريءَ نئين تنظيم توڙي بعد ۾ تري پاراد يِسَسِ واري ورهاڱي وقت ڪٿي به ڪنهن بيان ۾ نظر نه ٿو اچي، پر ائين پيو نظر اچي ته هو به اتر هندستان ۾ متعين ڪيل قابض فوج جو ڪمانڊر رهندو آيو.[14] سال 321 ق.م. تائين، پيٿان ڏاکڻي علائقي جو حاڪم ۽ اتان جو پاڻ فوجي اعليٰ ڪمانڊر رهندو آيو.[16] پر تري پاراد يِسَسِ واريءَ نئين تنظيم هيٺ، هن کي گنڌارا جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو شهر جيئن ته فِليپَس جي صوبي جو هڪ حصو ٿي رهيو هو، ان ڪري اهو عارضي طور ٽئڪسلا واري راجا جي ماتحت رکيو ويو هو، جيڪو پنهنجي اصلوڪيءَ بادشاهيءَ تي برقرار رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته مگڌ جي خلاف مهم ۾ پورس ۽ چندرگپت سان گڏ يوڊيمَس پڻ حصو ورتو هجي ۽ شايد نند کي جزوي طور يورپي لوڪن جي هٿان شڪست ملي هجي، جن ڀاڙيتو فوجين جي حيثيت ۾ حملي ۾ شرڪت ڪئي هجي. جيڪڏهن ائين هو، ته پوءِ جيڪي واقعا بعد ۾ پيش آيا، سي شايد مال غنيمت جي ورڇ تي اختلافن جو نتيجو هئا.[14] يوڊيمس جي هٿان، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، پورس قتل ٿي ويو؛ ان کان پوءِ سندس جنگي هاٿين تي قبضو ڪري، جيڪي به فوجون هٿ ڪري سگهيو، انهن کي ساڻ کڻي، يوڊيمس انهيءَ جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، جيڪا "اڀرندي وارن صوبن" جا ماتحت حڪمران گڏجي، پنهنجي ساٿيءَ، ميديا جي حاڪم، خلاف وڙهي رهيا هئا، جنهن شهنشاهیت جي مرڪزي نظام کان بغاوت ڪري، پنهنجي خود مختاريءَ جي دعوا ڪئي هئي. يوڊيمس، جنگ جي ميدان ڏانهن ويندي، پيٿان جي صوبي گنڌارا مان لنگهيو، ۽ هو ٻيئي ضرور هڪ ٻئي سان گڏيا هوندا. ان کان جلد ئي پوءِ پيٿان به ايران ۾ هلندڙ جنگ ۾ حصي وٺڻ لاءِ پنهنجي رياست جي حڪمرانيءَ جون واڳون ڦٽيون ڪري، هليو ويو. هن جي پٺيان ڪي به سندس جانشين مقرر نه ڪيا ويا، هندستان ۾ شهنشاهت جي هنن حالتن کي ڏسندي، هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مقدونين لاءِ اتي وڌيڪ وقت پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ ناممڪن نه، ته بيحد ڏکيو ضرور نظر آيو هوندو.[14] هو اڃا سلطنت جي جانشينيءَ جي مسئلي کي ئي حل ڪري نه سگهيا هئا ۽ ان مسئلي تي پنهنجين خانه جنگين ۾ ئي پورا هئا. يوناني ۽ مقدوني نو آبادڪارن منجهان ڪي وري به اتر اولهه هندستان خصوصاً نيڪايا ۽ بيوسيفَالا نالي شهرن ۾، ان وقت رهيا پيا هئا، جڏهن چندرگپت قدم وڌائي، پنهنجا اختيار سنڌو ماٿريءَ تائين قائم ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته انهن هن جو ڪجهه مقابلو ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه تحرير ۾ آيل آهي ته انهن جا ڪيترا عملدار چندرگپت جي هٿان مارجي ويا هئا. [17][14]

جينن مذھب وارن جي ھڪ روايت مطابق "آخر ۾ ھن پنھنجي بادشاھي ڇڏي جين مذھب جو ٻائو (monk) ٿيو ھو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين روزو رکي ڪرناٽڪا ۾ فوت ٿي ويو". ان روايت جي بنياد تي اھو خيال بہ آھي تہ جيڪڏهن اھا روايت صحيح آهي ته پوء ھن پنھنجي زندگي جي پوئين دؤر م متان دکن فتح ڪيو ھجي. ھن سڄي ايمپائر ۾ روڊ رستا، مندر، آبپاشي جو نظام جوڙايو ۽ کاڻيون کوٽائيون ۽ معاشي نظام کي مستحڪم بڻايو. ھن جي دؤر ۾ مختلف مذھبن کي فروغ مليو جن م ٻڌ مذھب، جين مذھب، اجويڪ، ۽ برھمڻن جا مذھب شامل آهن[18].

  1. 1.0 1.1 Singh 2016331.
  2. Singh 2016330.
  3. Mookerji 196640–41.
  4. "چندر گپت موريا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  5. 5.0 5.1 Raychaudhuri 1988139.
  6. Thapar 2004177.
  7. Arora, U. P. (1991). "The Indika of Megasthenes — an Appraisal". Annals of the Bhandarkar Oriental Research Institute 72/73 (1/4): 307–329. 
  8. Mookerji 196613.
  9. Mookerji 196614.
  10. Mani 200577.
  11. Mookerji 196611-12.
  12. Mookerji 196612.
  13. پلو ٽارچ ”لائيوز“، ترجمو لينگ هارن، 1875ع جو ڇاپو، ص 750. ڪرٽيئس، IX. 2؛ ڊيئوڊورس، XCIII.
  14. 14.0 14.1 14.2 14.3 14.4 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  15. ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج I، صفحا 2-1 47.
  16. ڊيئوڊورس، XIX، 8014. سي.ايف. ٽارن، ”اليگزينڊر“، II، ص 310.
  17. جسٽن، ”هسٽوريئو فلپيڪائي“ XV- 4.
حوالي جي چڪ: <ref> tag with name "FOOTNOTEObeyesekere1980137–139 with footnote 3" defined in <references> is not used in prior text.