عباسي خلافت
عباسي خلافت (Abbasid dynasty), اسلام جي عظيم ۽ اهم خلافت هئي. خلافت اميہ جي خاتمي سان عباسي گھراڻي ھن نئين خلافت جو بنياد وڌو . خلافت جو نالو عباسين حضرت محمد صلي عليه والهٖ وسلم جي ننڍي چاچي حضرت عباس رضي الله عنه (566-653) جي پٺيان رکيو. انھن جي دعويٰ هئي تہ اھي حضرت عباس رضي الله عنه جي پشت مان آهن. هنن حڪومت گهڻو ڪري بغداد هاڻوڪي عراق مان ڪئي. ھن خلافت جو بنياد 750ع ۾ أبو العباس عبد الله بن محمد السفّاح رکيو جيڪو عباسي گھراڻي جو پھريون خليفو ھيو. اھا خلافت بغداد ۾ 1258 ۾ ختم ٿي[2]، پر رسمن مصر ۾ 1517 تائين قائم رھي.
خلافت عباسيہ ٱلْخِلَافَة ٱلْعَبَّاسِيَّة | |
---|---|
750 1258 (بغداد ۾ زوال )
1261– 1517 (قاھرہ ۾ زوال) | |
حیثیت | ايمپائر (750–1258) رسمي شاھي گھراڻي جي بنياد تي قاھرہ ۾ مملوڪ سلطنت (1261–1517) |
گادي جو هنڌ | |
مذهب | سني اسلام |
حڪومت | خلافت |
شروع ۾ هنن ڪوفي کي پنهنجي خلافت جو مرڪز بڻايو پر بعد ۾ خليفي المنصور 662 ۾ ساناني سلطنت جي گادي جي هنڌ سيٽسفون ڀرسان بغداد جو شهر جو بنياد رکيو جيڪو ايران جي سرحد جي ڀرسان هو. ان وقت خلافت عباسيہ گهڻو تڻو ايراني ڪامورن تي اعتماد ڪيو ۽ ڪيترن حڪمران خليفن ايراني رسمون کي پڻ اپنايو.
عباسين جو دور اسلام جو سنهري دور سڏجي ٿو. هن دور ۾ بغداد علم ادب سائنس تحقيق ايجادات جو مرڪز بڻجي ويو هر طرف کان ماڻهن علم حاصل ڪرڻ لاء بغداد جو رخ ٿي ڪيو.
مملوڪ سلطنت جي سلطان ملڪ ظاهر بيبرس عباسي شهزادي ابو القاسم احمد جي هٿ تي بعيت ڪئي ۽ عباسين جو خطبو پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ انهن جو سڪو بڻ جاري ڪيو. ان کان پوء خلافت عباسيہ جو مرڪز قاهره بڻجي ويو. پر 1517 ۾ عثمانيه خلافت ۾ قاهره جي فتح سان عباسي خلافت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو.
تاريخ
سنواريوبنو اميہ جي خلافت جو خاتمو ان پروپيگنڊا سان ٿيو تہ انھن خلافت جي اصولن کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ اھو مطالبو بہ اٿيو ته خلافت حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي رضه جي خاندان بني ھاشم کي ملڻ کپي، شيعن کي حضرت علي جي وارثن سان عقيدت ھئي پر عباسين انقلاب جي سرواڻي پئي ڪئي انھن پاڻ کي حضرت عباس رضہ جي نسبت سان بني ھاشم گھراڻي مان وارث قرار ڏئي اقتدار پنھنجي ھٿ ۾ ورتو[2].1258 ۾ منگولن بغداد تي حملو ڪري بغداد کي تباھ ڪري ۽ عباسي گھراڻي جي فردن جو قتل عام ڪري ھن خلافت جو خاتمو آندو. ھن گھراڻي جا ڪجهه فرد مصر ڀڄي ويا جتي عباسين جي ھڪ نالي ماتر حڪومت قائم رھي[2].
زوال
سنواريوعباسي خلافت ٻن صدين تائين بغداد مان خلافت ڪئي پر بعد ۾ هنن جي خلافت وڏي تيزي سان گهٽجڻ لڳي ايران ۾ مقامي حڪمرانن واڳون سنڀاليون جڏهن تہ آفريڪا ۾ شيعن خلافت فاطميہ جو بنياد رکيو. ۽ الغابيہ سلطنت پڻ اتر آفريڪا ۾ وجود ۾ آئي. سنڌ ۽ مسلم اسپين جون واڳون پڻ هنن جي هٿن مان نڪري ويون. پر آخر ۾ منگول سلطنت حڪمران هلاڪو خان جي هٿ هيٺ عباسن جو 1258 ۾ مڪمل خاتمو آندو.
خليفا جي فهرست
سنواريونمبر | خليفا | لقب | خلافت | خلافت جي گادي جو هنڌ |
---|---|---|---|---|
1 | أبو العباس عبد الله السفاح | - | 25 جنوري 750 - 10 جون 754 | بغداد |
2 | أبو جعفر عبدالله بن محمد المنصور | المنصور | 10 جون 754 - 6 آڪٽوبر 775 | بغداد |
3 | أبو عبد الله محمد بن عبد الله المنصور | المهدي | 6 آڪٽوبر 775 - 24 جولاء 785 | بغداد |
4 | أبو محمد موسى بن المهدي الهادي | الهادي | 24 جولاء 785- 14 سيپٽمبر 786 | بغداد |
5 | هَارُون الرَشِيد | 14 سيپٽمبر 786 - 24 مارچ 809 | بغداد | |
6 | محمد الأمين بن هارون الرشيد | الامين | 24 مارچ 809 - 27 سيپٽمبر 813 | بغداد |
7 | أبو العباس المأمون | المامون | 27 سيپٽمبر 813 - 7 آگسٽ 833 | بغداد |
8 | أبو إسحاق محمد بن هارون الرشيد | المعتصم | 9 آگسٽ 833 - 5 جنوري 842 | بغداد |
9 | أبو جعفر هارون بن محمد المعتصم | الواثق باللہ | 5 جنوري 842 - 10 آگسٽ 847 | بغداد |
10 | جعفر بن محمد المعتصم بالله | المتوڪل | 10 آگسٽ 847 - 10 ڊسمبر 861 | بغداد |
11 | أبو جعفر محمد | المنتصر بالله | 11 ڊسمبر 861 - 7 جون 862 | بغداد |
12 | أحمد بن محمد | المستعين بالله | 8 جون 862 - 17 آڪٽوبر 866 | بغداد |
13 | أبو عبد الله محمد بن جعفر | المعتز | 25 جنوري 866 - 13 جولاء 869 | بغداد |
14 | أبو إسحاق محمد المهتدي بالله | المهتدي | 21/22 جولاء 869 - 21 جون 870 | بغداد |
15 | أبو العباس أحمد المعتمد على الله | المعتمد | 16 جون 870 - 15 آڪٽوبر 892 | بغداد |
16 | أحمد المعتضد بالله | المعتضد بالله | 15 آڪٽوبر 892 - 5 اپريل 902 | بغداد |
17 | أبو محمد علي بن أحمد | المڪتفي بالله | 5 اپريل 902 - 13 آگسٽ 908 | بغداد |
18 | أبو الفضل جعفر بن أحمد المعتضد | المقتدر بالله | 13 آگسٽ 908 - 28 فيبروري 929 | بغداد |
19 | أبو منصور محمد القاهر بالله | القاهر بالله | مارچ 929 | بغداد |
ٻيو دفعو | أبو الفضل جعفر بن أحمد المعتضد | المقتدر بالله | 2 مارچ 929 - 31 آڪٽوبر 932 | بغداد |
ٻيو دفعو | أبو منصور محمد القاهر بالله | القاهر بالله | 31 آڪٽوبر 932 - 24 اپريل 934 | بغداد |
20 | أبو العباس محمد بن جعفر المقتدر | الراضي بالله | 24 اپريل 934 - 12 ڊسمبر 940 | بغداد |
21 | أبو إسحاق إبراهيم المتقي لله | المتقي | 15 ڊسمبر 940 - 26 آگسٽ 944 | بغداد |
22 | أبو القاسم عبد الله | المستڪفي بالله | 26 آگسٽ 944 - 28 جنوري 946 | بغداد |
23 | أبو القاسم الفضل | المطيع لله | 28 جنوري 946 - 4 آگسٽ 974 | بغداد |
24 | أبو بڪر عبد الڪريم | الطائع بالله | 4 آگسٽ 974 - 30 آڪٽوبر 991 | بغداد |
25 | أبو العباس أحمد | القادر | 1 نومبر 991 - 29 نومبر 1031 | بغداد |
26 | أبو جعفر عبد الله القائم بامر الله | القائم بامر الله | 29 نومبر 1031 - 2 اپريل 1075 | بغداد |
27 | أبو القاسم عبد الله | المقتدى | 2 اپريل 1075 - 3 فيبروري 1094 | بغداد |
28 | أبو العباس أحمد المستظهر بالله | المستظهر | 3 فيبروري 1094 - 6 آگسٽ 1118 | بغداد |
29 | أبو منصور الفضل المسترشد بالله | المسترشد بالله | 6 آگسٽ 1118 - 29 آگسٽ 1135 | بغداد |
30 | هو أبو جعفر المنصور الراشد بالله | الراشد | 29 آگسٽ 1135 - 17 آگسٽ 1136 | بغداد |
31 | أبو عبد الله محمد المقتفي لأمر الله | المقتفي لأمر الله | 17 آگسٽ 1136 - 12 مارچ 1160 ع | بغداد |
32 | المستنجد بالله أبو المظفر يوسف | المستنجد بالله | 12 مارچ 1160 - 18 ڊسمبر 1170 | بغداد |
33 | أبو محمد الحسن بن يوسف | المستضيء بأمر الله | 18 ڊسمبر 1170 - 27 مارچ 1180 | بغداد |
34 | أبو العباس أحمد | الناصر لدين الله | 28 مارچ 1180 - 5 آڪٽوبر 1225 | بغداد |
35 | أبو النصر محمد الظاهر بأمر الله | الظاهر بأمر الله | 5 آڪٽوبر 1225 - 10 جولاء 1226 | بغداد |
36 | أبو جعفر "المستنصر بالله" المنصور | المستنصر بالله | 10 جولاء 1226 - 5 ڊسمبر 1242 | بغداد |
37 | أبو عبد المجيد "المستعصم بالله" عبد الله | المستعصم باللہ | 5 ڊسمبر 1242 - 20 فيبروري 1258 ع | بغداد |
38 | أبو القاسم أحمد بن محمد الظاهر | المستنصر بالله ٻيون | 13 جون 1261- 28 نومبر 1261 | قاہرہ |
39 | أبو العباس أحمد | الحاڪم بأمر الله پهريون | 21 نومبر 1262 - 19 جنوري 1302 | قاہرہ |
40 | أبو الربيع سليمان | المستڪفي بالله | 20 جنوري 1302 - فيبروري 1340 | قاہرہ |
41 | إبراهيم الواثق بالله | الواثق بالله پهريون | فيبروري 1340 - 16 جون 1341 ع | قاہرہ |
42 | أحمد الحاڪم بأمر الله | الحاڪم بأمر الله ٻيون | 1341– 1352 | قاہرہ |
43 | أبو بڪر المعتضد بالله | المعتضد بالله پهريون | 1352- 1362 | قاہرہ |
44 | أبو عبد الله محمد | المتوڪل على الله پهريون | 1362- 1377 | قاہرہ |
45 | زڪريا المستعصم بالله | المستعصم بالله | 1377 - 1377 | قاہرہ |
ٻيو دفعو | أبو عبد الله محمد | المتوڪل على الله پهريون | 1377- سيپٽمبر 1383 | قاہرہ |
46 | عمر الواثق بالله | الواثق بالله ٻيون | سيپٽمبر 1383- 13 نومبر 1386 ع | قاہرہ |
ٻيو دفعو | زڪريا المستعصم بالله | المستعصم بالله | 1386ع - 1389ع | قاہرہ |
ٽيون دفعو | أبو عبد الله محمد | المتوڪل على الله پهريون | 1389 - 1406ع | قاہرہ |
47 | أبو الفضل العباس المستعين بالله | المستعين بالله | 1406ع - 1414ع | مصر جي سلطان طور |
48 | أبو الفتح داود | المعتضد بالله | 1414- 23 جولاء 1441 ع | قاہرہ |
49 | سليمان المستڪفي بالله | المستڪفي بالله ٻيون | 23 جولاء 1441- 29 جنوري 1451 ع | قاہرہ |
50 | أبو البقاء حمزة | القائم بأمر الله | 1451- 1455ع | قاہرہ |
51 | أبو المحاسن يوسف | المستنجد بالله | 1455- 7 اپريل 1479 | قاہرہ |
52 | عبد العزيز | المتوڪل على الله ٻيون | 8 اپريل 1479- 27 سيپٽمبر 1497 | قاہرہ |
53 | يعقوب أبو الصبر المستمسڪ بالله | المستمسڪ بالله | 27 سيپٽمبر 1497-1508 | قاہرہ |
54 | محمد بن يعقوب | المتوڪل على الله ٽيون | 1508 - 1516 | قاہرہ |
محمد بن يعقوب کان پوءَ عباسي خاندان جي حڪومت ختم ٿئي ۽ سلطنت عثمانيه جي حڪومت شروع ٿي.
حوالا
سنواريو- ↑ The Abbasid Revolution against the Umayyad Caliphate adopted black for its rāyaʾ for which their partisans were called the musawwids. Tabari, Jane McAuliffe, وڪي نويس., Abbāsid Authority Affirmed, SUNY, صفحو. 124 Their rivals chose other colours in reaction; among these, forces loyal to Marwan II adopted red. Patricia Crone (2012). The Nativist Prophets of Early Islam. p. 122.. The choice of black as the colour of the Abbasid Revolution was already motivated by the "black standards out of Khorasan" tradition associated with the Mahdi. The contrast of white vs. black as the Umayyad vs. Abbasid dynastic colour over time developed in white as the colour of Shia Islam and black as the colour of Sunni Islam: "The proselytes of the ʿAbbasid revolution took full advantage of the eschatological expectations raised by black banners in their campaign to undermine the Umayyad dynasty from within. Even after the ʿAbbasids had triumphed over the Umayyads in 750, they continued to deploy black as their dynastic colour; not only the banners but the headdresses and garments of the ʿAbbasid caliphs were black [...] The ubiquitous black created a striking contrast with the banners and dynastic color of the Umayyads, which had been white [...] The Ismaili Shiʿite counter-caliphate founded by the Fatimids took white as its dynastic color, creating a visual contrast to the ʿAbbasid enemy [...] white became the Shiʿite color, in deliberate opposition to the black of the ʿAbbasid 'establishment'." Jane Hathaway, A Tale of Two Factions: Myth, Memory, and Identity in Ottoman Egypt and Yemen, 2012, p. 97f. After the revolution, Islamic apocalyptic circles admitted that the Abbasid banners would be black but asserted that the Mahdi's standard would be black and larger. David Cook (2002). Studies in Muslim Apocalyptic, p. 153. Anti-Abbasid circles cursed "the black banners from the East", "first and last". Patricia Crone (2012). The Nativist Prophets of Early Islam. p. 243.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages#52,