شڪارپور

سنڌ جو تاريخي شھر
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون شڪارپور،سنڌ تي آهي. پاڪستان جي لاءِ شڪارپور ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ ٻيا استعمال شڪارپور (سلجھائپ) ڏسو.

شڪارپور (انگريزي: Shikarpur) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو هڪ شھر آهي، جيڪو شڪارپور ضلعي جو صدر مقام آهي. شڪاپور سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ليکجي ٿو. ماضي ۾ هي شھر واپار لاءِ اهم رهيو آهي. قابل، قنڌار، سمر قند، بخارا ۽ تاشقند جا واپاري هتي ايندا هئا. شڪارپور 1843ع کان 1901 تائين ضلعي صدر مقام رھيو جنھن بعد ان جو درجو صرف تعلقي جي صدر مقام جو رھيو ۽ ھڪ دفعو ٻيھر پھرين جولاءِ 1977ع ۾ ان کي ضلعي صدر مقام جو درجو مليو. ھي شھر برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ھندوستان جو پيرس سڏيو ويندو هو. ھن کي دروازن جو شھر پڻ چوندا ھيا. ماضي ۾ ان جي چؤڌاري شھر ۾ ايندڙ ستن رستن تي ست در ھئا جن جا نالا لکي در، ھاٿي در، ڪرن در، ھزاري در، واڳوڻو در، سوي در ۽ خانپوري در ھيا ھڪ دري صديق ماڙي نالي پڻ مشھور ھئي.[1]

شڪارپور
شھر
Shikarpur
ديوان رام چند جو تاريخي ھوٽل جنھن جو فالودو مشھور آھي
ديوان رام چند جو تاريخي ھوٽل جنھن جو فالودو مشھور آھي
شڪارپور is located in سنڌ
شڪارپور
شڪارپور
شڪارپور is located in Pakistan
شڪارپور
شڪارپور
جاگرافي بيهڪ: 27°57′N 68°39′E / 27.950°N 68.650°E / 27.950; 68.650مڪانيت: 27°57′N 68°39′E / 27.950°N 68.650°E / 27.950; 68.650
ملڪ پاڪستانپاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 13 ميل (43 ft)
آبادي (1998)
 •  ڪاٿو

  2009

155,400
Post Code = 78100

ھن شھر جو ھڪڙو پاڙو صدر آھي. صدر ڇانوڻي کي چوندا آهن. ان شھر ۾ انگريزن 1843ع ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ھئي جيڪا 1861ع ۾ ختم ڪئي وئي ھئي[2]. شڪارپور ميونسپالٽي جو وجود 1855ع ۾ وڌو ويو[2]. شڪارپور سول اسپتال جو بنياد 1843ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ سن 1909ع ڌاري، ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ هي اسپتال سکر منتقل ڪئي ويئي.[2] ليڊي ڊفرن فنڊ (عورتن جي اسپتال) 1893ع ڌاري قائم ڪئي ويئي، جا پوءِ 1911ع ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪئي ويئي.[2] وڪٽوريا ڊسپينسري 1857ع ۾ قائم ٿي ۽ 1920ع ۾ ان جو نالو لکميچند – ٽيڪچند ڊسپينسري رکيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.[2]

سن 1932ع ۾ شڪارپور ۾ راءُ بھادر اؤڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا موجوده سول اسپتال جو بنياد وڌو، اهڙي عظيم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي ان وقت جي سرڪار کيس 1935ع ۾ “راءُ بھادر” جو شخصي خطاب ڏنو.[2]

سن 1893ع ۾ جانورن جي علاج لاءِ پڻ هڪ ڊسپينسري قائم ٿي[2]. مٿين اسپتال ۽ ڊسپينسرين کان سواءِ مينڊا ٽرسٽ پاران، شڪارپور ۾ هڪ عورتن جي اسپتال ۽ هڪ اکين جي اسپتال قائم ڪئي ويئي، جنھن کي بعد ۾ سر هينري هالينڊ پنھنجي زور سان پنهنجي نالي پٺيان مشھور ڪيو[2]. تعليم کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هن شهر ۾ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويا، جھڙوڪ: مڊل اسڪول 1853ع (1873ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول 1855ع، ورنيڪيولر اسڪول 2 – 1885ع، هندو سنڌي اسڪول نمبر اول 1885، پريتم ڌرم سڀا اسڪول 1889ع، شڪارپور هوپفل اڪيڊمي 1900ع، ٽريننگ اسڪول 1919ع، هندو سنڌي اسڪول 4 – 1904ع، نيوايريا هاءِ اسڪول 1932ع؛ ايشوري ٻائي سيتلداس گرلس هاءِ اسڪول 1937ع، ورهاڱي کان پوءِ شاھ عبداللطيف انسٽيٽيوٽ، گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۽ ٻيا پرائمري ۽ مڊل اسڪول قائم ڪيا ويا.[2]

تاريخ سنواريو

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ ”هي شھر دائود پوٽن جو هو. سنہ 1617ع ۾ جڏهن هنن لکي جي مھرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني. تڏهن هيءُ شھر ٻڌائون ۽ پوءِ بہ سو کن ورهين تائين دائودپوٽن ۽ ڪلھوڙن جي وچ ۾ انھي شھر جي هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. ميان يار محمد جي ڏينھن ۾ اهو شھر پنواهرن جي هٿ ۾ هو ۽ انھيءَ جو نالو خدا آباد رکيائون. آخر احمد شاھ دراني هٿ ڪري منجهس هڪڙو افغان حاڪم ويھاري، انھيءَ کي سيوي جي پرڳڻي سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ افغاني قافلا اتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ ڪري شاهوڪار اچي گڏ ٿيا. اڪثر شھر ۾ سيد، ملا ۽ افغان رهندا هئا. انھن مان مشھور ماڻهو هي هئا.

نزديڪي ۾ ماڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لکي پير جي قبر آهي. جنھن جي پٺيان لکيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اتي هڪڙو گرم چشمو بہ آهي.“[3]

پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو تہ ”شڪارپور شھر جي قيام جي تاريخ انگريزن جي مرتب ڪيل گزيٽيئر (1906ع) ۾ 1617ع درج ڪيل آهي. دراصل سڀ کان پھريائين هن تاريخ جو ذڪر ڪئپٽن اليگزينڊر پنھنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. هو 1828ع ۾ قنڌار جي رستي بخارا ڏانهن ويندي شڪارپور مان لنگهيو هو، ۽ ان وقت کيس ان تاريخ جي خبر پئي. هو لکي ٿو تہ: شڪارپور جي قيام جي تاريخ 1026ھ مطابق 1617ع آهي. لکيدر جي ٻاهران حاجي فقيرالله علوي رح جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو موجود آهي، جنهن تي فارسي لَفظ ”غوڪ“ درج آهي ۽ ابجد جي حساب سان انهن حرفن جو تعداد 1026ھ ( 1617ع) ٿئي ٿو ۽ اها ان جي قيام جي تاريخ آهي.[4][5]

اڳي انهيءَ هنڌ ڌاري گهاٽا ٻيلا هئا ۽ حاڪم اتي شڪار لاءِ ايندا هئا ۽ انھيءَ ڪم لاءِ شڪارگاھ مقرر هئا. داؤد خان ڪلھوڙن جي ڏاڏي کي اهو هنڌ مليل هو، جنھن جو اولاد داؤد پوٽا هئا ۽ اُهي انهيءَ هنڌ جا مالڪ هئا. داؤد جي اٺين پيڙهي بھادر خان هو، جنھن کي اورنگزيب بادشاه وٽان لکي ۽ خانپور جاگير ٿي مليا. انهي جو اُٻاوڙي جي مھرن جي سردار شير خان سان تڪرار ٿيو، جنھن لکي کسي پنھنجي هٿ ڪئي. طرفين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي ۽ داؤد پوٽن فتح ڪئي ۽ لکي موٽي ورتي. پوءِ انهيءَ فتح جي يادگيريءَ لاءِ شڪارگاهه جو جهنگ وڍائي ميدان صفا ڪرائي اتي شھر ٻڌايائون ۽ انهي جو نالو شڪارپور رکيائون. اُهو سال سنہ 1026ھ (سنہ 1617ع) هو، جو فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ٿو نڪري، جنهن جي معنيٰ ڏيڏر آهي ۽ جو شهر جي لکي دروازي واري حاجي فقير الله واريءَ مسجد جي هڪڙي پھڻ تي اُڪريل آهي. ميان دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينھن ۾ شڪارپور ۽ سيويءَ جا حاڪم پنيءَ جا افغان هئا. انهن سان ڪلهوڙن جو جهيڙو هليو. جڏهن سنہ 1124ھ (سنہ 1712ع) ۾ شاهزادو معزالدين آيو، تڏهن ڪلھوڙا انهيءَ جي لشڪر سان وڙهڻ لڳا، جنهن ۾ ميان دين محمد گرفتار ٿي پيو. پر انهيءَ کان پوءِ ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ وري ڪلهوڙا زور وٺي ويا. شڪارپور ۾ تڏهن پنوهر زور هئا، انهن کان ڪلهوڙن شڪارپور هٿ ڪيو ۽ اتي پنھنجو شھر ٻڌائون، جنھن کي خدا آباد سڏيائون ۽ اتان آسپاس جو ملڪ وٺڻ لڳا. ميان يار محمد خدا يار خان جي خطاب سان سيويءَ جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ پوءِ بکر آيو. داؤد پوٽن ۽ پنين جو فساد ٿيو، جو هن اچي بند ڪيو. اهي ڳالھيون سنہ 1130ھ (سنہ 1717ع) ڌاري ٿيون. يار محمد کان پوءِ ميان نور محمد جي ڏينھن ۾ سنہ 1139ھ (سنہ 1726ع) ۾ هو وري بہ داؤد پوٽن سان وڙهيو ۽ نيٺ انھن کي جيتي اچي شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. پر 1150ھ (سنہ 1737ع) ۾ جڏهن نادر شاه آيو، تڏهن هن شڪارپور وري داؤد پوٽن کي ڏني ۽ سيوي افغانن کي، جيئن اڳي هو. سنہ 1197ھ (سنہ 1782ع) کان پوءِ جڏهن ميان عبدالنبي گاديءَ تي هو، تڏهن تيمور شاھ بادشاھ سنڌ تي ڪاهيو ۽ سندس لشڪر جو سردار عزت يار خان هو، تنھن کي مير بجار خان شڪارپور وٽ شڪست ڏني، اگرچ داؤد پوٽا، بروهي، افعان ٻيا سڀ شاهي لشڪر سان شامل هئا. تنھن تي تيمور شاھ پاڻ آيو، اچي مير بجار خان کي ڏاڍي آبرو ڏنائين ۽ ميان عبدالنبيءَ کي سنڌ جو پڪو حاڪم ڪيائين. سنہ 1207ھ (سنہ 1792ع) ۾ ڪن ماڻھن جي چورت تي تيمور شاهه وري سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ مير فتح علي خان سامهون ٿيڻ لڳس، پر پوءِ صلح ڪيائون ۽ شاھ مير کي پڪو حاڪم مقرر ڪيو. سنہ 1218ھ (سنہ 1803ع) ۾ شاھ شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ مير غلام علي خان لشڪر وٺي شڪارپور آيو، پر پوءِ ڍل مقرر ڪري پٺ تي موٽي ويو. سنه 1230ھ (سنہ 1814ع) ۾ شاھ شجاع الملڪ عظيم خان کان ڀڄي حيدرآباد ۾ آيو. مير ڪرم علي خان لشڪر ڏيئي شڪارپور ۾ آڻي رهايس. عظيم خان ايوب شاھ کي لشڪر ڏيئي هن کي ڀڄائڻ لاءِ شڪارپور آيو. ٻئي لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سگهو ئي ميرن ٻارهن لک رپيا ڏيڻ قبول ڪيا ۽ شاه شجاع اتان ڀڄي لڌياني هليو ويو. سنہ 1233ھ (سنہ 1817ع) ۾ وري راجا رنجيت سنگهہ نھال سنگهہ جي هٿ هيٺ لشڪر سنڌ ڏي موڪليو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان انھيءَ کي سامھون ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ لشڪر گڏ ڪيو، پر انگريزن جي دست اندازيءَ ڪري صلح ٿيو. سنہ 1244ھ (سنہ 1828ع) ۾ مير مراد علي خان جي وقت ۾ شاھ شجاع الملڪ وري بہ ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور جو شهر ۽ ان جي پيدائش هن کي رهڻ ۽ خرچ لاءِ ڏني ويئي، پر مير جي مرڻ تي شاه شجاع الملڪ اُتي جو مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ آغا اسماعيل شاه، جو شڪارپور جو ناظم هو، تنھن جي اطلاع ڏيڻ تي مير نور محمد خان لشڪر موڪليو، جنھن سان خيرپور جو لشڪر بہ شامل ٿيو. طرفين جي وچ ۾ جنگ ٿي. گهڻا ماڻهو مئا.، آخر صلح ٿيو ۽ شاھ شجاع ٻارهن لک رپيا وٺي نڪري هليو ويو. سنہ 1258ھ _سنہ 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عھدنامو ڪيو تہ مير انگريز سرڪار کي شڪارپور، ڪراچي، سبزل ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏين ۽ ٻيا بہ ڪي شرط هئا. ميرن پھرين اُنهيءَ تي صحيح نہ ٿي ڪئي، پر آخر ڪيائون.[6] جاگرافيائي لحاظ کان شڪارپور نھايت ئي اهميت جوڳي جاءِ تي آباد آهي. اِهي ئي ڪارڻ هئا، جو انگريزن سنڌ تي قابض ٿيڻ کانپوءِ شڪارپور کي سموري اُتر سنڌ لاءِ ضلعي هيڊ وارٽر جي حيثيت ڏني. مختلف وقتن تي هن شھر ۾ تعليمي، واپاري، ادبي، سياسي ۽ انتظامي لحاظ کان ڪيترائي اڪابر ايندا رهيا، جن شھر جي مان کي گهڻو واکاڻيو ۽ مرتبي کي وڌايو. ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي هن شعر ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽ خود اُنهن جو بہ شڪارپور سان مختلف رخن کان هڪ خاص تعلق رهيو. سنڌي ادب جي ابو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بہ سن 1891ع ۾ شڪارپور ۾ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي سٽي مئجسٽريٽ جي اعلى عھدي تي فائز رهيو.[7]

کٽاڻ جي صنعت سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو شڪارپوري آچار

شڪارپور کٽاڻ جي صنعت ڪري بہ مشھور آهي، ماضي ۾ کٽاڻ نيڀن پور ۾ سومرا، هاٿي در تي سومرا ۽ بوٽ بازار ۾ سُرها صديقي پنهنجن گهرن ۾ ٺاهيندا هيا پر هاڻي شڪارپور کٽاڻ ٺاھڻ جو ڪم انڊسٽري ۾ تبديل ٿي ويو آهي. شھر ۾ مولابخش آچار ۽ سڪندر آچار کٽاڻ جا وڏا انڊسٽريل ہونٽ آھن.

حوالا سنواريو

  1. Shikarpur, The Once Paris of Sindh hareemsoomro [wordpress.com]
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named منگي
  3. قديم سنڌ - ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
  4. {(A voyage to bukhara- by Captain alexander burnes).}
  5. {پروفيسر سيد محمد سليم، ”شڪارپور جي قيام جو بنياد“ (مقالو) ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 62، 63، 73، 74.}
  6. قديم سنڌ - ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
  7. {ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون، "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور"، مھراڻ رسالو سال 2003ع، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو}