اشوڪا (اسوڪا،[5]) جيڪو اشوڪ مهان جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، پراچين يونان ۾ پيوڊاسس، موريا شاهي گهراڻي جو هڪ هندستاني سمراٽ هو، جيڪو بندوسارا موريا جو پٽ هو، جنهن لڳ ڀڳ سڄي ننڍي کنڊ ​​تي 268 ق.م کان 232 ق.م تائين حڪومت ڪئي.[6] اشوڪ قديم ايشيا ۾ ٻڌمت جي پکيڙ کي وڌايو. ڪيترن ئي ماڻهن پاران اشوڪ کي هندستان جي مهان سمراٽن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، اشوڪ چندرگپت جي سلطنت کي، اولهه ۾ موجوده افغانستان کان اوڀر ۾ بنگلاديش تائين پکڙيل هڪ دائري تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ وَڌايو. جنهن ۾ هاڻوڪو تامل ناڊو، ڪرناٽڪ ۽ ڪيرالا جي ڪجهه ڀاڱن کانسواءِ پورو ننڍي کنڊ شامل هئا. سلطنت جي راڄڌاني پاٽلي پترا (مگڌا ۾، هاڻوڪي پٽنا) هو، جنهن ۾ صوبائي راڄڌاني جو هنڌ ٽيڪسلا ۽ اُجين هو.اشوڪ، ڪلنگا جي يُڌ کانپوءِ، رتوڇاڻ کان بيزار ٿيو ۽ وچن ڪيائين ته وري ڪڏھن به يُڌ نه ڪندو. هن ٻڌڌرم کي سويڪار ڪيو ۽ پنهنجي راڄ ۽ حڪومت ۾ ٻڌمت جي سرپرستي ڪئي.

اشوڪا
پريادرشي ديوانامپريا چڪرورتين Priyadarśin Devanapriya Chakravartin

هڪ لڳ ڀڳ. ت. پهرين صدي عام زماني کان اڳ/عام زمانو BCE/CE سانچي کان ڇوٽ، اشوڪ کي پنهنجي رٿ تي، راماگرام ۾ ناگا جي ياترا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي راماگرام.[1][2]
3rd موريا حڪمران
ت. 268 – c. 232 BCE[3]
پيشرو بندوسارا
جانشين دشرٿا
جيون ساٿي
نسل
شاھي گھراڻو موريا
پيءُ بندوسارا
ماءُ سڀدرنگي يا ڌرما (اشوڪ جي ماءُ)[note 1]
جنم سن c. 304 BCE
پاٽلي پُترا, موريا سلطنت (موجوده دور جي پٽنا, بِھار, ڀارت جي ڀرسان)
لاڏاڻو سن 232 BCE (ڄمار c. 71 – 72)
پاٽلي پترا، اڄ جو پٽنا، بهار، انڊيا
مذھب ٻڌمت[4]

اشوڪ رياست ڪلنگا (جديد اوڙيشا) جي خلاف هڪ تباهي واري جنگ وڙهي، جيڪا هن اٽڪل 260 قبل مسيح ۾ فتح ڪئي.[7] هن جي ترجماني ڪندڙن جي هڪ شاهي فرمان موجب، هن ڪلنگا جنگ، جنهن کي هن فتح ڪرڻ جي خواهش سان وڙهي ان جنگ ۾ وڏي پيماني تي عام موتن کي ڏسڻ کانپوءِ ٻڌڌرم اختيار ڪيو هو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سڌي ريت 100,000 کان وڌيڪ موت ۽ 150,000 شهر نيڪالي ٿي هئي. هن کي اشوڪا جي ٿنڀن جي اڏاوت ڪرڻ ۽ سندس شاهي فرمانن کي پکيڙڻ[8]، ٻڌڌرم جي راهبن کي سري لنڪا ۽ وچ ايشيا ڏانهن موڪلڻ ۽ گوتم ٻڌ جي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي اهم ماڳن جي نشاندهي لاءِ ياد ڪيو ويندو آهي.

اشوڪا جي شاهي آديشن کان ٻاهر، سندس باري ۾ سوانح عمري واري معلومات صدين کان پوءِ لکيل ڏند ڪٿا، جهڙوڪ ٻي-صدي عيسوي "اشوڪاوادنا" ("اشوڪا جو داستان")، دوياوادنا جو هڪ ڀاڱو)، ۽ سري لنڪن لکت مهاوامسا ("وڏي اِتھاس" ۾) تي ٻڌل آهي. جديد هندستان جي جمهوريا جو نشان اشوڪ جي شينهن راڄڌاني جو اُتاريل نمونو آهي. هن جو سنسڪرت نالو "اشوڪا" جو مطلب "بنا سور، ڏک جي بغير" (پرائيوٽوم ۽ شوڪا، "پِيڙا، اهنج") آهي. هن جي شاهي آديشن ۾، هن کي ديوانامپريا (پالي ديوانامپيا يا "ديوتائن جو پريتم") ۽ پريادارشين يا پريادرشي (پالي پياداسي يا "اهو جيڪو سڀني کي سِڪَ سان ڏسندو آهي") جي طور تي لاڳاپو ڏيکاريو ويو آهي. هن جي وڻ لاءِ شوق جي ڪري هن جو نالو "اشوڪا وڻ" يا سارڪا اسوڪا سان ڳنڍيو ويو آهي، ۽ اهو اشوڪ وادنا ۾ حوالو ڏنو ويو آهي.

دي آئوٽ لائن آف هسٽري (1920) ۾، ايڇ.جي. ويلز لکيو آهي ته، "بادشاهن جي هزارين نالن جي وچ ۾ جيڪي تاريخ جي ڪالمن تي ڊنبُ ڪن ٿا، انهن جي شان شوڪت ۽ ديالو ۽ سانتي ۽ شاهي مٿڀرائي ۽ انهيءَ طرح جي ٻين گڻن ۾، اشوڪ جو نالو چمڪي ٿو، ۽ چمڪي ٿو، لڳ ڀڳ اڪيلو، هڪ تارو."[9]


شروعاتي جيون سنواريو

اشوڪا موريا گهراڻي جو هڪ مشهور راجا هو. هي راجا چندر گپت جو پوٽو ۽ بندوسار جو پت هو. پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي هڪ ٻئي پٺيان ٽئڪسيلا ۽ اُجين جو گورنر رهيو. انتظامي صلاحيتن کي ڏسندي، بندوسار پنهنجن ٻين پٽن جي نسبت -اشوڪا- کي ترجيح ڏني ۽ کيس ولي عهد بڻايو. هيءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ 237 ق. م ڌاري ”مگڌ“ جي گاديءَ تي ويٺو. پنهنجي دؤر حڪومت ۾ هن ڪانگڙہ (اڙيسا) تي حملو ڪيو. انهيءَ حملي ۾ جيتوڻيڪ هن کي فتح ته ٿي، پر -جنگ- ۽ خون، حڪومت کان سندس دل کٽي ڪري وڌي ۽ هن -ٻڌ- ڌرم اختيار ڪيو ۽ باقي حڪومت انهيءَ ڌرم جي تعليمات مطابق ئي هلايائين. هن -ٻڌ- ڌرم جي پرچار لاءِ هرهنڌ پنهنجا مبلغ موڪليا. سنڌ ۾ هن جو خاص چيلو ”اپار گپتا“ آيو، جنهن هتي -ٻڌمت- جو تمام گهڻو پرچار ڪيو. اشوڪا، سنڌ، بلوچستان، صوبي سرحد ۾ مانسهره، سوات، پاڪستان جي اترين علائقن، افغانستان، ڪشمير، نيپال، يونان ۽ مصر تائين -ٻڌمت- جا ڪتبا کڙا ڪرايا، -جن- مان ڪي هن وقت به موجود آهن، -جن- مان سارناٿ جي ڪتبي کي بنيادي اهميت حاصل آهي. هن بيشمار -اسٽوپا- به تعمير ڪرايا. هي اهنسا (عدم تشدد) جو پيروڪار هو ۽ حڪومت جو پويون عرصو ڀڪشو (ٻڌ درويش) بڻجي هلايائين. 186 ق. م ڌاري -اشوڪا- وفات ڪئي. سندس مرڻ کان ستت ئي پوءِ موريا خاندان جي حڪومت ختم ٿي وئي.[10]

حوالا سنواريو

  1. Lahiri 2015295–296.
  2. Singh 2017162.
  3. Singh 2008331.
  4. Faure, Bernard, ed (2002-2003). "Aśoka's Wives and the Ambiguities of Buddhist Kingship". Cahiers d'Extrême-Asie (پيرس: École française d'Extrême-Orient) 13: 35–54. doi:10.3406/asie.2002.1176. ISSN 0766-1177. https://www.persee.fr/doc/asie_0766-1177_2002_num_13_1_1176. 
  5. سندس سهيوڳي ماسڪي مائنر راڪ ايڊيڪٽ ۾ سندس نالو برهمي لکت ۾ ديوانامپريا اشوڪ جي نالي سان لکيل آهي. (sa ۾) Inscriptions of Asoka. New Edition by E. Hultzsch. 1925. pp. 174–175. https://archive.org/stream/InscriptionsOfAsoka.NewEditionByE.Hultzsch/HultzschCorpusAsokaSearchable#page/n353/mode/2up. 
  6. Chandra, Amulya. "Ashoka | biography – emperor of India". Britannica.com. وقت 21 August 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 August 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. Kalinga had been conquered by the preceding Nanda Dynasty but subsequently broke free until it was reconquered by Ashoka c. 260 BCE. (Raychaudhuri, H. C.; Mukherjee, B. N. 1996. Political History of Ancient India: From the Accession of Parikshit to the Extinction of the Gupta Dynasty. Oxford University Press, pp. 204–9, pp. 270–71)
  8. Copp, Paul; Wedemeyer, Christian K., eds (May 2019). "Columns in Context: Venerable Monuments and Landscapes of Memory in Early India". History of Religions (University of Chicago Press for the University of Chicago Divinity School) 58 (4): 355–403. doi:10.1086/702256. ISSN 0018-2710. OCLC 299661763. 
  9. Nayanjot Lahiri (5 August 2015). Ashoka in Ancient India. Harvard University Press. pp. 20–. ISBN 978-0-674-91525-1. https://books.google.com/books?id=JaVRCgAAQBAJ&pg=PT20. 
  10. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اشوڪا


حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو