سنڌو ديش

پاڪستان اندر ھڪ عليحدگي پسند تحريڪ
(سنڌوديش کان چوريل)

سنڌوديش يا سنڌو قوم ھڪ نعرو آھي جيڪو پاڪستان جي قيام لاءِ جدوجھد ڪندڙ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ متاثر ٿي ڪري ھڪ قوم پرست بزرگ سياستدان ۽ عدم تشدد جي نظريي تي ھلندڙ غلام مرتضي سيد ( ايم سيد) ڏنو.[1] جنھن جي پوئلڳن ان جي رھبري ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ذريعي سنڌ صوبي جي علحدگي جي تحريڪ ھلائڻ جو پروگرام ماڻھن م ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ جي ماڻھن ۾ انھن کي ڪڏھن بہ پذيرائي نہ ملي سگھي. جيئي سنڌ تحريڪ جنھن شيخ اياز جي ڪپر ٿو ڪن ڪري ڪتاب ۾ لکيل سنڌو ديس جي نالي سان نظم کي قومي ترانو قرار ڏنو اھو شاعر بہ ھن حلقي کي خير باد چئي ڇڏيو ۽ ان جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ تي ان جي مذمت ڪندا رھيا.سنڌ جي اندر ھڪ ڊگھو وقت ماڻھن ۾ تاثر رھيو تہ قومپرستن جي ھن تحريڪ جي تعليمي ادارن ۾ چن سان سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن جي تعليم ڏاڍي متاثر ٿي ۽ تعليم شاگردن جي سياسي جھيڙن جي ور چڙهي وئي ۽ تعليمي ادارا بند رھڻ لڳا. شاگردن ۾ ھن تحريڪ جي شاگرد اڳواڻن ڏوھاري سرگرمين کي فروغ ڏنو جنھن جو اعتراف ھن تحريڪ جي ھڪ شاگرد اڳواڻ عزيز ڀنگوار ھڪ ڪتاب : مان ڏوهي آهيان، لکي ڪيو.

قديم سنڌو ديش

سنواريو

دؤر قديم ۾ سنڌو ديش ملڪ قائم ٿيل ھو. سندس مسلمان حملا آور قاہ ڪري ختم ڪري ڇڏيو.

فائل:Sindhu desh 4.jpg
دؤر قديمجو سنڌو ديش ملڪ

آزاديءَ جي تمنا

سنواريو

اها سنڌين جي ڪردار جي خاص نشاني آهي، ۽ تاريخ ان تي شاهد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وقت ڌارين مٿن زوريءَ يا اندروني بي اتفاقيءَ ڪري تسلط قائم ڪيو آهي ته به جلد يا بدير، موقعي ملڻ تي هنن غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي پئي ڇڏيو آهي. ايراني، يوناني، عرب، مغل ۽ انگريز سامراجن وقتي مٿن قبضو رکيو، پر نيٺ انهن کي ڪڍي، وري سنڌين آزادي حاصل ڪئي آهي سنڌيجي ڪلاسيڪل شاعرن هميشه آزاديءَ جا گيت پئي ڳاتا آهن. مارئيءَ جو عمر ڪوٽ جي بند کان آزاديءَ جو ذڪر، دودي سومري جي بهادريءَ جا راتين جون راتيون جي اڳي قصا بيان ڪرڻ، موجوده شاعرن جا سنڌ جي آزاديءَ لاءَ شعر لکڻ، سنڌي ڪردار ۾ آزاديءَ جي امنگ جي سدا حيات هئڻ جا ڪجهه مثال آهن هن وقت جڏهن اسلام، پاڪستان، مسلم قوم، اسلامي نظام حڪومت جي ڌوڪن سان مهاجر پنجابي سامراج، سنڌ کي غلام بڻائي ان تي پنهنجو تسلط قائم ڪيو آهي، ته سنڌي شاعرن صاف چيو ڇڏين ته

نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکــي جـــــــي ديـــــوار، وويــــــــار! ســنــڌڙي کــي سـر ڪير نه ڏيندو (اياز)

جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ٻہ قومي نظريي جو حامي ھيو ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ جي ٻن ميمبرن ۾ پڻ شامل ھيو . قائداعظم سان سندس محبت جي انتھا ايتري قدر ھئي جو سنڌ اسيمبلي ۾ قائداعظم تي قاتلاڻي حملي جي افواھ ٻڌڻ تي صدمو رسڻ ڪري بي ھوش ٿي ويو ھو . ھن جي جدوجھد سان پھريون دفعو برٽش انڊيا ۾ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قيام لاءِ قرارداد پاس ڪرائي. سن جي ھن سيد مسجد منزل گاهه تحريڪ جي بہ قيادت ڪئي جنھن جي نتيجي م سکر ۾ ھندو مسلم فساد ٿيا ۽ ھڪ ھزار کان مٿي سنڌي ھندو مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ پورو سکر شھر تباهي جي ور ٿي ويو جنھن جي جاچ لاءِ انگريز سرڪار ھڪ ٽربيونل پڻ جوڙيو جنھن جا تفصيل پير علي محمد راشديءَ پنھنجي ڪتاب اھي ڏينھن ۽ اھي شينھن ۾ ڏنو آھي. 1946 م جي ايم سيد جا قائداعظم سان اختلاف اليڪشن م پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي مسئلي تي ٿيا ھئا جنھن ڪري کيس مسلم ليگ ڇڏڻي پئي . پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ ھن ڪڏهن پاڪستان جي قيام جي مخالفت نہ ڪئي ۽ پارلياماني سياست سان ڳنڍيل رھيو . ون يونٽ جي قيام جي ڪري ھن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو. ان جو ھڪ سبب اھو بہ ھيو تہ قائداعظم وانگر ھي بہ سنڌ جي بمبئي صوبي جو حصو بڻجڻ جي خلاف ھيو . قائداعظم پنھنجي چوڏھن نڪتن م سنڌ جي بمبئي کان جدائي ء ان جي صوبائي حيثيت جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو ھو .ون يونٽ ۾ اچڻ سان کيس ان پراڻي حالت جي قائم ٿيڻ جي علامت نظر آئي پر پوء به ھي پاڪستان جو حامي ھيو پر وقتي طور تي سياست کان پاسيرو ٿي ادبي سرگرمين ۾ مصروف رھيو . 1970 ۾ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ وري سياسي سرگرمين م شامل ٿيو ۽ اليڪشن ۾ پڻ حصو ورتائين پر پيپلزپارٽي جي اميدوار ملڪ سڪندر کان ھارائي ويو. بعد ۾ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ نالي ڪتاب لکي پنھجي حلقن م نئون خيال رکيائين پر پنھنجي سڄي حياتي ۾ کيس ماڻھن کان موٽ ڪانہ ملي سگھي. ان جا پوئلڳ اختلافن جو شڪار رھيا ۽ تحريڪ ۾ گروپبندين جو سلسلو ھلندو رھيو . ھڪ وڏو تعداد سندس خيالن کي خير باد چئي ملڪي سياست جي ڌارا ۾ شامل ٿي ويو. قادر مگسي، شاھ محمد شاھ، گل محمد جکراڻي انھن م شامل آھن..

سنڌوديش ننڍو ملڪ

سنواريو

سنڌديش کي غلام رکڻ وارا مهاجر پنجابي سامراججا دلال ۽ ايجنٽ چون ٿا سنڌوديش ننڍو ملڪ آهي، تنهن ڪري آزيدي ممڪن ناهي، انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالھ هيءَ آهي، ته سنڌوديش ننڍو ملڪ نه آهي، بلڪه اقوام متحده جي 135 ميمبر ملڪن مان 91 جي، هيٺ نقشي ۾ ڏيکاريل آهن، ڪيترين ڳالهين جهڙوڪ ايراضي، آدمشماري يا پيدائش ۾، وڌيڪ آهي، هن کان گهڻا ملڪ آزاد مملڪيون ٺاهيو، اقوام متحده جا ميمبر بڻيو ويٺا آهن. سنڌوديش جي ا يراضي 56447 چورس ميل آهي. ان جي آدمشماري 1،40،00000 ماڻهن تائين پهچي ويئي آهي. ان مان صوبي خواھ مرڪز کي 500 ڪروڙ روپيا ساليانا ٽيڪس ملن ٿا جيڪڏهن ڪويت ۽ قطر جهڙن ملڪن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اهي سندن گهٽ ايراضي ۽ آدمشماريءَ ۽ انڪم جي باوجود اقوام متحده جا ميمبر بڻجي سگهن ٿا، ته سنڌ ڪهڙو ڏوھ ڪيو، جو مسلم قوم اسلام ۽ پاڪستان جي نالن کي کيس آزاديءَ کان محروم رکيو وڃي ٿو! سنڌ پڻ آزاديءَ بعد ترقي ڪري، انڪم وڌائي، انهن جيتري يا انهن کان به وڌيڪ انڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌوديش کي ائين ننڍي ملڪ هجڻ جي طعني هڻندڙن جي ان ڳالھ کي صاف ڪرڻ کانپوءِ، ان مان هنن جيڪي خدشا ظاهر ڪيا آهن، انهن جي وضاحت پيڻ ڪرڻ لازمي آهي ـ

ڀارت جا سنڌي

سنواريو

جيڪڏهن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو، پنهنجي هر قوم سنڌين کي مدد ڏين ۽ ڀارتي سرڪار کي مجبور ڪري، سندن مظلوم سنڌي ڀائرن جي مدد لاءِ تيار ڪن، ته ان ۾ ڪهڙو ڏوھ آهي اها فطري ڳالھ آهي، سنڌ جي آزاديءَ بعد گهڻا سنڌي هندو، جي هن وقت ڀارت اندر چڱي جائداد ۽ نوڪريون حاصل ڪري ويا آهن، سي شايد پوئتي موٽي نه اچن. پر جيڪي موٽي ايندا سي اهي هوندا، جن کي وطن لاءِ محبت هوندي ۽ هو صرف ان جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايندا ۽ استحصال لاءِ نه ايندا، هن وقت ڀارت جي سماجي زندگيءَ ۾سمائجي ويا آهن. ممڪن آهي، ڪيترا منجهانئن نه اسان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ دلچسپي وٺن، ۽ نه وري اتان ٺهيل ٺڪيل زندگيءَ کي ڇڏي موٽي هتي اچن. هتي صرف اهي ايندا، جن کي اسان جي قومي آزاديءَ ۾ اصولن ڪري همدردي هوندي. اهي جنگ آزاديءَ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، سنڌ ۾ اسان سان هڪجهڙا حصيدار ٿي سگهن ٿا ـ

جي ايم سيد مسجد منزل گاهه تحريڪ جي قيادت ڪئي ۽ پنھنجي ڪتاب سنڌ ڳالھائي ٿي ۾ ھن اعتراف ڪيو آھي تہ سنڌ جي ھندن ۾ مسلمانن خلاف تعصب ھيو ۽ انھن ٽرانسفر آف پراپرٽي ايڪٽ ۽ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ م سنڌي مسلمان ھارين جي حق ۾ ھن جي تجويز ڪيل ترميمن ۾ سندس ساٿ ان جي ڪري نہ ڏنو تہ ان سان ھندو بنين يا وياج جو ڌنڌو ڪندڙن کي نقصان پئي ٿيو، جنهن سبب جي ڪري جي ايم سيد کي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿي مسلمانن لاءِ جدوجھد جي ضرورت پئي.مسجد منزل گاهه تحريڪ سان ٿيل فسادن جي ڪري ھڪ ھزار سنڌي ھندن جي مارجي وڃڻ ڪري علامہ آء آء قاضي کيس خط لکي ميار ڏني ھئي تہ شاهہ صاحب توھان مان اھا اميد نہ ھئي.ھن جو آخري وقت تائين اھو نظريو رھيو تہ 1954 کان اڳ سنڌ ۾ آيل ڌاريا سڀ سنڌي آهن. ھن جو اھو خيال ظاهر ڪري ٿو تہ ھي سنڌ مان ھندن جي نيڪالي ۽ مسلمانن جي آمد جو مخالف نہ ھيو.

پاڪستان سنڌين لاءِ جيل کان بدتر

سنواريو

پاڪستان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيل کان بدتر آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته: ـ قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾ ان ڪري سنڌين جي، پاڪستان جي ڊهڻ ، سنڌوديش جي آزاد ٿيڻ جي خواهش فطري آهي. امير خسروعليه الرحمت فرمايو آهي ته: ـ ڪافر عشق مسلامني مرادرڪار نيست هر رگ من تار گشـت حاجـت زناز نيست يعني عشق جو ڪافر آهيان. اوهان جي مسلمانيءَ جي مون کي ضرورت نه آهي. منهنجي رڳ رڳ جڻيا ٿي ويئي آهي هاڻ سنڌيان حالت تي پهتا آهن، جو مهاجر پنجابي غلامي هيٺ رهڻ کان منڪر ٿي چڪا آهن. پاڪستان جيڪڏهن بهشت آهي، ته آزاد سنڌ وارو دوزخ کين وڌيڪ قبول آهي. سنڌين لاءِ اها خوشي ٿوري ٿيندي ته هن غلاميءَ کان آزاد ٿي ۽ خودمختياري بنجي اقوام متحده جا ميمبر بنجن ـ

سندھودیش
 
چنڊا
راجکعر: ڪراچي
رقبو: 140,914 km²
ماڻھو ڳڻپ: 49,978,000
   

سنڌوديش جي قيام مان فائدا

سنواريو

سنڌ ۽ سنڌي هزارين ورهين کان جدا ملڪ ۽ قوم رهيا آهن، انهيءَ ڪري هنن جي آزاديءَ، فطري ڳالھ ۽ سندن جنم جو حق آهي، جيڪڏهن پکيءَ کي هڪ طرف سوني پڃري ۾رکي، طرح طرح جا طعام کارائجن ۽ ٻئي طرف ٻاهر آزاديءَ جي هوا کي، سوني پڃري ۾ صدها نعمتن کان وڌيڪ پسند ڪندوـ عمر بادشاھ مارئيءَ کي زوريءَ کڻي، محلات ۾ اچي رهايو هو. جتي طرح طرح جا طعام ريشمي ۽ زربفت جا ڪپڙا، عاليشان محل ۽ سوين سکن جا سامان موجود هئا. پر مارئيءَ کي سدائين پکن، جهوپڙين، پنهوارن لنبن، لاڻن، ڏٿ، کٿن، ۽ لوين ۽ ڦاٽل ڪپڙن جي ياد ستائيندي رهندي هئي. سدائين دعائون گهرندي هئي ته شال! موٽي ملڪ وڃي، مارن سان ملي. هوءَ سدائين ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ تالنجي ٽٽڻ لاءِ دعا گهرندي هئي ۽ چوندي هئي ته: ـ ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي

البت پاڪستان کي ختمڪري سنڌوديش قائم ڪرڻ لاءِ سنڌين کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي مهاجر پنجابي سامراجي، جن کائي ڏٺو آهي، سي مٿي مارائي کانسواءِ سنڌ کي آزاد ڪرڻ نه ڏيندا. تنهن ڪري آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ ضروري آهن. هيڪر تباهي ايندي، پوءِ فائيدا حاصل ٿيندا ـ

الف: سنڌ جا صل رهاڪو جن مان ڪي عرب نسل جا، ڪي بلوچ، پٺاڻ، ڪي گجراتي، ڪي پنجابي هئا، سي سنڌ ۾ رهڻ بعد ان جو ڪلچر ۽ زبان اختيار ڪري ويا آهن ب: سنڌي هتي جا ڄاول نپنل آهن، سندس وڏا هن ملڪ ۾ دفن ٿا آهن.انهن کي ملڪ سان اڪيچار محبت ٿي ويل آهي. اهي سنڌ جي زبان، ڪلچر، روايات، سياسي مفاد ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهن ٿا ت: سنڌين مان جيڪڏهن ڪي واپار، گذر معاش خاطر ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ته به اتان پئسا ڪمائي خرچ اچي سنڌ ۾ ڪندا هئا ث: سنڌين ٻئي ڪنهن ملڪ ۽ قوم تي حملو نه ڪيو آهي.نه وري ڪنهن جو استحصال ڪيو آهي

سنڌ ۾ 26 سال رهڻ جي باوجود هو نه سنڌي زبان سکيا آهن، نه ان جو ڪلچر اختيار ڪيو اٿن. مورڳو سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي منظم طريقي سان ختم ڪرڻ جي پٺيان اچي پيا آهن. سنڌ جي پاڻي پيئڻ، کاڌي کائڻ ۽ ان ۾ جاءِ پناھ ملڻ جي باوجود انهن پاڻ کي لکنوي، بديوني، دهلوي سڏائي ڪراچيءَ ۽ ٻين وڏن شهرن تي غير سنڌين جا نالا رکي، ان جي قديم روايات کي مٽائڻ جو گناھ ڪيو آهي

پنجون دليل سنڌي عوام کي مهاجر پنجابي سامراجي ۽ سندن ايجنٽ، پنهنجي تسلط هيٺ رکڻ لاءِ، اهو ڏين ٿا ته پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت آهي، انهيءَ کي ٽوڙڻ ڪري اسلام کي نقصان پهچندو. اها ڳالھ به سراسر غلط آهي، پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت نه آهي، انڊونيشيا، روس چين ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ هن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا اهو به صحيح نه آهي ته پاڪستان جي ٽٽڻ ڪري، اسلام کي نقصان پهچندو. پاڪستاني حڪومتن جو اسلام سان واسطو ڪونه رهيو آهي. اهڙا نعرا حڪمران طبقي، سنڌي عوام جو توجھ ملڪ جي حقيقي مسئلن، جهڙوڪ سنڌي قوم ۽ سنڌوديش جي آزاديءَ، ترقيءَ ۽ تعمير کان هٽائي، سندس سامراج ۽ استحصال قائم رکڻ لاءِ هنيا ٿي مون کي پتو آهي ته سنڌين مان ڪيترائي اهڙا آهن، جي هر حاڪم اڳيان پاڻ کي ڪمزور سمجهي، پنهنجي غلامانه ذهنيت سبب ناچارگيءَ جو دليل پيش ڪندا آهن. اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ به هئا، ۽ هاڻي به آهن، پر انهن جي موجودگي ڪڏهن به حق جي آواز کي جهڪو ڪري نٿو سگهي. سنڌي هزارن سالن کان جدا قوم رهيا آهن ۽ هر ٻاهرئين تسلط کان آزادي پئي حاصل ڪئي اٿن هن سامراج کان به آزادي حاصل ڪري ويندا. تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آخر فتح حق وارن کي نصيب ٿئي ٿي ـ

انساني ۽ حيواني ڪردار ۾ اهو تفاوت آهي ته پهرئين ۾ محبت کي اتحاد ۽ امن جو رهبر سمجهي، ان موجب زندگيءَ جو ڪاروبار هلايو وڃي ٿو. ٻئي ۾ خود مطلبيءَ جو اثر هيٺ نفرت جي راھ وٺڻ ڪري، بدمني ۽ فساد پيدا ٿين ٿا. سنڌين جي سياست، سماجي دستورن ۽ مذهبي عقيدن تي محبت جو جذبو حاوي رهيو آهي. سنڌ جي درويشن جو اهو ئي پيغام هو، بقول شاھ عبداللطيف عليه : ـ ڪونهي آ ڳھ اهڙو، جهڙي محبت من

مهمان نوازي

سنواريو

سنڌين ۾ مهمانوازي گهر ڪري ويٺل آهي، ڳوٺ ۾ ڪنهن مسڪين وٽ اتفاق سان ڪو مهمان گهر لنگهي آيو، ته ٻارن جا هٿ جهلي به کاڌو کيس ڏيندا آهن. جي گهر ڪجهه به نه هوندو اٿن، ته قرض کڻي به ان کي کارائيندا آهن، ٻاهران آيلن جي اهڙيءَ طرح مرحبا ڪري سِٺو به گهڻو اٿن. ان ڪري وٽن مثل مشهور آهي ته: ـ آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي سنڌين ۾ قومي بيداري پيدا ٿي رهي آهي. ان ڳالھ کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابر ٿيندو ته سنڌ جي مٿاهين طبقي جي اڪثريت مهاجر پنجابي سامراج جي ڊپ ۽ لالچ ڪري، انهن جي پويان هلي رهي آهي پر جهڙيءَ طرح هو لالچ خاطر ڌارين جا پوئلڳ ٿي رهڻ لاءِ تيار آهن، ساڳيءَ طرح سان هو سنڌين جي هٿ ۾ طاقت اچڻ بعد، انهن جي پوئلڳيءَ ۽ فرمانبرداريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا . هي ابن الوقت هميشه حالتن کي ڏسي، ڍنڍ جي پکين وانگر، ساون سرن ڏي رخ بدلائيندا آهن

پوليس کاتو

سنواريو

پوليس کاتي جي ماڻهن کي پريڊ ڪرڻ، چورين جي ڳولا ڪرڻ، جاسوسي ڪرڻ، ٽريفڪ جو ڪنٽرول ڪرڻ، فسادن کي روڪڻ، بندوق هڻڻ وغيره جا ڪم سپرد ٿين ٿا. نظام اسلاميءَ جا طرفدار ٻڌائي سگهندا ته هو اهو ڪم ملن جي حوالي ڪندا، يا پوليس عملدارن جي مٿان هدايتن لاءِ مُلن کي مقرر ڪري ڪم هلائيندا ـ

پاڪستان ۾ مثالي حڪومت قائم ڪرڻ

سنواريو

ـ هتي انسانن جا بنيادي حق محفوظ نه آهي ـ هتي ننڍين قومن تي مهاجر پنجابي استحصال جاري آهي ـ هتي رشوت ستاني عام جام آهي ـ نشو ۽ شرابخوري، ننڍي پيماني کان وڏي پيماني تائين جاري آهي ـ هتي جوا قانون جائز آهي ـ هتي وياجخوري هر هنڌ هلي رهي آهي ـ هتي بليڪ مارڪيٽي، سمگلنگ، چوريون، ڌاڙا بند نه ٿي سگهيا آهن ـ هتي بيگناھ ماڻهن کي، ، مختلف راءَ رکڻ ڪري، بنا ڪيس هلائڻ جي سزائون ڏنيون وينديون آهن ـ هتي بدڪردار، ڌوڪيبازي، بداخلاق ۽ فرعون صفت سياستدانن کي عوام جو ليڊر ڪوٺيو وڃي ٿو ـ هتي بک ۽ بيروزگاري ۽ ڊاڪ زني عام جام آهي ـ هتي ظلم ، استحصال رواجي ڳالهيون آهن

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

  1. ڪتاب، ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ، ليکڪ جي ايم سيد

ٻاھريان ڳنڍڻا

سنواريو

جيئي سنڌ قومي محاذ