ابو ريحان محمد ابن احمد البيروني(انگريزي: Abu Rehan Muhammad Ibne Ahmed Al Beruni ) سائنس جيڪو دنيا ۾ مختصر نالي البيروني(انگريزي: Al Beruni) سان مشهور آهي، روسي ترڪستان جي مشهور شهر ”خوارزم“ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بيرون“ ۾ تاريخ 366هه مطابق 976 ۾ ڄائو[3]. ان وقت خوارزم جي رياست تي سندس وڏن، احمد بن محمد بن عراق جي حڪمراني هئي[3].سندس مادري زبان خوارزمي ٻولي ھئي[4].

ابو ريحان البيروني
1973 ۾ سوويت يونين ۾ البيروني جي خيالي تصوير سان جاري ڪيل پوسٽ جي ٽڪلي
پيدائش5 سيپٽمبر 973ع
ڪاث, خوارزم, افريغيان خاندان (موجوده ازبڪستان)
وفاتc. 1050 (77 سال)
غزني, غزنوي ايمپائر (موجوده افغانستان)
رھائشخوارزم، وچ ايشيا


زياريان خاندان (ري)[1]

غزنوي (غزني)[2]
تعليمي پسمنظر
متاثر ڪندڙارسطو, بطليموس, آريا ڀٽ, برھما گپتا, ابو حنيفه دينوري, الرازي, ابو سعيد السجزي, حڪيم اہرانشھري, ابو ناصر منصور, ابوعلي سينا, البتاني, التميمي
علمي خدمتون
دوراسلام جو سونھري دؤر
مُکيه دلچسپيعلم ارضيات, علم طبعيات, علم الانسان, تقابلي سماجيات, علم فلڪيات, علم نجوم, علم ڪيميا, تاريخ, جاگرافي, علم رياضي, طب, نفسيات, اسلامي فلسفو, اسلاميات
مُکيه ڪمڪتاب الآثار الباقيه عن القرون الخاليه (گذريل صدين جا باقي آثار), جواھر , ڪتاب الھند , قانون المسعودي , علم النجوم
متاثر شخصيتونابو سعيد السجزي، ابو علي سينا،عمر خيام، الخازني، زڪريا القزويني، مراغه رصدخانو، اسلامي سائنس، اسلامي فلسفو

نالي جي معنيسنواريو

لفظ ”ابو ريحان“ جي لغوي معنا آهي: ”نازبوءِ جو پيءُ“[3]. البيرون فارسي ٻوليءَ ۾ ٻاھرين ضلعي کي چوندا آهن.

ننڍپڻ ۽ تعليمسنواريو

هي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين هو. هي اهو دور هو، جڏهن خوارزم جي علمي ۽ تمدني ترقي اوج تي پهتل هئي ۽ هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عالمن جو وڏو انگ هر وقت علم ڏيڻ ۽ پرائيڻ ۾ رڌل رهندو هئو. ابو ريحان به پنهنجي زندگيءَ جو شروعاتي دور ڳوٺ ۾ ابو نصر منصور بن عليءَ جي صحبت ۾ گذاريو. جنهن وٽان رياضي، مساحت ۽ هندسه (انگن) وغيره جي علمن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪيائين. گهڻو ڪري پنهنجن ڪلاسين کان فڪر ۽ فلسفي ۾ گوءِ کڻي ويندو هو[3].ھن خوارزم ۾ زندگي جا پھريان پنجويھ سال فقه، دينيات، گرامر، علم رياضي، علم فلڪيات، طب، فلسفي ۽ طبعيات ۽ ٻين سائنسن جي تعليم حاصل ڪئي[5].

سياحتسنواريو

البيروني جڏهن پاڻ ڀرو ٿيو، ته دنيا جي سير ۽ سياحت جو شوق جاڳيس، جنهن ڪري ديس ڇڏي پرديس ڏانهن پنڌ پيو. دنيا جو ڳچ حصو گهميو ۽ آخر هندستان پهتو. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦرندو رهيو[3]. سنڌ ۽ پنجاب ۾ به ڪجهه وقت رهيو[3]. بنارس ۾ مشهور ساڌن ۽ پنڊتن جي صحبت مليس. کانئن سنسڪرت ۽ هندي ٻوليون سکيو ۽ قديم سنڌ جي حدن، مثلاً ملتان جي ايراضيءَ ۾ پهتو ۽ مقامي تهذيب، ويدانيت ۽ فلسفي جو ڳوڙهو اڀياس ڪيائين[3]. ان کان سواءِ سرياني، عربي، فارسي ۽ يوناني ٻولي جي ڀلي ڀت ڄاڻ حاصل ڪيائين[3]. هندستان جي سفر جي باري ۾ ”ڪتاب الهند“ نالي هڪ اهم ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن بابت تفصيلي ۽ معلوماتي احوال ڏنائين[3]. هن قديم سناتن ڌرم جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”هندو موحد آهن، هندو ڌرم جي بنيادي تعليم ۾ بت پرستيءَ جي سکيا ڪا نه ٿي ڏني وڃي[3]. هندو سڌريل، ايماندار ۽ علم وارا آهن، جن جي فلسفي مان يونان، مصر ۽ عرب جي عالمن تمام گهرو اثر ورتو[3].“ اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس: ”هتي جي ٻولي بلڪل نرالي رنگ ۽ ڍنگ جي آهي[3].“ هن ڪتاب ۾ ان وقت سنڌ ۾ لاڳو ڏينهن، مهينن، پسار جي شين ۽ عام شين جا مشهور ۽ لاڳو نالا به ڏنا آهن، جيڪي خاص طرح سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهن. انهن مان سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ لغوي وسعت جو بخوبي ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو[3]. هن سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي ڪئلينڊر جو به پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مارچ مهيني ۾ شروع ٿئي ٿو[3].لاڳيتن سفرن جي مشڪلاتن، سندس ذهن ۽ خيالن کي ڪافي متاثر ڪيو. پاڻ سمورين تڪليفن کي درگذر ڪندو ۽ مصيبتون سهندو، ايران کان اچي نڪتو. ايران ۾ ”ري“ شهر ۾ ڳچ عرصو رهي وري ڪنهن ٻيءَ منزل جو ڳولائو ٿيو[3].

محمود غزنوي جي درٻار ۾سنواريو

جڏهن سلطان محمود جرجان فتح ڪيو، ته البيرونيءَ کي به ساڻ غزنيءَ پاڻ سان وٺي آيو ۽ پنهنجي خاص درٻارين ۾ رهايائينس[3]. ترڪ نسل جو سلطان محمود غزنوي جو 998ع کان 1030ع تائين حاڪم رھيو. ان 1017ع ۾ خوارزم فتح ڪيو جيڪو ھن وقت ازبڪستان جو شھر خيو سڏجي ٿو[6]. فتح بعد ان البيروني کي افغانستان ۾ پنھنجي درٻار جو نجومي[7] ۽ فلڪياتي ماھر طور شامل ڪيو[6]. 1022 کان 1030 جي وچ ۾ ھي سلطان محمود سان اتر انڊيا تي ڪيل حملن دوران ساڻس گڏ رھيو ۽ ان سفرن کيس ڏجن سالن تائين ھندو مذھب ۽ فلسفي کي سمجھڻ جو موقعو فراھم ڪيو. ھن برھمڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انھن جي مقدس ٻولي سنسڪرت سکيو[6][8]. ھن جي انھن ڪاوشن جو نتيجو ڪتاب الھند جھڙي بي مثال شاھڪار جي صورت ۾ ٿيو جيڪو ھن 1031 ۾ غزني ۾ پھچڻ بعد مڪمل ڪيو[6].

عالمن جي صحبت ۽ علمي ڪاوشونسنواريو

ابو ريحان کي پنهنجي دور جي مشهور عالمن کان فيض حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهنڪري لاڳيتو تعليم ۽ تحقيق هن کي ، هڪ ممتاز ۽ ناليواري حيثيت جو مالڪ بڻائي ڇڏيو[3]. سندس لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 150 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن جي ٿولهه ويهه هزار صفحن کان وڌيڪ آهي[3]. رياضي (انگي حساب)، مناظر ارض، نجوم، هيئت، مناظر، ارض، جواهر شناسي (ڪيميا)، آثار قديمه، تاريخ ۽ تمدن، مذهب، قانون، جاگرافي ۽ فلسفو وغيره سندس دل وٽان موضوع هئا[3]. علمي اعتبار کان هندستان جا عالم کيس ”وديا ساگر“ (علم جو سمنڊ) سڏيندا هئا. سندس مشهور تصنيفن ۾: ”الاثار الباقية“ ۽ ”قانون المسعودي“ شمار ٿين ٿا[3]. البيرونيءَ جي رياضي، هيئت ۽ نجوم جي علمن ۾ گهري دلچسپي رهي. ساڳئي وقت سائنس جي ميدان ۾ سندس شمار عظيم مسلمان سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو، جن جي عظمت ۽ تدبر جو احاطو عالم انسانيت تائين پکڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس علمي ڪارناما رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندا[3]. سندس شخصيت پنهنجي جامعيت ۽ هم گيريءَ جي اعتبار کان افضل هئي. اسلام جو پوئلڳ ۽ مستقل ارادي رکڻ سبب پنهنجن ڪتابن ۾ ڪڏهن به هندو يا عيسائي مذهبن تي ڪنهن به قسم جي تنقيد نه ڪيائين[3]. علم هيئت جي باري ۾ کيس وڏي استادي مليل هئي، جنهنڪري صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. انهيءَ لحاظ کان کيس ”جادوگر“ سڏيندا هئا[3]. علم نجوم جي ڄاڻ بابت به سندس اڳڪٿيون بلڪل سچيون ثابت ٿيون. سلطان محمود غزنويءَ کي ”نجوم“ تي اعتبار نه هوندو هو، پر ابو ريحان جي پيشنگوين کان سئو سيڪڙو متاثر ٿيو[3].ھن جي ھمدردي افريغيان خاندان سان ھيون جنھن کي 995ع ۾ مخالف ماموني خاندان ھٽائي پاڻ حاڪم ٿي ويا جنھن ڪري ھن پنھنجو علائقو ڇڏي بخارا ۾ رھڻ شروع ڪيو ۽ ساماني حاڪم منصور ٻيون پٽ نوح جي علائقي ۾ آيو جتي ھن ابوعلي سينا سان خط و ڪتابت جي شروعات ڪئي. [9] علم طبعيات ۾ البيروني ميڪانيت ۾ تجرباتي سائنسي طريقي کي متعارف ڪرايو ۽ ميڪانيڪي سائنس ۾ سڪون (static) ۽ حرڪت (dynamic) کي ملائڻ جو خيال پيش ڪيو. [10] ھن پاڻياٺي سڪون (hydrostatics) کي حرڪت (dynamics) سان ملائي پاڻياٺي حرڪت (hydrodynamic) کي پيدا ڪيو. ھن ڪثافت يا گھٽائي، وزن ۽ ڪشش ثقل کي جاچڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرايا. ھن روشني ۽ حرارت جا مختلف مفروصا پڻ پيش ڪيا [11]. جيتوڻيڪ ھن پنھنجي تحقيق ۾ طبعيات کي مرڪز نہ بڻايو ھيو پر ان علم جون جھلڪيون ھن جي لکڻين ۾ موجود ھيون[11].

 
البيروني جي فلڪيات تي لکيل ڪتاب مان ورتل ھڪ تمثيلي خاڪو جنهن م چنڊ جا مختلف مرحلا ڏيکاريل.
 
ڌرتي جي گولي ۽ ان جي نيم قطر ۽ گھيري جي ماپ جي تخميني لڳائڻ جي البيروني واري تجويز ۽ طريقي جو تمثيلي خاڪو

البيروني پنھنجي ڪل 146 ڪتابن مان 95 ڪتاب علم فلڪيات، علم رياضي ۽ انھن سان لاڳاپيل جاگرافي تي لکيا. ھن جي مذھبي عبادت سان لڳاء ھن ۾ علم فلڪيات جي تحقيق جو جذبو پيدا ڪيو[11]. نماز لاء ان وقت مقدس مذهبي جاين جو صحيح رخ ڄاڻڻ جي طريقي جي ضرورت ھئي ۽ درست طريقي لاء فلڪياتي معلومات ئي ھڪ ذريعو ھيو [11]. ھي ستارن جي گردش جي قسمت تي اثر جي خيال کي ڪوڙي جادوگري قرار ڏئي رد ڪيو[12]. ھن مسلمان ليکڪن جي زمين جي گردش جي قياس آرائي تي اھا ڳالھ مڃي تہ ان وٽ ان خيال کي ثابت ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو ڪو دليل ڪونھي پر ھن زمين جي گردش جي خيال جي حق ۾ راء ڏني[13]. ھن طبي دواسازي تي بہ تحقيق ڪئي ۽ ڪتاب سيداله في الطب نالي ڪتاب ۾ پنھنجي دؤر جي سمورين ڄاتل دوائن جو ذڪر ڪيو. ھن شامي، يوناني، بلوچي، فارسي، افغاني، ڪرد ٻولين جي دوائن جي ھم معنيَ نالن جي فھرست پڻ تيار ڪئي[14][15].

لاڏاڻُوسنواريو

محمود غزنوي لاڏاڻي (421هه /1030ع) کانپوءِ سندس پٽس شاهه مسعود غزنويءَ به البيروني جي ساڳي عزت ۽ احترام ڪندو آيو[3]. اتي سندس سڃاڻپ مامون رشيد ۽ بوعلي سينا سان به ٿي، جيڪي سندس علمي فضيلت سبب شاگرد بڻيا[3]. ابو ريحان، غزنيءَ ۾ رهندي گهڻا ئي ڪتاب لکيا، نيٺ لاڳيتو جاکوڙ کان پوءِ، پنجهتر ورهين جي عمر ۾ تاريخ 3 رجب المرجب سن 440هه مطابق 12 ڊسمبر 1048ع تي غزنيءَ ۾ وفات ڪيائين[3].

ڪتاب الهندسنواريو

محقق اَبورَيحان البيرُونِي, جنهن ڪيترن ئي علمن ۾ ڪتاب لکيا ۽ خاص طرح پنجين صدي هجريءَ جي شروع ۾ هندستان بابت ’ڪتاب الهند‘ لکيائين، جنهن ۾ ڪتب آندل ڪي مقامي لفظَ ۽ محاورا ’سنڌي ٻوليءَ‘ سان ملن ٿا.[16]

حوالاسنواريو

  1. Kennedy, E.S. (1975-06-26). "[[[:سانچو:Google books]] The Exact Sciences]". in Frye, R. N. (en ۾). The Cambridge History of Iran: The period from the Arab invasion to the Saljuqs. Cambridge University Press. ISBN 9780521200936. سانچو:Google books. 
  2. Ataman, Kemal (2008) (en ۾). [[[:سانچو:Google books]] Understanding Other Religions: Al-Biruni's and Gadamer's "fusion of Horizons"]. CRVP. ISBN 9781565182523. سانچو:Google books. 
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 3.16 3.17 3.18 3.19 3.20 3.21 3.22 3.23 3.24 3.25 3.26 البيروني ابو ريحان : (Sindhianaسنڌيانا)-
  4. Bosworth 1968
  5. Bosworth 1968
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 45,
  7. Hodgson, Marshall G. S. (1974) (en ۾). [[[:سانچو:Google books]] The Venture of Islam: Conscience and History in a World Civilization]. University of Chicago Press. ISBN 978-0226346779. سانچو:Google books. 
  8. Waardenburg, Jacques (1999-08-19) (en ۾). [[[:سانچو:Google books]] Muslim Perceptions of Other Religions: A Historical Survey]. Oxford University Press. ISBN 9780195355765. سانچو:Google books. 
  9. Papan-Matin, Firoozeh (2010) (en ۾). [[[:سانچو:Google books]] Beyond Death: The Mystical Teachings of ʻAyn Al-Quḍāt Al-Hamadhānī]. BRILL. ISBN 9004174133. سانچو:Google books. 
  10. Rozhanskaya, Mariam; Levinova, I. S. (1996). Rushdī, Rāshid. ed (en ۾). [[[:سانچو:Google books]] Statics]. Psychology Press. ISBN 9780415124119. سانچو:Google books. "Using a whole body of mathematical methods (not only those inherited from the antique theory of ratios and infinitesimal techniques, but also the methods of the contemporary algebra and fine calculation techniques), Muslim scientists raised statics to a new, higher level. The classical results of Archimedes in the theory of the centre of gravity were generalized and applied to three-dimensional bodies, the theory of ponderable lever was founded and the 'science of gravity' was created and later further developed in medieval Europe. The phenomena of statics were studied by using the dynamic approach so that two trends – statics and dynamics – turned out to be inter-related within a single science, mechanics. The combination of the dynamic approach with Archimedean hydrostatics gave birth to a direction in science which may be called medieval hydrodynamics. [...] Numerous fine experimental methods were developed for determining the specific weight, which were based, in particular, on the theory of balances and weighing. The classical works of al-Biruni and al-Khazini can by right be considered as the beginning of the application of experimental methods in medieval science." 
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 Sparavigna, Amelia (2013). "The Science of Al-Biruni". International Journal of Sciences 2. http://www.ijsciences.com/pub/article/364. 
  12. Noonan, George C. (July 2005) (en ۾). [[[:سانچو:Google books]] Classical Scientific Astrology]. American Federation of Astr. ISBN 9780866900492. سانچو:Google books. 
  13. Douglas (1973, p.210)
  14. Kujundzić, E.; Masić, I. (1999). "[Al-Biruni—a universal scientist]" (Croatian ۾). Med. Arh. 53 (2): 117–120. PMID 10386051. 
  15. Levey, Martin (1973). [[[:سانچو:Google books]] Early Arabic Pharmacology: An Introduction Based on Ancient and Medieval Sources]. Brill Archive. p. 179. ISBN 90-04-03796-9. سانچو:Google books. 
  16. بيروني | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون