انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي

سنڌي تھذيب ۽ ثقافت جو ادارو

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي نالي سان دنيا جي مشهور علمي ادبي ادارن ۾ شمار ٿيندڙ هيءُ ادارو 1963ع ۾ ”سنڌي اڪيڊميءَ“ جي نالي سان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر ۽ پاڪستان جي مشهور سائنسدان ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ، اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ 8x8 سائيز جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ قائم ڪيو. مشهور تعليمي ماهرن ۽ اديبن مرحوم محمد حنيف صديقي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ تڏهوڪي رجسٽرار محمد حسين ترڪ ۽ سنڌي شعبي جي صدر پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، هن اداري جي قائم ڪرڻ ۾، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي هر ممڪن مدد ڪئي. محمد حنيف صديقي صاحب کي اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيوويو ۽ اڪيڊميءَ جي انتظام لاءِ انهن ئي ميمبرن تي مشتمل هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ٺاهي وئي. جولاءِ 1964ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي اڪيڊميءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اختيار سنڀاليا ۽ جلد ئي سنڌي عوام جي تعاون سان هيءُ ادارو، ادبي، تعليمي ۽ ثقافتي حوالي سان، ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ جي نالي سان عالمي سطح تي متعارف ٿيو. 45 سالن جي مختصر عرصي ۾ هن اداري سنڌي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي.[1]

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

سنڌالاجي ، ڄامشورو
اداري جو باني رضيء الدين صديقي
مقصد سنڌ جي تاريخ، معاشري، ثقافت، ۽ ادب تي تحقيق
فوڪس تحقيق
اھم شخصيتون نبي بخش خان بلوچ، محمد حنيف صديقي,
پير حسام الدين راشدي،غلام علي الانا محمد قاسم ماڪا
مالڪ سنڌ يونيورسٽي
مقام سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو،  پاڪستان
جاگرافيائي بيهڪ University 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ويب سائيٽ www.sindhology.com.pk


مقصد ۽ تاريخ

سنواريو

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي قيام جو مقصد اهو هو ته هن اداري ۾ هڪ اهڙي تحقيقي لائبرري قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ متعلق هر قسم جي معلومات ميسر هجي، ته جيئن ڪوبه محقق سنڌ متعلق ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪرڻ گهري ته کيس سمورو مواد مهيا ڪري ڏنو وڃي. 1969ع ۾ ڪن تخريبڪارن پاران اداري جي لائبرريءَ کي باهه ڏيڻ جو خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ اداري جي لائبرري سڙي رک ٿي وئي. اُن حادثي کي ڏسڻ لاءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو اداري ۾ آيو ۽ تڏهوڪي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر الانا کي آٿت ڏيندي فرمايائين ته ”گهٻرايو نه! آءٌ اقتدار ۾ اچي اوهان کي هن اداري لاءِ اهڙي عمارت ٺهرائي ڏيندس، جنهن کي ڏسي دنيا وارا فخر ڪندا“، ۽ ٿيو به ائين. ڀُٽي صاحب اقتدار ۾ ايندي ئي سنڌالاجيءَ تي توجهه ڏنو ۽ هن اداري لاءِ نئين عمارت جي اڏاوت جو ڪم نيو ڪئمپس ڄامشوري ۾ شروع ٿيو، جنهن جي پيڙهه جو پٿر، سنڌ جي تڏهوڪي وزيراعليٰ جناب ممتاز علي ڀٽي، 10 ڊسمبر 1972ع تي رکيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي اڻٿڪ ڪوشش، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مدد، هن ننڍڙي اداري کي وڏي ترقي ڏياري، دنيا جي وڏن ادارن جي فهرست ۾ ڳڻايو.[1]

1969-70ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سنڌالاجيءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. حقيقت آهي ته هن اداري جي موجوده مقام ۽ ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا نالا هميشه ياد رهندا. [1]

ڪاوشون

سنواريو

سيد غلام مصطفيٰ شاهه انهن ڳالهين کي اڳتي وڌايو، جن جو بنياد ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ رکيو هو. شاهه صاحب جي زماني ۾، سندس ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ”المصطفيٰ“ نالي ٽائيپ رائيٽر مشين سوئٽزرلئنڊ جي ”هرمس“ ڪمپنيءَ کان ٺهرائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو. ان ٽائيپ رائٽر جي تياري، ان جي ڪي بورڊ جي ترتيب ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو وڏو هٿ آهي.[1]

شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي خواهش تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عنايت الله عباسيءَ کان سنڌي شارٽ هئنڊ جو پهريون ڀاڱو تيار ڪرايو ويو ۽ شارٽ هئنڊ جا ڪلاس شروع ڪرايا ويا.[1]

سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب جي دور ۾ موجوده عمارت ٺهڻ شروع ٿي، جيڪا 1977ع ۾ مڪمل ٿي. انهيءَ عمارت ۾ منتقل ٿيڻ کان پوءِ هيٺين شعبن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو[1]:

تحقيقي لائبرري

سنواريو

هن اداري جي شروعات ريسرچ لائبرريءَ جي قيام سان ٿي. آگسٽ 1963ع کان لائبرريءَ جو ڪم شروع ٿيو. هڪ سال اندر 2050 ڪتاب گڏ ڪيا ويا، جن مان 780 ڪتاب سنڌيءَ ۾، 97 فارسي، 23 عربي ۽ باقي ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ هئا. 1971ع ۾ باهه جي حادثي، سالن جي ميڙي چونڊي تباهه ڪري ڇڏي، پر هن وقت هيءَ لائبرري پاڪستان جي مثالي لائبررين ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب، 25000 کان وڌيڪ رسالا ۽ 1854ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ مان نڪرندر اخبارن جا سوين جلد موجود آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي مشهور شخصيتن پاران ڏنل ڪتابن جا، سندن نالن سان ڪارنر قائم ڪري رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ هن سيڪشن ۾ نادر ڪتابن ۽ ٻئي تاريخي اهميت واري مواد کي مائڪرو فلم ذريعي پڻ محفوظ ڪيو ويو آهي. لائبرريءَ ۾ ٻن هزارن کان مٿي قلمي نسخا رکيل آهن.[1]

ائنٿراپالاجيڪل ميوزيم

سنواريو

هن ميوزم جا هيٺيان ڌار ڌار حصا آهن[1]:


 
سنڌالاجي
 
سنڌالاجي
  1. آرٽس گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي دستڪاريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ ڀرت جي ڪم جا مختلف نمونا، جن ۾ گج، رليون، کٿيون وغيره ۽ ٻيو سامان رکيو ويو آهي.
  2. اٿنالاجيڪل گئلري: هيءَ گئلري سنڌ جي ڌار ڌار خطن، قبيلن ۽ جاتين جي، ڊايوراماز ذريعي جهلڪ پيش ڪري ٿي. انهن جاتين جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت کي ڊايوراماز ذريعي ڏيکاريو ويو آهي. ڪي جاتيون هيٺيون آهن: هندو، لوهاڻا، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، مهاڻا، اوڏ، شيدي، ريٻاري ۽ بلوچ وغيره. هن ميوزيم ۾ سنڌ جي ڌار ڌار هنرن کي سليقي سان سينگاري رکيو ويو آهي ته جيئن محققن کي تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
  3. مشاهير گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي اديبن، عالمن، شاعرن، دانشورن، قانون دانن، قومي رهنمائن، روحاني رهبرن، فنڪارن، موسيقارن ۽ سماجي ڪارڪنن جون تصويرون ۽ ڪن جا سنگ مرمر جا بُت، سندن مختصر سوانحي خاڪن سان گڏ رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ عالمن ۽ اديبن جون ڪارنر به قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ جي. ايم سيد ڪارنر، ايم. ايڇ. پنهور ڪارنر، پير حسام الدين ڪارنر، غلام مصطفى شاهه ڪارنر ۽ ٻيون ڪارنرون موجود آهن. هن حصي ۾ 1926ع ۾ ٺهيل سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ٽائيپ رائيٽنگ مشين پڻ نموني طور رکيل آهي. ان کان سواءِ هن حصي ۾ جدا جدا ڪارنر ٺهيل آهن، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪارنر کان وٺي پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن جي خالق احمد جي. چاڳلا مرحوم جو اهو هارمونيم، جنهن تي هن قومي تراني جي ڌن ٺاهي هئي ۽ قومي تراني جي ڌن جا نوٽيشن، پڻ رکيل آهن.
  4. آرڪيالاجيڪل گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معروف قديم آثارن موهن جو دڙو، اروڙ، منصوره، نصرپور، ڪاهو جي دڙي، ڀنڀور، آمريءَ ۽ ڪوٽڏجيءَ کان سواءِ ٻين قديم جاين مان هٿ آيل ٺڪريون ۽ ٻيو سامان رکيل آهي.
  5. جنرل گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي شهرن جهڙوڪ: خيرپور، ٽنڊومحمد خان، سعيدپوري، هالا، مٽياري، لقمان، ڪشمور، بلڙي ۽ ٻين هنڌن تي ٺهيل جنڊيءَ جو سامان، ڪاشيءَ جو سامان، گهگهيون، دٻڪ، دٻڪيون، پنڊيون ۽ ٻيو سامان رکيل آهي. هن ميوزيم ۾ بيشمار سڪا، رليون، ڇر جو سامان ۽ هٿ جو ٺهيل سامان رکيل آهي، جيڪو ڏسي ماڻهن کي حيرت ٿئي ٿي.
  6. فوٽوگرافڪ گئلري: هن ۾ سنڌ جي مختلف حصن سان لاڳاپيل مقامن، ماڳن، مزارن، وڻن ٽڻن، پکين، جانورن، ماڻهن، ڍنڍن، ڍورن، جبلن، شهرن ۽ مختلف جاتين ۽ انهن جي ڌنڌن جون دلچسپ تصويرون رکيل آهن.
  7. سنڌ آرٽ گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي فنڪارن جون ٺهيل اهي تصويرون رکيل آهن، جنهن ۾ سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ متعلق مصوري ڪيل آهي. انهن تصويرون جي ڏسڻ سان ڏسندڙ کي سنڌي معاشري ۽ سنڌي جيوت جي ڀلي ڀت خبر پئجي سگهي ٿي.
  8. بينظير ڀٽو گئلري: هن گئلري جو قيام 2008ع ۾ پيو، جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جون ڪيتريون ئي تصويرون، سندس هٿ سان لکيل پيغام/ خط ۽ ڪجهه ٻيون شيون پڻ سجائي رکيون ويون آهن.

آڊيو وڊيو سيڪشن

سنواريو

دراصل هيءُ سائونڊ آرڪائيوز جو سيڪشن آهي، جنهن جا ٻه حصا آهن. هڪڙي حصي کي ايٿنولاجيڪل ميوزيڪل انسٽرومينٽس گئلري سڏيو وڃي ٿو. هن سيڪشن ۾ سنڌي راڳ جا مڙئي ساز، جنهن ۾ چڙا، چڙيون، چنگ، بوڙينڊا، نفليون، ڍولڪون، دهل، شرنايون، ٽليون، بانسريون، کڙتال، گهڙا ۽ سارنگيون وغيره رکيون ويون آهن. سنڌي راڳ سان چاهه رکندڙ ماڻهن کي هيءَ گئلري دلچسپ محسوس ٿيندي. ٻئي حصي ۾ رڪارڊنگ اسٽوڊيو سان گڏ سنڌ ۾ ٿيندڙ راڳ ۽ گذريل فنڪارن جي آواز ۾ آڊيو وڊيو ڪئسٽيون، گراموفون ريڪارڊ ۽ وڊيو فلمون وغيره، گڏ ڪري رکيا ويا آهن.[1]

بيورو آف پراڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ٽرانسليشن

سنواريو

هن سيڪشن جو ڪم اشاعت آهي. هن وقت تائين هن اداري پاران 200 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپايا ويا آهن. ’غزلن جو غنچو‘ پهريون ڪتاب هو، جيڪو هن اداري پاران 1965ع ۾ شايع ٿيو هو. ان کان پوءِ ’سائنس مخزن، علمي آئينو‘ ۽ هاڻي ’سنڌي ادب‘ ۽ انگريزي ۾ ’سنڌالاجيڪل اسٽڊيز‘ رسالا ڪڍيا وڃن ٿا.[1]

هيءُ ادارو دراصل سنڌي ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ سنڌي جيوت جي هڪ زندهه تصوير پيش ڪري ٿو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ وقت بوقت مقرر ٿيل ڊائريڪٽرن مان ڪي اهم آهن، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مهتاب اڪبر راشدي، شوڪت حسين شورو ۽ موجوده ڊائريڪٽر عبدالحميد آخوند جنهن 17 جولاءِ 2009ع تي چارج ورتي.[1]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو