ڪراچي اوڀر ضلعو

سنڌ جو ضلعو

ڪراچي اوڀر ضلعو(انگريزي: Karachi East District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو جيڪو سنڌ جي گادي جي ھنڌ ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ميٽروپوليٽن شھر ڪراچي جي وچ واري ضلعي ڪراچي سينٽرل جي اوڀر ۾ واقع آهي. لان کي اڪثر ڪراچي ايسٽ سڏيو ويندو آهي. ڪراچي شھر پھرين ھڪ ضلعي تي مشتمل ھيو 1987ع م ان کي چئن ضلعن ڪراچي سائوٿ، ڪراچي سينٽرل، ڪراچي ايسٽ ۽ ڪراچي ويسٽ ۾ ورھايو ويو. ھن ضلعي جي تعلقن کي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. ضلعي م ھن وقت ٻہ سب ڊويزنون يا تعلقا ۽ ھڪ ڪنٽونمينٽ واقع آھن. جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. گلزار ھجري سب ڊويزن
  2. گلشن اقبال سب ڊويزن
  3. فيصل ڪينٽونمينٽ
ڪراچي اوڀر
ضلعو
ڊسٽرڪٽ ڪراچي ايسٽ
ڪراچي ايسٽ ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ڪراچي ايسٽ ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ڪراچي اوڀر is located in سنڌ
ڪراچي اوڀر
ڪراچي اوڀر
ڪراچي اوڀر is located in Pakistan
ڪراچي اوڀر
ڪراچي اوڀر
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°53′N 67°05′E / 24.883°N 67.083°E / 24.883; 67.083مڪانيت: 24°53′N 67°05′E / 24.883°N 67.083°E / 24.883; 67.083
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن ڪراچي ڊويزن
ڪراچي اوڀر جا تعلقا *گلشن اقبال سب ڊويزن (اڳوڻو:گلشن ٽائون)
ضلعي جو قيام:
پرويز مشرف واري شھري حڪومتي نظام جي خاتمي بعد ضلعي جو ٻيھر قيام:
1987ع (2001 ۾ شھري حڪومتي نظام ذريعي خاتمو)
2013ع
پکيڙ
 • ڪل 165 ڪ.م2 (64 ميل2)
آبادي ([1]2017)
 • ڪل 29,09,921

2000 ۾ ھن ضلعي کي ڪراچي جي ٻين ضلعن سميت ختم ڪري سٽي گورنمينٽ جي ٽائونن ۾ تبديل ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ھن ضلعي کي چئن ٽائون ۾ ورھايو ويو هو جن ۾ گلشن ٽائون، ڪورنگي ٽائون، لانڍي ٽائون ۽ شاھ فيصل ٽائون شامل ھيا. 11 جنوري 2011 تي سنڌ حڪومت ھن ضلعي کي ٻيھر بحال ڪيو.[2] نومبر 2013 ۾ ھن ضلعي جون ٽي سب ڊويزنون: ڪورنگي سب ڊويزن، شاھ فيصل سب ڊويزن ۽ لانڍي سب ڊويزن ھن ضلعي کان ڌار ڪري ھڪ نئون ضلعو ڪورنگي قائم ڪيو ويو. ڪراچي ڏکڻ ضلعي مان جمشيد ڪوارٽرز ڌار ڪري ھن ضلعي ۾ ملايو ويو . [3][4]

سياسي ۽ انتظامي ورھاست سنواريو

ڪراچي ايسٽ چئن سب ڊويزن ۽ ھڪ فيصل ڪينٽونمينٽ تي مشتمل آهي. ضلعي جي وڌيڪ ورھاست 31 يونين ڪاميٽين ۾ ٿيل آهي ھر يونين ڪاميٽي جا چونڊيل ميمبر ڪائونسلر ھوندا آھن ۽ سربراھ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين ھوندا آھن. ضلعي م قومي اسيمبلي جا () تڪ آھن ۽ صوبائي اسيمبلي جا () تڪ آھن.

يونين ڪاميٽيون ۽ يونين ڪاؤنسلون سنواريو

نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2003 تحت شھري علائقن م يونين ڪاؤنسل جو نالو تبديل ڪري يونين ڪميٽي رکيو ويو آهي[5] ۽ ٻھراڙيءَ ۾ يونين ڪاؤنسل کي ساڳيو يونين ڪاؤنسل سڏبو آهي. ھن ضلعي جي يونين ڪاميٽين جو تعداد 31 آهي[6]، ۽ ڪوبہ ٻھراڙيءَ جو علائقو نہ ھجڻ ڪري اتي ھاڻي ڪابه يونين ڪاؤنسل ڪانه آھي. ڪراچي ويسٽ شھري علائقن جون 46 يونين ڪاميٽيون ۽ ٻھراڙيءَ جون 6 يونين ڪاؤنسلون آھن ۽ انھن جو ٽوٽل 52 آھي[7]. ڪورنگي ۾ 37 يونين ڪاميٽيون آھن ، ملير ۾ 32 يونين ڪاؤنسلون ۽ 13 يونين ڪاميٽيون ٽوٽل 45 يو سي آھن، ڪراچي سائوٿ ۾ 31 يونين ڪائونسلون ۽ يونين ڪاميٽيون آھن ھن ضلعي م ھيٺيون 42 يونين ڪاميٽيون (يونين ڪاؤنسلون) واقع آھن[8]:

ڪراچي ايسٽ جون موجوده يونين ڪاميٽيون[6]
# يونين ڪاميٽي تعلقو آبادي
1 يو سي اختر ڪالوني 1 فيروز آباد سب ڊويزن
2 يو سي منظور ڪالوني ون 2 فيروز آباد سب ڊويزن
3 يو سي اعظم بستي 3 فيروز آباد سب ڊويزن
4 يو سي چنيسر ڳوٺ 4 فيروز آباد سب ڊويزن
5 يو سي محمود آباد 5 فيروز آباد سب ڊويزن
6 يو سي منظور ڪالوني ٽو 6 فيروز آباد سب ڊويزن
7 يو سي پي اي سي ايڇ ايس ون 7 فيروز آباد سب ڊويزن
8 يو سي پي اي سي ايڇ ايس ٽو 8 فيروز آباد سب ڊويزن
9 يو سي جٽ لينڊ لائينز 9 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
10 يو سي سينٽرل جيڪب لائن 10 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
11 يو سي بھائينڊ جيڪب لائن 11 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
12 يو سي دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي 12 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
13 يو سي جمشيد ڪوارٽرز 13 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
14 يو سي فاطمه جناح ڪالوني 14 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
15 يو سي گارڊن ايسٽ 15 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
16 يو سي سولجر بازار 16 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
17 يو سي پاڪستان ڪوارٽرز 17 جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
18 يو سي سوڪ سينٽر 18 گلشن اقبال سب ڊويزن
19 يو سي پي آء بي ڪالوني 19 گلشن اقبال سب ڊويزن
20 يو سي عيسا نگري 20 گلشن اقبال سب ڊويزن
21 يو سي گلشن اقبال ون 21 گلشن اقبال سب ڊويزن
22 يو سي گيلاني ريلوي اسٽيشن22 گلشن اقبال سب ڊويزن
23 يو سي شانتي نگر 23 گلشن اقبال سب ڊويزن
24 يو سي جمالي ڪالوني 24 گلشن اقبال سب ڊويزن
25 يو سي گلشن اقبال ٽو 25 گلشن اقبال سب ڊويزن
26 يو سي نيو ڍوراجي 26 گلشن اقبال سب ڊويزن
27 يو سي پھلوان ڳوٺ 27 گلزار هجري سب ڊويزن
28 ميٽروول ڪالوني 28 گلزار هجري سب ڊويزن
29 يو سي گلزار هجري 29 گلزار هجري سب ڊويزن
30 يو سي صفوران ڳوٺ 30 گلزار ھجري سب ڊويزن
31 يو سي گجھڙو 31 گلزار هجري سب ڊويزن

گلشن ٽائون ۽ جمشيد ٽائون سنواريو

ڪراچي اوڀر ضلعي جي 2013ع ۾ بحالي کان اڳ واريون ڪل 26 يونين ڪاؤنسلون ھيون، جيڪي ان وقت گلشن ٽائون ۽ جمشيد ٽائون جو حصو ھيون. 2013 ۾ ضلعي جي بحالي بعد يونين ڪاؤنسلون ختم ڪري ڪجھ ڦيرگهير سان 31 يونين ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن:

موجودہ ڪراچي اوڀر ضلعي جا 2013 م بحالي کان اڳ وارا علائقا


   

جمشيد ۽ گلشن ٽائون جون يونين ڪاؤنسلون
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪاؤنسل
1 يو سي 1 اختر ڪالوني 2 يو سي 2 منظور ڪالوني
3 يو سي 3 اعظم بستي 4 يو سي 4 چنيسر ڳوٺ
5 يو سي 5 محمود آباد 6 يو سي 6 پي اي سي ايڇ ايس I
7 يو سي 7 پي اي سي ايڇ ايس II 8 يو سي 8 جوٽ لائين
9 يو سي 9 سينٽرل جيڪب لائينز 10 يو سي 10 جمشيد ڪوارٽرز
11 يو سي 11 گارڊن ايسٽ 12 يو سي 12 سولجر بازار
13 يو سي 13 پاڪستان ڪوارٽرز 14 يو سي 1 دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
15 يو سي 2 سوڪ سينٽر 16 يو سي 3 پي آء بي ڪالوني
17 يو سي 4 عيسا نگري 18 يو سي 5 گلشن اقبال I
19 يو سي 6 گيلاني ريلوي اسٽيشن 20 يو سي 7 شانتي نگر
21 يو سي 8 جميل ڪالوني 22 يو سي 9 گلشن اقبال II
23 يو سي 10 پھلوان ڳوٺ 24 يو سي 11 ميٽروول
25 يو سي 12 گلزار هجري 26 يو سي 13 صفوران ڳوٺ

تاريخ سنواريو

ھن ضلعي جو قيام 1987ع م عمل ۾ آيو جڏھن ڪراچي ضلعي کي چئن ضلعن: ڪراچي ايسٽ، ڪراچي ويسٽ ، ڪراچي سائوٿ، ڪراچي سينٽرل ۾ ورھايو ويو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھن ضلعي وارو علائقو پورو ٻھراڙيءَ ھيو جتي مختلف ڳوٺ واقع ھيا. ھن ضلعي م موجوده ڪورنگي ضلعي جا اڪثر علائقا ڪورنگي سميت شامل ھيا 2013 م انھن علائقن کي ڌار ڪري ڪورنگي جي نالي سان ھڪ نئون روينيو ضلعو قائم ڪيو ويو.

جاگرافي سنواريو

ھن ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ لانگيٽيوڊ ۾ 67.1060353 ۽ ليٽيٽيوڊ ۾ 24.873212 تي آھي. سمنڊ جي سطح کان ھن ضلعي جي سراسري بلندي 9 ميٽر يا 30 فوٽ آهي[9].ھي ضلعي سمند جي ڪناري کان اٽڪل 4 کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اندر واقع آهي. ھن شھر جي موسم اونھاري م گرم ۽ گھميل ھوندي آھي. سڀ کان گھڻي گرمي جون جي مھيني ۾ 41 سينٽي گريڊ تائين ٿيندي آهي. سياري م ھتان جي موسم سرد ٿيندي آهي. ڪراچي شھر م ھوا جي اندر تمام گھڻي گھم ھڪ ماحولياتي مسئلو آهي جنھن جي . نتيجي م شھر جي مختلف حصن ۾ بيٺل ڪنو پاڻي سج جي گرميءَ تي ٻاڦ ٿي اڏامي نہ ٿو. ان کان علاوه گاڏين ۽ فيڪٽرين جو دونهون شھر م سامونڊي ھوائن جي باوجود ان گھم جي ڪري آلودگي کي تيزي سان وڌائي ٿو[10]. اھڙي طرح ھي ضلعو پڻ ان ماحولياتي مسئلي جو شڪار آهي.

آبادي سنواريو

ھن ضلعي جي آبادي پھرين مارچ 1998 جي آدمشماريءَ واري ڪاٿي مطابق 14,72,896 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 تي وڌي 29,09,921 ٿي وئي[1]. 165 چورس ڪلوميٽرن تي ڦھليل ھن شھري ضلعي جي آبادي جي گھاٽائي 17,625 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي[1]. آبادي م مردن جو تعداد 15،28،019 ھيو ۽ عورتون 13,79,225 ھيون[1]. کدڙن جو تعداد 223 ھيو. پوري ضلعي جي آبادي 100 سيڪڙو شھري آبادي ھئي[1]. ضلعي م اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي ۽ ٻئي نمبر تي سنڌين جي آھي باقي ٻين ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائيڪي شامل آهن. ضلعي آبادي مان 2,96,469 ماڻھو فيصل ڪينٽونمينٽ م رھن ٿا[1] جن م اڪثريت پنجابين جي آھي. 7,62,850 فيروز آباد سب ڊويزن ۾[1]، 6,44,362 گلشن اقبال سب ڊويزن ۾[1] ، 7,34,410 گلزار هجري سب ڊويزن ۾[1] ۽ 4,71,830 جمشيد ٽائون سب ڊويزن م[1] رھن ٿا.

عدالتي نظام سنواريو

ڪراچي سينٽرل ضلعي جو عدالتي صدرمقام سٽي ڪورٽس واري جڊيشل ڪامپليڪس ۾ آھي جيڪو ڪراچي سائوٿ جي حدن اندر ايم اي جناح روڊ تي ڪي ايم سي مرڪزي آفيس جي پاسي م واقع آھي. ان ڪامپليڪس ۾ ڪراچي ايسٽ جون 61 ڪورٽون واقع آھن جن م سڀ کان وڏي ضلعي عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آھي. ان کان علاوه باقي 14 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ، 13 سينيئر سول ججن جون ۽ 33 سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون عدالتون آھي. سول ججن جي عدالتن جا جج ساڳي وقت فيملي جج پڻ آهن[11]. سينيئر سول جج ساڳي وقت رينٽ ڪنٽرولر پڻ آھن. ان کان سواءِ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ خاص عدالت جي حيثيت م ڪم ڪري پئي. ڪراچي اوڀر جي ضلعي عدالتن جي نظام جو اختيار ضلعي ڪراچي ايسٽ سميت ضلعي ڪورنگي جي علائقي تي پڻ آھي . ضلعي ڪورنگي تي اھو اختيار ڪورنگي جي عدالتي ضلعي جي قيام تائين جاري رھندو[11].

ٿاڻا سنواريو

ڪراچي ايسٽ ۾ شامل ٿاڻن جا نالا شاھراھ فيصل ٿاڻو، سولجر بازار ٿاڻو، عزيز ڀٽي ٿاڻو، سعودآباد ٿاڻو، بھادر آباد ٿاڻو، برگيڊ ٿاڻو، الفلاح ٿاڻو، گلستان جوهر ٿاڻو، جمشيد ڪوارٽرز ٿاڻو، گلشن اقبال ٿاڻو، سھراب ڳوٺ ٿاڻو، پي آء بي ٿاڻو، ماڊل ڪالوني ٿاڻو آھن[12].

تصويرون سنواريو

 
ڪراچي ۾ گلشن ٽائون ۾ واقع سفاري پارڪ
 
گلشن ٽائون ۾ واقع نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم

حوالا سنواريو